Pages

Labels

Friday 23 March 2012

رنڪل ڪماري! هفتو ڪٿي دنگ ڪندو ؟

رنڪل ڪماري! هفتو ڪٿي دنگ ڪندو ؟

وينگس

----------------------------------------------------------

زندگي سي بڙي سزا هي نهي،


اور ڪيا جرم هي پتا هي نهي،


اتني حصون مين بٽ گيا هون مين،


ميري حصي ۾ ڪچهه بچا هي نهي،


زندگي سي بڙي سزا هي نهي،


سچ گهٽي يا بڙهي، تو سچ نا رهي،


جهوٽ ڪي ڪوئي انتها هي نهي،


جڙ دو چاندي مي چاهي سوني مين،


آئينا جهوٽ بولتا هي نهي،


زندگي سي بڙي سزا هي نهي،


اور ڪيا جرم هي پتا هي نهي.


رنڪل ڪماري جي زندگي تي نظر وجهندي مون کي جگجيت سنگهه جون مٿان گيت ياد ايندو رهيو آهي. مون کي ان جي ڄاڻ ناهي ته ڇا رنڪل به جگجيت سنگهه جو اهو گيت ياد ڪري زندگي کي وڏي سزا قرار ڏئي رهي آهي؟ رنڪل جي اخباري خبر يا وري هن جي چاچي راج ڪمار سان ٿيل ڳالهه ٻولهه ئي منهنجي اڳيان ناهي پر رنڪل جي تصوير به منهنجي سامهون رکيل آهي، جنهن کي ڪير به سلجهيل ۽ عقل رکندڙ ماڻهو سمجهي سگهي ٿو ته رنڪل جي اندر ۾ ڪهڙي اُٿل مچيل آهي؟


هوءَ هڪ اهڙي رچيل راند ۾ ڦاسائي وئي آهي جنهن ۾ رنڪل جو تعلق صرف ايترو آهي ته هوءَ هندو ناري رنڪل آهي. اسان کي هر روز خبرون ملي رهيون آهن اهڙي رياست مان جنهن ۾ جتي ڪٿي رياستون جڙيل آهن.


اسان سڀئي جنهن سماج ۾ رهون ٿا اتي اڄڪلهه ڪوڙ کي سچ ڪرڻ وارا ڪيترا ئي گهڻا هٿڪنڊا استعمال ٿي چڪا آهن. ڇا ڪنهن کي ياد ناهي ته گليلو به چرچ ۾ بيهي پنهنجي ڳالهه تان هٿ کڻي ويو هو پوءِ ڇا انهن سڀني ان جي هٿ کڻڻ تي يقين ڪري ويهي رهيا؟


اهو ضروري ئي ناهي ته جيڪو چيو وڃي اهو هر وقت درست هجي، ان سان گڏ اهو ڏسڻ انتهائي اهم آهي ته ان کان اڳ ڪهڙا حالات ۽ ان کانپوءِ ڇا ٿيندو؟ اسان جو ويچارو معصوم عوام جهٽ پل ۾ اسٽيج تي رومان منير منظرن کي ڏسي جذباتي ٿي ويندو آهي.


جيتوڻيڪ اسٽيج جي پٺيان ڪردارن کي ڪير به ناهي ڏسي سگهندو؟ مان رنڪل جي ڪيس تي اچڻ کان پهرين چڪ واقعي نومبر 2011 کي ورجائيندس، ڇا ان ۾ به هندو ڇوڪرن تي مسلمان ناري جو الزام نه هنيو ويو، جڏهن ته ان ڪيس ۾ پهرين راڄوڻي فيصلي ۾ الزام هيٺ آيل ڌر کي ڏوهاري ٺهرائي انهن کي لکن جي حساب کان پئسه ورتا ويا ۽ پوءِ وري انهن جا ئي 3 بيگناهه ماڻهو قتل ٿيا، ايئن ته ڪير جانور کي به نه قتل ڪندو آهي جيئن انهن چڪ سانحي جي بيگناهه ٽن هندن کي قتل ڪيو. ان کانپوءِ ڪنهن ڪنهن نوٽس ورتو؟ صدر آصف زرداري يقينن نوٽس ورتو پر جيڪو صدر پاڻ ئي پنهنجي پارٽي جي وزيرن کي چئي ته ”توهان کي منهنجي ڳالهه سمجهه ۾ نه ٿي اچي ته مان ڇا پيو چوان.“


