Pages

Labels

Sunday 18 March 2012

ڪوڙي مذهبي ۽ قبائلي غيرت جي ڪوڙڪيءَ ۾ ڦاسائي شڪار ڪيل ڊاڪٽر اجيت، نريش ۽ اشوڪ

ڪوڙي مذهبي ۽ قبائلي غيرت جي ڪوڙڪيءَ ۾ ڦاسائي شڪار ڪيل ڊاڪٽر اجيت، نريش ۽ اشوڪ

سنڌ يت جو قتل
  ”هڪ انسان جو قتل، پوري انسانيت جو موت“ مڃيندڙ مذهب جا ”سچا“ پوئلڳ هئڻ جي دعويدارن، ”سنتِ ابراهيمي“ جي انڌي پوئواري ڪرڻ واري ”مبارڪ“ ڏينهن ئي، سنڌ ۾ انيڪ ظلمن ۽ زيادتين جي نشاني تي آڻي، پنهنجي ئي ڌرتيءَ تي، پنهنجي ئي قوم سان گڏ گهارڻ باوجود،”مظلوم اقليتي طبقي“ ۾ تبديل ڪيل ٽن انسانن جو قتل ڪري، سنڌيت ۽ سنڌين جي چهري تي اهڙو  داغ لڳايو آهي، جيڪو  نه رڳو ڊگهي عرصي تائين ڌوپچي نه سگهندو، پر اهڙي ڪڌي عمل ڪري، جيڪڏهن وڌيڪ سوين سنڌي خاندان پنهنجا اباڻا اجها ڇڏي، پنهنجي ڌرتيءَ کي ئي پنهنجي لاءِ اوپرو ۽ دشمن سمجهي، پرديس جا سفر ڪندي ڏسجن ته، اسان کين ڪا ميارَ ۽ هُجت ڪرڻ جي حق کان به محروم ئي نظر اينداسين.
  شڪارپور، جتان جا سنڌي پنهنجي وڻج ۽ واپار ڪري سڄي دنيا ۾ عزت ڪمائيندڙ ۽ سنڌ جي خوشحاليءَ جا ضامن هئا، اسان جي مذهبي ڪٽرپڻي ۽ قبائلي جهالت جو نشانو بڻجي، لڳاتار 64 سالن کان پنهنجي ئي ڌرتي ڇڏي وڃڻ تي مجبور ٿي رهيا آهن،،،!، 14 سئو سال اڳ مڪي کان مديني طرف ٿيل هجرت  ۽ ان جا سمورا سبب ته اسان طوطي جيان رٽي رکيا آهن، پر 64 سالن کان اسان پاڻ ئي پنهنجن ڀائرن لاءِ جيئن مڪي جي ”ڪافرن“ وارو ڪردار ادا ڪري رهيا آهيون، ان طرف سوچڻ جي ڪا زحمت ڪرڻ به، اسان جي مذهبي سوچ جي توهين بڻجي وئي آهي!، جنهن ڪري اسان ان ڳالهه کان ئي بي خبر بڻجي چڪا آهيون ته، هن وقت اسان جو پورو سنڌي سماج به ان ئي قبائلي جهالت جي ڪُن ۾ غرق ٿي چڪو آهي، جنهن کي ختم ڪرڻ لاءِ چوڏهن سئو سال اڳ هڪ نبيءَ جو اچڻ ضروري بڻجي ويو هو. چوڏهن سئو سال اڳ وارا جاهل وري به خوشنصيب هئا جو، سندن لاءِ الله طرفان پيغمبر موڪلڻ جا در بند ٿيل نه هئا، اسان ته هاڻي خدا طرفان  ڪا چڱائي موڪلڻ جي خواهش ڪرڻ تي به، ٻارين ٻچين ڪُسجي وڃڻ جي قابل بڻجي سگهون ٿا!!، بلڪل ايئن ئي، جيئن عيدالاضحيٰ جي ”مبارڪ“ ڏينهن جي موقعي تي، اسان پنهنجي اکين سان اسلامي ۽ قبائلي غيرت جو ڪمال، چڪ شهر ۾ ڊاڪٽر اجيت ڪمار، نريش ڪمار ۽ اشوڪ ڪمار کي ”قربان“ ڪرڻ جي شڪل ۾ ڏسي چڪا آهيون...!!.
