Pages

Labels

Sunday 18 March 2012

مولوين جي ڌمڪين کان نٿا ڊڄون، لطيف جي ڌرتي نه ڇڏينداسين، هندو پنچائت ماٿيلو

مولوين جي ڌمڪين کان نٿا ڊڄون، لطيف جي ڌرتي نه ڇڏينداسين، هندو پنچائت ماٿيلو

ميرپور ماٿيلو (نعيم ڪولاچي) هندو پنچائت ميرپور ماٿيلو جي مکي ڊاڪٽر نند لال ڊاڪٽر ميهر چند تلريجا ۽ ٻين عوامي آواز سان خصوصي ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته مولوي مفتي نواب مولوي آدم ۽ ٻين پاران اخبارن ۾ ڏنل بيان ۾ فريال بي بي کي واپس ڪرائڻ لاءِ 4 هند ناريون اغوا ڪنداسين فريال کي هندن حوالي ڪيو ويو ته ڪير به رتوڇاڻ کان روڪي نه سگهندو اهڙا بيان مذهبي ماڻهن طرفان هندن کي ڌمڪائي رهيا آهن ته جيئن هندو برادري رنڪل ڪماري جي اغوا واري معاملي تان هٿ کڻي وڃي. هن وڌيڪ چيو ته هندو برادري طرفان اهڙي قسم جا بيان ڏيندڙن خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪنداسين جڏهن ته هندو برادري کي ڪوبه نقصان پهتو ته ان جي ذميوار سنڌ حڪومت هوندي هن چيو ته هندو برادري سان ظلم جي انتها ٿي وئي آهي هڪ طرف بندوق جي زور تي اغوا ڪري نياڻين کي مسلمان ڪرايو پيو وڃي ته ٻي طرف سرعام اسان کي ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن اسان جا ٻچا گهرن ۾ قيد آهن. ٻارڙن کي ڌمڪين سبب اسڪول نٿا موڪليون پر اسان انهن بيان ڏيندڙ ماڻهن کي ٻڌائڻ چاهيون ٿا ته اسان ڪنهن کان به نٿا ڊڄون اسان شاهه لطيف ۽ قلندر شهبازجي ڌرتي نه ڇڏينداسين، ڀلي ڪيترو به ظلم ڪيو وڃي پر سنڌ ڌرتي نه ڇڏينداسون.



نوشهرو فيروز : رنڪل ڪماري جي اغوا خلاف ريلي

نوشهروفيروز (ڊ ر) : سنڌ ڄائي رنڪل ڪماري جي اغوا ۽ ميان مٺو جي گرفتاري لاءِ نوشهري فيروز ۾ آل پارٽيز الائنس ۽ وومين پروٽيڪشن فورم پاران احتجاجي ريلي ڪڍي جيڪا الڪوثر چوڪ کان ٿيندي پريس ڪلب نوشهري فيروز پهتي. جتي رنڪل ڪماري جي بازيابي ۽ ميان مٺو جي گرفتاري لاءِ نعري بازي ڪئي وئي. مظاهرين جي اڳواڻي اي پي اي اڳواڻ گل مورو، فورم جو چيئرمين عبدالشڪور عباسي، عبدالجبار مڱريو، احسان سيال، امبرين ڦل ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا. مظاهري کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته سنڌ ۾ سنڌي هندن سان ڏاڍ ۽ جبر جو سلسلو ختم ٿيڻ گهرجي. مخصوص قوتون سنڌ ۾ سنڌي هندن جي نياڻين کي ڄاڻي واڻي اغوا ڪري سنڌ مان هندن کي نيڪالي ڏيڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن. جيڪو عمل مذمت جوڳو آهي. هنن ڇيو ته سنڌ مان چار سنڌي هندن جون نياڻيون اغوا ڪيون ويون آهن. ان ۾ خفيا هٿ ۽ سنڌ جا هٿ ٺوڪيا ڀوتار ملوث آهن. هنن اهو پڻ اعلان ڪيو ته اي پي اي پاران رنڪل ڪماري ۽ سنڌي هندن جي اغوائن وارن واقعن خلاف اي پي سي ڪوٺائي ويندي.




No comments:

Post a Comment