پوءِ ڪنهن ڪيئن صدر آصف صاحب جي چڪ سانحي تي ورتل نوٽس کي سمجهيو هجي. ان کان پوءِ ٻيهر هندن کي قتل ڪيو ويو جن جون خبرون ٻه ڪالمي يا وري ننڍڙي باڪس ۾ ڏنيون ويون.


اصل سنڌي گهڻي تعداد ۾ سنڌ ڇڏي وڃي رهيا آهن، ان تي به ڪنهن نوٽس ناهي ورتو ته ائين ڇو ٿيو. هڪ ڳالهه سڄي ماحول ۾ پيدا ٿئي ٿي ته آخر ڪهڙا سبب آهن جو هندن سان هڪدم ئي ظلم ٿيڻ ۽ ڇوڪرو ۽ ڇوڪري جا ڪيسز پيدا ڪيا پيا وڃن؟


اسان سڀني کي چڱي ريت خبر آهي ته عوام جي اڪثريت کي غيرت ۽ مذهب جي نالي تي جذباتي ڪري سگهجي ٿو. ڇا سنڌ ۾ ڪير فساد ڪرائڻ جي موڊ ۾ آهي؟


ڪير ڪنهن لاءِ ماحول جوڙي رهيو آهي؟ ان تي اچڻ کان پهرين مان رنڪل ڪيس تي ايندس، جنهن جي سڄي معاملي کي هڪ طرفو کنيو ويو آهي. جيڪڏهن ڪير ڪجهه چوي يا لکي ٿو ته انهن کي اکيون ڏيکاريون وڃن ٿيون. هاڻي ڪجهه چئبو ته چيو ويندو توهان مخالف ڌر جي چوڻ تي سڀ ڪجهه ڪري رهيا آهيون.


ان جو مطلب لکڻ ڇڏي ڏجي، سچ ۽ ڪوڙ ۾ پيل فرق کي ڏسڻ ڇڏي ڏيون ۽ سچ ۽ ڪوڙ جي ڳالهه ٻڌڻ ڇڏي ڏيون. ڇو جو هتي سڀئي سچا آهن، ڪير ڪنهن کي ڪجهه نه ٿو چئي سگهجي.


اهو ڪيستائين ممڪن آهي، ڪڏهن ته ڪي آواز اُٿندا ۽ سچ سان ڪير ته بيهي ڪري ساٿ ڏيندو. رنڪل ڪيس مون انڊين ٽي وي چينل تي هلندڙ سيريل ”باليڪا وڌو“جيان جي هڪ واقعي جيان محسوس ٿئي ٿو. ان ڊرامي ۾ ڪجهه هن ريت ٿيندو آهي جو آنندي ڳوٺ جي سلجهيل، ذهين ۽ پڙهيل لکيل ڇوڪري هوندي آهي جنهن کان ڳوٺ جو هڪ سياستدان گهڻو خوفزده ٿيل هوندو آهي ته متان هي نينگري هن جا سڀ ووٽ کڻي وڃي ۽ هڪ دفعي آنندي ان جي بد دماغ ۽ مٿي ڦريل پٽ کي ڪنهن غلط عمل تي چماٽ به هنئي هئي.


خير آنندي هڪ بيروزگار ڇوڪري کي پنهنجي چاچي کان نوڪري وٺرائي ڏئي ٿي. ان دوران اهو ڇوڪرو ۽ تڪ جو سياستدان آنندي کي اغوا ڪندا آهن.آنندي جي خلاف اهڙو ماحول ۽ سين پيدا ڪيو ويندو آهي ته جيئن لڳي آنندي ان ڇوڪري سان گهر ڇڏي هلي وئي آهي.


