Pages

Labels

Wednesday 28 March 2012

رنڪل کي عدالت ۾ پيش ڪرڻ دوران هٿيارن جي نمائش ۽ فائرنگ ماٿيلي شهر تي حملو هو: احمد پتافي


گهوٽڪي(رپورٽ: آزاد مهر)پيپلز پارٽي گهوٽڪي جي ضلعي صدر ايم پي اي سردار احمد علي خان پتافي چيو آهي ته رنڪل معاملو ملڪ جي اعليٰ عدالت ۾ آهي ۽ سپريم ڪورٽ جو فيصلو ٻنهي ڌرين کي تسليم ڪرڻو پوندو ڇاڪاڻ ته سپريم ڪورٽ جا جج توڙي ڌرين جا وڪيل به مسلمان آهن.اهڙن خيالن جو اظهار هُن پريس ڪلب گهوٽڪي جي نئين چونڊيل باڊي پاران ڏنل آجياڻي دوران خطاب ڪندي ڪيو.سردار احمد علي پتافي چيو ته سنڌ ۾ رهندڙ هندو سنڌ امڙ کي ڇڏي وڃڻ جون ڳالهيون نه ڪن ڇو ته اُهي منهنجي برادري کان به وڌيڪ پراڻا سنڌ جا رهواسي آهن ۽ سنڌ ڇڏي وڃڻ جو نقصان هندن ۽ ملڪ کي ٿيندو.هُن وڌيڪ چيو ته هندو سنڌ ڇڏڻ بعد لکين ڌارين جي لوڌ ملڪ ۾ ايندي جن کي سنڌ ۾ ئي آباد ڪيو ويندو ۽ هندو برادري جي ماڻهن پاران سنڌ مان لڏي وڃڻ تان سنڌ جي معيشت کي وڏو ڌڪ رسندو،هن چيو ته هندن کي جيڪا محبت سنڌ مان ملندي اُها کين دنيا جي ڪنهن به ڪنڊ ۾ نه ملندي.هُن رنڪل فريال کي ميرپور ماٿيلو جي عدالت ۾ پيش ٿيڻ وقت ماڻهن پاران سرعام هٿيارن جي نمائش ڪرڻ ۽ فائرنگ ڪرڻ کي ميرپورماٿيلو شهر ۽ اُن جي رهواسين مٿان حملو تصور ڪندي چيو ته اهڙي دهشتگردي جي اعليٰ سطحي جاچ ٿيڻ گهرجي ۽ اُن جي ذميوار ميرپور ماٿيلو،ڏهرڪي جي ايس ايڇ اوز سميت ڊي ايس پي کي معطل ڪري کين قانون مطابق سزا ڏيڻ گهرجي ۽ اُن وقت فائرنگ ڪري دهشتگردي پکيڙيندڙن کي به گرفتار ڪري انهن خلاف ڪيس داخل ڪيو وڃي.هِن چيو ته گهوٽڪي ضلعي جي ڪنهن به شهر ۾ ڪو مسئلو ٿيندو ته پيپلز پارٽي جي ضلعي صدر هجڻ جي ناتي هو اسيمبلي توڙي اسيمبلي کان ٻاهر پنهنجو آواز اٿاريندو رهندو. احمد علي پتافي چيو ته اڳوڻي صدر مشرف کيس کوڙ ساريون آڇون ڪيون پر جمهوريت جي بحالي ۽ عوام جي حقن لاءَ آواز اٿارڻ تي جيل وڃڻو پيو ته به پوئتي نه هٽبو ۽ عوام جي حقن خاطر پنهنجي هر حل ۾ جدوجهد جاري رکندو. سردار احمد علي پتافي پريس ڪلب گهوٽڪي جي نون چونڊيل عهديدارن کي مبارڪون ڏيندي چيو ته ميڊيا جو به جمهوريت جي بحالي لاءِ تمام گهڻيون قربانيون آهن ۽ هاڻ به ميڊيا کي اڃا وڌيڪ طاقتور بنائڻو پوندو ته جيئن ملڪ ۾ آمريت نه اچي سگهي ۽ جمهوري ادار مضبوط ٿي سگهن.هُن چيو ته رنڪل معاملي تي ضلعي جي ڪنهن به سردار هڪ لفظ به نه ڳالهايو پر هُن جو ان معاملي تي واضع موقف رهيو.اُن موقعي تي ايم پي اي پريس ڪلب گهوٽڪي جي مسئلن کي حل ڪرڻ جي پڻ خاطري ڪرائي.

No comments:

Post a Comment