  ”چڪ سانحو“ سنڌي سماج لاءِ” سڀ ڪجهه نيست  ۽ نابود ٿي وڃڻ“ کان اڳ ڀڳت ڪنور رام جي شهادت جيان، هڪ ٻيو چتاءُ آهي. ”چڪ سانحو“ اسان جي مذهبي انڌَ ۽ قبائلي جهالت جي چوٽيءَ تي بيٺل هئڻ جو، رد ٿي نه سگهندڙ ثبوت آهي، انڌَ جي اهڙي چوٽي، جنهن تي بيٺل قوم ڪنهن به وقت پيرَ اکڙڻ بعد هميشه- هميشه لاءِ ڪنهن اونهي کاهيءَ ۾ڪري غرق ٿي سگهي ٿي، جنهن بعد نه اسان جو پنهنجو وجود باقي رهندو، نه ئي اسانجن ذهنن ۾ گندگيءَ جو جبلُ بڻجي ويل جهالت ئي پاڻ بچائي سگهندي. اسان جي جهل جون تلوارون مسڪينن ۽ مظلومن جا سرَ ڌڙ کان ڌار ڪرڻ بعد، هڪ ٻئي کي ئي ٻه اڌ ڪرڻ واريون آهن، اڄ مختلف مذهب ۽ ڪمزور قبيلا ان جي نشاني تي آهن، جڏهن انهن جو وجود ئي نه رهيو ته پوءِ، طاقتورن ۾ موجود ڪمزورن جي ڳولا ڪئي ويندي. جهالت جي اها جنگ ان وقت تائين ختم ناهي ٿيڻي، جيستائين اسان پاڻ کي مڪمل برباد نٿا ڪري ڇڏيون ۽ سنڌي قوم کي ان هنڌ تي آڻي نٿا بيهاريون، جتي ان کي ڪنهن دشمن جي ضرورت ئي نه رهي....!!.
  7 نومبر 2011 تي چڪ شهر ۾ ڇا ٿيو؟ ۽ ڇو ٿيو؟، جو سوال فقط اڄ جو ناهي، فقط اُن شهر جو ناهي، سنڌ جي هر شهر ۾ سالن کان اهڙيون ڪهاڻيون بار بار ورجائجي رهيون آهن. هميشه ڪو نه ڪو نشاني تي آهي...!!، مقتلَ هر وقت گرم آهن، انساني خون وهائي انسانيت کي رسايل چَهڪن سان، روحن کي رنجائيندڙ روَين سان. پوءِ به، عيد جي ”خوشين“ واري ڏينهن سنڌ جي هڪ بدنصيب شهر، جنهن سڄي قوم کي سوڳ ۾ وڪوڙي ڇڏيو!؟، اُتي ڇا ٿيو هو؟، اچو ته انهن حالتن ۽ واقعن جو جائزو وٺي، سنڌين جي اکين تي ٻڌل پٽي کولڻ سان گڏ، مذهبي ۽ قبائلي جهالت کي وائکو ڪرڻ جي ڪوشش ڪريون.
  گذريل 26 آڪٽوبر تي جڏهن سڄي دنيا ۾ هندو ڀائر ڏياريءَ جو ڏڻ ملهائي رهيا هئا، ان ئي ڏينهن جي شام، چڪ شهر ۾ هڪ واقعو ٿيو.”عوامي آواز“ جي نيوز ڊيسڪ سنڀالڻ دوران، سب ايڊيٽر هڪ خبر کڻي مون وٽ آيو ۽ ٻڌايائين ته :”چڪ شهر ۾ ٽن هندو نوجوانن هڪ مسلمان ڇوڪريءَ کي رستي مان پڪڙي هڪ ڪمري ۾ بند ڪري، جنسي ڏاڍائيءَ جي ڪوشش ڪئي آهي“. مان کيس حيرت سان ڏسندي، پڇيو ته:” سنڌي هندو ايڏو ڏاڍا مڙس ۽ بيوقوف ڪڏهن کان ٿيا آهن جو، جنهن ڌرتيءَ تي مذهبي اقليت قرار ڏئي، ساڻن روز ڪو نه ڪو تماشو ٿيڻ ۽ ذلت ملڻ مقدر بڻجي وئي آهي، اُتي هو اهڙيون اُرهه زواريون ڪرڻ جي، پنهنجي اندر همت پيدا ڪري سگهن....!!“، جواب ۾ ٻڌايو ويو ته ؛”اهي نوجوان نشي ۾ هئا، ٿاڻي تي ڪيس داخل ٿي چڪو آهي، گرفتاري به ٿي چڪي آهي“. مان پوءِ به، سڀ ڪجهه ”ايئن ئي هئڻ“ تي يقين نه ڪندي، کيس چيو ؛” اوهان ان خبر مان لفظ هندو ۽ نوجوانن جا نالا ختم ڪري، خبر کي، ٿاڻي تي رپورٽ ٿيل هڪ واقعي جيان هلايو“.