جڏهن ته ڪهاڻي ان کان ابتڙ هوندي آهي آنندي جي خلاف جوڙيل ماحول ۽ سين کي ڏسندي صرف ڳوٺ جا ماڻهو ئي نه پر گهر جا ڀاتي به ڪٿي نه ڪٿي محسوس ڪرڻ لڳندا آهن ته هوءَ گهر ڇڏي هلي وئي. پر اتي ئي آنندي جو گهر وارو پردي جي پٺيان معاملي کي ڏسڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ۽ ان کي يقين هوندو آ ته آنندي ائين نه ڪندي. آخر ڪار اصل معاملو اڳيان ايندو آهي ته آنندي کي مخالف ماڻهو اغوا ڪرايو آهي.


ڊرامي جو واقعو لکڻ جو مقصد آهي ته رنڪل ڪيس کي سمجهيو وڃي جنهن ۾ ڪهاڻين مٿان ڪهاڻيون جوڙيون وڃن ٿيون ته ڇوڪري پاڻ گهر ڇڏي وئي ۽ نويد شاهه سان هوءَ پيار ڪري ٿي.


هڪ ڳالهه آهي ته آخر رنڪل ڪماري نويد شاهه سان ڪيئن تعلقات رکندي؟ جنهن کي خبر هجي ته هوءَ ڪهڙي بيڪگرائونڊ سان تعلق رکي ٿي؟ ان حوالي سان مون جڏهن رنڪل جي چاچي راج ڪمار کان پڇيو ته ”هن صاف لفظن ۾ چيو، ڏسو جيڪڏهن ڪنهن به حوالي سان ڇوڪري سان تعلق رکندڙ هجي ها ته اسان کي ڪو به اعتراض نه ٿئي ها. جڏهن ته ڇوڪري کي گهر مان اغوا ڪيو ويو آهي. هن جو هڪ چپل ڏاڪڻ تي ۽ ٻيو چپل ۽ روئو گهر جي ورانڊي ۾ ڪريل هو. جنهن مان صاف ظاهر آهي ته رنڪل کي اغوا ڪيو ويو آهي. اهو ئي نه پر رنڪل وٽ ته موبائيل فون ۽ گهر ۾ لينڊ لائين جو فون به ناهي هن جو پيءُ پرائيمري استاد آهي ۽ توهان کي خبر آهي ته هڪ پرائمري استاد جو گذر ڪيئن ٿئي ٿو؟


جيڪڏهن رنڪل کي اغوا نه ڪيو وڃي آهي ته پوءِ رنڪل ڪهڙي سبب ڪري وڏي حويلي ۾ رهيل آهي؟ نويد شاهه کي اسان ڪجهه به نه چئون ها جيڪڏهن رنڪل پاڻ رضا خوشي سان وڃي شادي ڪري ها. ايترو ئي نه پر پهرين به رضا خوشي سان هندو ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين غير هندن سان شاديون ڪيون آهن، ان وقت اسان ڪڏهن به احتجاج نه ڪيو. هاڻي احتجاج ڪريون پيا ڇو جو اسان جي گهر مان اغوا ٿيو آهي. ان تي آواز ڪيئن نه اُٿاريون؟


جيڪڏهن اسان ڪوڙا آهيون ته پوءِ رنڪل گهوٽڪي جي عدالت ۾ ڇو چيو ته مونکي پنهنجن والدين سان وڃڻ ڏنو وڃي. ان کي واپس گهر ڀاتين سان موڪلڻ بجاءِ لوڪل عدالت رنڪل کي سکر پوليس ڏانهن موڪليو، جڏهن ته انهن کي دارلاامان موڪلڻ گهربو هو.


