Pages

Labels

Friday 9 March 2012

Asad Chandiyo - What True And What Wrong In Name With Religion

What True And What Wrong In Name With Religion From Sindhi Bharchundi Peer Mian Mitho Who Kidnap Sindhi Niyani Rinkal




سائين سارنگ: ڌرتيءَ جي نياڻين جي عزت، اهميت ۽ زندگي، جيڪڏهن ٻڪريءَ جي مُله کان به ڪريل هجي ته پوءِ، ”نياڻي کي ستَ قرآن سمجهڻ“ جو ڪوڙ ڪندڙ اسان ڪٿي بيٺا آهيون..!؟، ۽ ڇو بيٺا آهيون....!؟
اسان کي پنهنجي جيءَ ۾ جهاتي پائي ڏسڻ گهرجي. اهڙو ڪڌو ڪم ڀلي ڪهڙي به ”مقدس“ نالي ۾ ڇو نه ٿيندو هجي، اُن کي قبول ڪيئن ٿو ڪري سگهجي....!؟

چار ڪلاڪ اڳ، ڀرچونڊي خاندان جي هڪ اهم فرد سان، اٽڪل اڌ ڪلاڪ تائين، مُنهنجي فون تي ڳاله ٿيندي رهي، جنهن ۾ هُن:
”رنڪل کي ان انداز سان مسلمان ڪرڻ کي رد ڪندي چيو ته، ميان مٺو جي ان عمل سان سندن ڪو به تعلق نه آهي، نه ئي هو ان انتها پسنديءَ کي، اسلامي عمل سمجهن ٿا“

ڀرچونڊي خاندان جي ان اهم فرد مطابق:

”رنڪل معاملو ڪو اسلامي جهاد نه پر، انساني حقن جو آهي. ۽ ان معاملي کي مذهبي انتهاپسنديءَ جو ڏنل رنگُ، ميان مٺو ٽولي جي سازش آهي.“

From Facebook

2 comments:

  1. پيرن ۽ ميرن جي اگر ٻڪري به چوري ٿيندي آهي ته پورو ڳوٺ ٻڌرائيندا ۽ ڪٽرائيندا آهن. ته ڇا رنڪل جي مائٽن کي حق ناهي ته هو پنهنجي نياڻيءَ جي وارثي ڪن ؟ ڇا پيرن ۽ ميرن جي جانورن کان به سنڌي ڇوڪريءَ جي اهميت ۽ عزت ڪانهي. هوءَ ڪو رانديڪو ته ڪونهي، هوءَ ته زنده انسان آهي. ڪجه پلن ۾ مسلمان ٿي وئي! ڪجه گهڙين ۾ گم ٿي وئي ! هن کي ڪوٽن ۾ لڪائڻ جو مطلب آهي ته اسلام ۾ ڪا طاقت ڪانهي ! اهو اسلام نه ٿو ٿي سگهي ...اهڙي اسلام کان ڀينگ ڀلي آهي. اهو اسلام نه پر سنڌي سماج جو قتلام آهي( سوشل ميڊيا جي سڀ دوستن کي شابس آهي جن عملي طور پريس ڪلب تي مظاهرو ڪري پنهنجي سنڌيت جو حقيقي رنگ پيش ڪيو آهي. جيئي سنڌ ، ڊاڪٽر سارنگ انصاري نيويارڪ )

    ReplyDelete
  2. الائي ڇو ؟ اڙدو ڳالهائيندڙ ماڻهو هجي يا ٽي وي ِا اخبار ڪوڙا لڳندا آهن. امت اخبار جي سنڌ دشمني ڪنهن کان به ڳجهي ڪانهي. اسان اهو چاهيون ٿا ته رنڪل کي ڪنهن ٽين ڌر جي سامهون آني اتي بيان ڏياريو وڃي. هن کي بيان ڏيڻ کان اڳ اهو يقين هجي ته سندس مائٽ به تحفظ ۾ آهن. پوءِ هوءَ جيڪو بيان ڏي. باقي پاڳل ۽ ڏوهاري ۽ سنڌ دشمن ملان ، يا سنڌ دشمن اخبارن جي بيان سان مسئلو حل ڪو نه ٿيندو. امت اخبار وارا مسلمان هوندا پر انهن ۾ مسلماني آهي ئي ڪا نه. انهن جي هن بيان تي ڪو به سنڌي تڪڙ ۾ ويساه نه ٿو ڪري سگهي
    ( سائين ڊاڪٽر سارنگ انصاري”ڪلاچي سنڌُ“)

    ReplyDelete