Pages

Labels

Friday 23 March 2012

آءِ جي سنڌ ۽ رنڪل ڪماري ڪيس

آءِ جي سنڌ ۽ رنڪل ڪماري ڪيس
گهوٽڪي پوليس ڇو آئيندي وئي آهي؟


وينگس

------------------------------------------------------------

اسان کي خبر آهي ته ڪير ڪيترو ۽ ڪيئن اثر انداز ٿيندڙ آهي، هاڻي اها ڪا ڳجهي ڳالهه رهي ناهي. 24 فيبروري کان وٺي اڄ تائين رنڪل ڪماري ڪيس تي حڪومت سنجيده نظر نه پئي اچي؟ انهن جي غير سنجيدگي عوام لاءِ ڪيترائي سوال ڇڏي رهي آهي.


ڇا حڪومت لاءِ معصوم نينگرين جي زندگي اهم مسئلو ناهي رنڪل ڪماري کان وٺي ڊاڪٽر لتا تائين سڀئي ڏاڍ جي ڄار ۾ ڦاٿل آهن انهن جي لاءِ ڪنهن آواز اُٿاريو؟ پ پارٽي جنهن هميشه عورتن جي حقن جي ڳالهه ڪئي انهن جون نظرون هاڻي ڪٿي آهن جڏهن رنڪل ڪماري ڪيس حل ٿئي نه پيو ۽ صرف ايترو ئي نه هينئر تائين پ پارٽي جي اعليٰ قيادت ميان مٺو تي نوٽس به نه پئي وٺي. اسان سڀئي ان کي ڇا سمجهون؟


پ پارٽي ئي نه پر سنڌ جو اهو پارٽيون ۽ سماجي اڳواڻ جيڪي شام ملڪ ۾ ٿيندڙ وڳوڙن تي احتجاج ڪندي نظر ايندا يا وري ڪراچي جي ڊيفنس علائقي ۾ هڪ نجي پارٽي ۾ ڪنهن ڇوڪري سان ٿيل بدتميزي تي انهن کي انساني حق ياد اچي ويا.
انهن سڀني جي خاموشي رنڪل ڪماري تي ڇو؟ ڇا هن نينگري لاءِ انساني حق اهميت نه ٿا رکن؟ اسان هن سڄي ڪيس ۾ جتي صرف آڱرن تي ڳڻڻ جيترا فرد همت ڪري اڳيان آيا آهن ۽ اهي رنڪل ڪيس کي انصاف ڏيارڻ لاءِ ڪوشش ڪري رهيا آهن جنهن ڪري ئي هي ڪيس وڃي عالمي سطح تي پهتو آهي.


سنڌ هاءِ ڪورٽ 12 مارچ 2012 تي ڏينل فيصلو ته رنڪل ڪماري ڪنهن به فرد سان رهڻ بجاءِ هوءَ دارالعمان ۾ رهندي ۽ ان دوران ان سان ڪير به ملاقات نه ڪندو. سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کان پوءِ رنڪل ڪماري اداري پناهه ۾ ترسيل آهي.
جڏهن سنڌ هاءِ ڪورٽ حڪم ڏنو ته رنڪل ڪماري سان لاڳاپيل ڌرين مان ڪير به ملاقات ته پري جي ڳالهه آهي پر ان کي انهن ڌرين جي اثر کان به پري رکيو ويندو.
اسان کي تعجب ان وقت لڳي ٿو جڏهن سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم کي آءِ جي سنڌ، باءِ پاس ڪندي گهوٽڪي پوليس کي پناهه اداري ۾ سيڪيورٽي لاءِ گهرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. رپورٽ مطابق ته ”آءِ جي سنڌ جي حڪم تي ايس ايس پي گهوٽڪي طرفان ناري رنڪل ڪماري جي ايڊيشنل سيڪيورٽي جي لاءِ ڊي ايس پي هيڊڪوارٽر عبدالقادر چاچڙ جي نگراني م پوليس جي ٽيم موڪلي وئي آهي، جنهن بابت رابطي تي ايس ايس پي گهوٽڪي پير محمد شاهه ٻڌايو ته گذريل ڏينهن رنڪل ڪماري کي عدالتي حڪم تي پناهه گاهه پهچائڻ بعد اسان جو ان سان ڪوبه رابطو ناهي پر آءِ جي سنڌ جي حڪم تي ناري کي ايڊيشنل سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ جي لاءِ پوليس موڪلي آهي.“


اسان (عبرت) پناهه اداري سان رابطو ڪندي پڇا ڪئي ته ڇا گهوٽڪي پوليس جي موجودگي آهي جنهن تي پناهه اداري جي ذميوار مليحه سخت سان منع ڪندي چيو، بلڪل به نه اسان وٽ پنهنجي سيڪيورٽي موجود آهي، هتي گهوٽڪي پوليس ناهي.
جڏهن ته ڊي ايس پي عبدالقادر چاچڙ جيڪو ڪجهه چيو ته گهوٽڪي پوليس موڪلي وئي آهي. ان کانپوءِ ڪنهن کي غلط سمجهجي، ڇا مليحه يا وري عبدالقادر چاچڙ مان ڪير درست ۽ غلط آهي؟ ان سوال جو جواب سنڌ هاءِ ڪورٽ ئي پڇي.
آءِ جي سنڌ کي خبر آهي ته گهوٽڪي پوليس ڪنهن جي اثر ۾ آهي؟ پهرين به انهن گهوٽڪي ۾ رنڪل ڪماري سان ڇا ڪيو؟ جيڪڏهن هينئر ڪراچي ۾ گهوٽڪي مان پوليس گهرائي وئي آهي ته ڇا پوءِ سڄي سنڌ ۾ ٻئي ڪنهن ضلعي ۾ پوليس نه هئي؟ جيتوڻيڪ ڪراچي ۾ به پوليس آهي ان کي استعمال ڪرڻ بجاءِ آءِ جي سنڌ ڇا لاءِ گهوٽڪي مان پوليس گهرائي آهي؟


آءِ جي سنڌ کي واضح ڪرڻ گهرجي ته هن گهوٽڪي پوليس ڪراچي ۾ رنڪل ڪماري جي تحفظ لاءِ ڇو گهرائي؟ اسان کي خدشو آهي ته جيڪڏهن گهوٽڪي پوليس موجود رهي ته پوءِ رنڪل ڪماري ميان مٺو جي اڻ سڌي اثر ۾ رهندي.
ان ڪري رنڪل ڪماري کي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي تي عمل ڪندي گهوٽڪي پوليس کي هٽايو وڃي. اسان اميد ڪنداسين ته سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي جي لڄ رکي ويندي.


published in Daily Ibrat newspaper. Section Daily NewsReview. 14March/2012

No comments:

Post a Comment