هو چوي ٿو ته جج مون کي پاڻ چيو ته راج ڪمار تون ۽ مان ٻئي لوڪل ماڻهو آهيون تو کي خبر آهي ته اٺن کان ڏهه هزار ماڻهو بندوقون جهلي ٻاهر بيٺل آهن، مون کي مجبورن تنهنجي خلاف وڃي فيصلو ڏيڻو پوندو. ان کان پهرين جڏهن عدالت ۾ رنڪل کي پيش ڪيو ويو ته اسان کي عدالت ۾ وڃڻ ئي نه ڏنو ويو. راج ڪمار وڌيڪ ٻڌائيندي چيو ته رنڪل اسان کي ٻڌايو ته جيڪڏهن مان ڪٿي به انهن جي خلاف بيان ڏنو ته هو منهنجي گهر وارن کي نقصان پهچائيندا. مان مجبور آهيان جو مان انهن جي چوڻ مطابق بيان ڏنو.


راج ڪمار رنڪل ڪيس تي چيو ته هاڻي اسان جي گهر ڀاتين جون زندگيون خطري ۾ آهن. ۽ ميڊيا اسان جي آواز کي نه ٿي ٻڌي ڇاڪاڻ جو اسان انهن جيان طاقتور ناهيون ۽ ميڊيا پاڻ به خوفزده آهي.“


راج ڪمار جيڪي ڳالهيون ڪيون آهن انهن کان منهن نه ٿو موڙي سگهجي. اها به حقيقت آهي ته هندو ۽ مسلم ڇوڪريون جيڪڏهن ڪنهن به مسلم ۽ هندو سان شادي ڪن ٿيون ته اهو وڏو مسئلو ناهي ان لاءِ ڪيترائي وڏا مثال آهن جن مسلم ۽ هندن سان شادي ڪئي آهي.


پر رنڪل ڪماري ڪيس کي صرف پيار جي شادي جو نالو ڏيڻ سان ناانصافي کان منهن ڦري نه ٿو سگهجي. هاڻي گهرن مان ڇوڪرين کي اغوا ڪري انهن مٿان پيار جي شادي جو نانءُ ڏئي ڏاڍائي کي پٺي ڪيئن ڏجي؟ جنهن جي گهر مان نينگري اغوا ٿي آهي جنهن جي گهر جو ٻارکڄي ويو هجي انهن جي درد کي ڪير به نه سمجهي سگهي؟ جيڪي رنڪل ڪماري تي پيار جي شادي جو آرام سان الزام هڻي. رنڪل جي ڏکاري آواز کي ناهن ٻڌي رهيا انهن کي ايترو سمجهڻ گهرجي ته جيڪڏهن توهان ڪنهن مظلوم جي مدد نه ٿا ڪري سگهي ته ان جي آسپاس جڙيل ڪوڙ کي وڌيڪ مضبوط به نه ڪريو.


رنڪل ڪماري ۽ چڪ سانحي تي هڪ ٻئي ڳالهه به آهي ته ڇا غير مسلم کي تڪليف ڏئي ان جو نقصان پ پ کي ڏنو ويندو ڇو جو جيڪڏهن ڪنهن کي ياد هجي ته شاهه محمود قرشي سنڌ جي سيٽ تان وڙهندو ۽ پردي جي پٺيان وارن جي ڪوشش آهي ته پنجاب کان پوءِ سنڌ ۾ مذهب جي نالي تي تعصب پرستي ڦهلائي ان جو نقصان پ پ کي ڏنو وڃي، ڇاڪاڻ جو چڪ ۽ رنڪل ڪماري ٻنهي ڪيسن ۾ پ پ جا ماڻهو شامل آهن.