  پوءِ هي واقعو آيو- ويو، ٿي ويو، ان وقت تائين جيستائين چڪ ۾ چئن سنڌين کي ”ڪمزور“ ۽”مذهبي اقليت“ هئڻ ڪري ”شڪار“ نه ڪيو ويو،  سانحو ٿيڻ بعد، جڏهن  مان حقيقتون معلوم ڪرڻ لاءِ ڪوشش شروع ڪئي، تڏهن به مون تائين شروعاتي طور جيڪا ڄاڻ پهچي سگهي، سا پاڻ کي ”صحافي سمجهندڙ“ جي 26 آڪٽوبر تي موڪليل رپورٽ کان گهڻو مختلف نه هئي!، پر ڪنهن هڪ جي ڳالهه پڌڻ بجاءِ مختلف شهرن ۾، مختلف ماڻهن سان رابطا ڪرڻ بعد جيڪا ڄاڻَ مون تائين پهتي، ان ۾ ”قبائلي جهالت“ ۽ ”مذهبي انتهاپسنديءَ“ جا ٻئي گند موجود آهن. حقيقت ڇا آهي؟ اچو ته ان کي ڏسون:
  ”چڪ سانحي“ جو بنياد بڻيل 26 آڪٽوبر واقعي لاءِ، ٻه رايا موجو آهن. هڪ مطابق، ”چڪَ ۾ ميڊيڪل اسٽور هلائيندڙ سنديپ ڪمار جي سيما نالي هڪ شاگردياڻيءَ سان دوستي هئي. ڄاڻايل ڏينهن تي هوءَ معمول مطابق سنديپ سان ملڻ لاءِ، سندس هڪ دوست  عبدالجبارَ جي خالي پيل گهر تي وئي، جنهن کي هڪ مذهبي جنوني وسيم مهر ڏسي ورتو، جنهن بعد ۾ هو پاڙي جا ماڻهو گڏ ڪري، سندن مدد سان در ٽوڙي گهر ۾ داخل ٿيو ته، اڱڻ ۾ سنديپ نه رڳو سيما سان گڏ ويٺو هو، پر ساڻس  ٻه ٻيا دوست نقاش عرف عرف ڌوني ۽ نريش ڪمار به موجود هئا“. ان موقف ۾ مون کي سڀ کان وڏي خامي، پنهنجي دوستِ سان ملڻ جي موقعي تي، سنديپ پاران ٻن دوستَن کي پاڻ سان گڏ ويهارڻ، نظر اچي ٿي. پنهنجي محبوبا سان ملڻ وقت، ڪو به نوجوانُ پاڻَ سان گڏ ٻن دوستن جي موجودگي قبول نٿو ڪري سگهي. ان موقف مان به هڪ ڳالهه هرحال ۾ ثابت ٿئي ٿي ته، 26 آڪٽوبر تي” زورَ زبردستيءَ“ وارو ڪو به واقعو نه ٿيو هو. ان ئي سلسلي جو هڪ ٻيو موقف  (جَنهن جي تصديق نه رڳو مختلف شهرن ۾ويٺل مُختلف ذريعا پر چڪ شهر سان پيدائشي واسطو رکندڙ ڪجهه ڄاڻو به ڪري رهيا آهن)، تنهن مطابق:
1: شڪارپور ضلعي جي شهر چڪ ۾ هڪ خاندان اهڙو به رهي ٿو، جيڪو جسم فروشيءَ ڪري، پنهنجي سڃاڻپ ٻين شهرن تائين به ڪري چڪو آهي، سڄو شهر ”سڀ ڪجهه“ ڄاڻي ٿو، موبائل فونن جا نمبر به ماڻهن وٽ موجود آهن، جنهن ڪري ڪن هندو نوجوانن تي، ڪنهن مسلمان ڇوڪريءَ سان زور يا زبردستي ڪرڻ جو الزام سراسر ڪوڙ ۽ هڪ سازش کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه آهي. ان سان گڏ هي موقف، هڪ ئي هنڌ ٽن دوستن جي موجود هئڻ کي، ممڪناتِ ۾ به شامل ڪري ٿو  ڇڏي.
سنڌ ۾ صدين تائين ياد رکي ويندڙ  بدترين سانحي لاءِ ذميوار ڇوڪري، خالي گهرَ تائين ڪيئن پهتي؟، ان لاءِ به ٻه اطلاع موجود آهن:
(الف) ڄاڻايل ڇوڪريءَ کان وقت وٺڻ جو ڪم، سندس قبيلي جي نوجوان ئي ڪيو هو، جنهن بعد اها ڇوڪري، ان نوجوان سان گڏ، هڪ خالي گهر ۾ پهتي.
