Pages

Labels

Friday 9 March 2012

هندو نياڻين جي اغوا خلاف عوامي تحريڪ جي سڏ تي ڪارڪن سراپا احتجاج

هندو نياڻين جي اغوا خلاف عوامي تحريڪ جي سڏ تي ڪارڪن سراپا احتجاج

ڪراچي/سکر (نمائندن وٽان): هندو نياڻين جي اغوا خلاف عوامي تحريڪ جي سڏ تي سنڌ سراپا احتجاج بڻجي وئي آهي. ان حوالي سان رپورٽن موجب ڪراچيءَ ۾ زاهده شيخ، فهميده سومرو ۽ ٻين طرفان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. شڪارپور ۾ زاهد گهلو، شاهنواز ابڙي ۽ ٻين بک هڙتال ڪئي. حيدرآباد ۾ حيدر چوڪ تي علامتي بک هڙتال ڪئي وئي. ان موقعي تي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر اياز لطيف پليجي چيو ته سنڌ ۾ اقليتن سان ظلم ڪيو پيو وڃي. جيڪو برداشت نه ڪيو ويندو. جڏهن ته اولڊ ڪيمپس کان پريس ڪلب تائين سياسي ۽ سماجي ڌرين پڻ ريلي ڪڍي جن هندو نياڻين کي اغوا جي مذمت ڪئي. ٺٽي ۾ عالم شاهه، بلاول لاشاري ۽ ٻين پريس ڪلب اڳيان علامتي بک هڙتال ڪئي. قمبر ۾ ظفر لاڙ، جمال چانڊيي ۽ منان پريس ڪلب سامهون احتجاج ڪيو. ڪنڌڪوٽ ۾ حبيب مگسي، سجاد بروهي، ميرپور خاص ۾ زاهده پروين، مائره، انيتا لڇمي، عمرڪوٽ ۾ ڊاڪٽر رسول بخش، محمد علي جوڻيجو، سکر ۾ حيدر شاهه، ذاڪر شيخ، وحيد ڀٽي، ٽنڊي محمد خان ۾ عزيز ٽالپر، ڊاڪٽر مشتاق شورو، هرچند لال، شهدادپور ۾ شاهينه کوسو، نورالنساءَ، ڪويتا ڪماري ۽ دادو ۾ روشن برهماڻي، آفتاب عباسي، سبياڻي برهماڻي، علي اصغر رند ۽ ٻيا رستن تي اچي ويا، جن احتجاجي مظاهرا ڪري بک هڙتال ڪئي. جڏهن ته مٺي ۾ غازي هنڱوري، شاهنواز ۽ ٻين ڪشمير چوڪ تي بک هڙتال ڪئي. دولتپور صفن ۾ مرتضيٰ جوکيي، منصور قادري، محمد خان لاکي ۽ گلاب اوٺي ريلي ڪڍي، نئين ڪوٽ ۽ بدين ۾ به احتجاج ڪيو ويو. جڏهن ته ميرپور ماٿيلي ۾ رنڪل ڪماري جي اغوا خلاف مکي نند، ڊاڪٽر مهيسر چند ۽ منشا رام هندو پنچائت هال کان ڀٽائي چوڪ تائين ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي احتجاجي ريلي ڪڍي. جڏهن ته لاڙڪاڻي ۾ جميل ميمڻ، رفيق لغاري، سارنگ سومري، عنايت عارباڻي ۽ ملڪاڻي شريف ۾ ڊاڪٽر محب ڀيل، سارنگ سنڌي احتجاج ڪيو. ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هو ته رنڪل ۽ لتا ڪماري سميت هندن کي اغوا مذمت جوڳو عمل آهي. هنن اعليٰ اختيارين کان معاملي جو نوٽيس وٺي اغوا ٿيل نياڻين کي فوري طور تي آزاد ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو.


No comments:

Post a Comment