هاڻي پ پ مٿان بنيادي ذميواري اچي ٿي ته اهي ڪيئن هندن کي تحفظ ڏيندي، پردي پٺيان وارن جي راند کي ڪمزور ڪندا؟ ڇا پ پ ڪجهه ڪندي يا وري اتي به ميمبرن سان مفاهمت جي نالي تي ناانصافي کان منهن لڪائي خاموش ويهي رهندي؟


جيڪڏهن جهٽ گهڙي لاءِ هٿ جڙيل ڪهاڻي کي مڃون ته رنڪل ڪماري جو ڪٿي ڪنهن سان واسطو آهي به ته ان کي هزارين ماڻهن جي وچ ۾ قيد ڪري ڇو رکيو ويو آهي؟


رنڪل ڪماري ڪيس کي غلط رنگ ڏنو پيو وڃي، گهٽ ۾ گهٽ سنڌي ميڊيا ۽ سنڌي سياست کي سمجهڻ گهرجي ته اهي ڇا ڪري رهيا آهن؟ رنڪل ڪماري جي اغوا ڪيس کي پيار جي شادي جو ليبل هڻي رنڪل ڪماري جي زندگي سان قهر نه ڪريو؟


سنڌ جي معصوم پياري رنڪل ڪماري به مارئي جيان ئي آهي جنهن کي عمر کنيو هو. پر هيل جن رنڪل ڪماري کي کنيو آهي اهي عمر بادشاهه جيان عمل ڪندي آخر رنڪل ڪماري کي پنهنجن والدين ڏانهن واپس ڇو نه ٿا ڪن؟ ان کانپوءِ طئه ٿيڻ گهرجي ته رنڪل ڪماري ڪٿي ۽ ڪيئن رهڻ چاهي ٿي ؟


رنڪل ڪماري تي چيف جسٽس کان وٺي صدر آصف زرداري تائين جي خاموشي کي ڪهڙو نانءُ ڏيون؟ جيڪي ڌريون شائسته عالماڻي ۽ مختياران مائي لاءِ روڊن تي نڪري آيون اڄ اهي رنڪل ڪماري لاءِ پنهنجن ٿڌن ڪمرن ۾ ڪيئن ويٺل آهن؟


ڇا انصاف ۽ انساني حق هڪ غير مسلم ناري رنڪل ڪماري لاءِ ناهن؟ هن جي لاءِ عدالت مان سوو موٽو ڇو نه آيو جڏهن گهوٽڪي عدالت ۾ رنڪل ڪماري کي چماٽ هنئي وئي؟


رنڪل ڪماري هينئر پوري طرح سان ٽٽل آهي هوءَ سڀ ڪجهه ڳالهائي ٿي جيڪڏهن ڪير هن جون اکيون پڙهي ڏسي پر جيڪي اکين جي زبان نه سمجهي سگهن انهن آڏو لفظن جي ٻولي ڪهڙو ڪم ڪندي؟


رنڪل جي اکين ۾ آيل درد تي سنڌ خاموش ڪيئن آهي؟ رنڪل کي ايترو نه ٽوڙيو جو هوءَ زندگي کي پنهنجي بدترين سزا سمجهڻ لڳي، سنڌ جيڪڏهن رنڪل کي هينئر اڪيلو ڇڏي ڏنو ته پوءِ سنڌ ڪهڙي منهن سان انصاف جي لاءِ آواز اُٿاريندي؟


ڇا سنڌ مان نوجوان نسل پنهنجن گهرن مان قدم ڪڍي رنڪل ڪماري کي سهارو ڏيندا؟ جن وٽ هزارين ماڻهو بندوقن سان آهن پر نئين نسل وٽ اندر ۾سچائي ۽ ايمانداري آهي نئين نسل کي سوچڻ گهرجي ته اهي ڪٿي آهن؟


رنڪل ڪماري! تون سنڌ جي مارئي آهين. ڪاش! تون اڳوڻي مارئي جيان گهر واپس ورين ۽ سنڌ هن دور ۾ به هڪ نيئن باب کلي سگهي ٿي. ڇا اهو ممڪن آهي؟


published in Daily Ibat newspaper. March/7th/2012

No comments:

Post a Comment