(ب)الزام هيٺ آيل نوجوانن، ڏياريءَ جي خوشي ملهائڻ لاءِ پنهنجين موبائل فونن جو استعمال ڪيو ۽ بازار ۾ وڪري لاءِ موجود هڪ وکر کي پاڻَ تائين پهچڻ جو رستو ڏنو.
  هاڻي هڪ ڳالهه ٿابت ٿي چڪي ته، ان سڄي معاملي ۾ ”ڪنهن به“ ،”ڪنهن سان به“ ڪا زيادتي يا اهڙي ڪا ڪوشش ناهي ڪئي. هيءَ ڪا اهڙي اڻ ٿيڻي واري ڳالهه به نه آهي، جيڪا اسان جي سماج ۾ پهرين ڪڏهن به نه ٿي هجي!! يا اڳتي لاءِ ئي ايئن ٿيڻ جو رستو ”هميشه لاءِ بند“ ٿي ويو هجي!. ڪو هڪ  واقعو سماج کي تبديل ڪرڻ جي طاقت رکي ها ته پوءِ ”زينت ڀيو سانحي“ جي هر شئي اڄ تائين رڪارڊ تي موجود هئڻ باوجود، چڪَ سانحي جا ”سبب“ ئي پيدا نه ٿين ها!؟ پوءِ هي معاملو، مذهبي ۽ قبائلي ”غيرت“ جي انتقام جو مثال ڪيئن بڻجي ويو؟، اچو ته ان کي به جاچيون:
  چڪ شهر ۾ قاضي غلام محمد ڀيي جي نالي سان هڪ بليڪ ميلر به رهي ٿو، سندس رڪارڊ تي ڪيتريون ئي بدناميون موجود آهن، جن ۾ پنهنجي نجي اسڪول اندر ئي هڪ ڇوڪريءَ جي جسم  تي پنهنجو نالو اُڪرڻ ۽ دايَن  جي ٻن عورتن سان دوستي رکڻ جي ڪوشش ۾ ناڪام ٿيڻ بعد، سندن خلاف چڪ جهڙي هڪ ننڍي شهر ۾ ايس ايم ايس مهم هلائي، سندن خاندان کي شهر ڇڏڻ تي مجبور ڪرڻ، شامل آهي. عجيب طريقي سان اهڙو جنسي جنوني هڪ مذهبي تنظيم سان به واسطو رکي ٿو. قاضي غلام محمد ڀيي جو هڪ ٻيو ڪم، جيڪو اڃا تائين بدنامي جي سرحدن ۾ داخل ٿي نه سگهيو هو، يا ايئن ڪرڻ مسلمان ڀائرن لاءِ خراب ڪم نه پئي سمجهيو ويو، سو هو، ”شهر ۾ رهندڙ هندن کي ڀَتي لاءِ بليڪ ميل ڪرڻ“. عام طور سمورا پر خاص طور شهر ۾ ڪاروبار ڪندڙ هندو سندس خاص نشاني تي هئا. ڪنهن به دُڪان تان ضرورت جو سيڌو کڻي، پوءِ پئسا ڏيڻ کان پڙُ ڪڍي بيهڻ،  سندس معمول هو. هو اهڙو ڪم ڪنهن جي طاقت ۽ ڏڍَ تي ڪري رهيو هو، ان لاءِ سمورا ذريعا ان ڳالهه تي متفق آهن ته :”مذهبي جنوني ٽولي سان گڏ، کيس پيپلز پارٽي ضلعي شڪارپور جي صدر ۽ ڀَين جي هڪ پاڙي جو سردار سڏائيندڙ، بابل خان جي مڪمل حمايت حاصل هئي”.
  26 آڪٽوبر جي شام چڪ شهر ۾ اهڙو واقعو ڪيئن ٿيو؟ جنهن هڪ ڊاڪٽر، هڪ ڪسٽم آفيسر ۽ هڪ دڪاندار کان زندگي کسي، سنڌ جي نرڙ تي داغ هڻي ڇڏيو، ان کي سمجهڻ لاءِ اسان کي ڏياريءَ جي ڏڻ کان به اٽڪل ٻه هفتا اڳ، چڪ ٿاڻي تي هندو خاندانَ طرفان ڪٽرايل اين سي کي ڏسڻو پوندو، جنهن ۾ ”پوليس کي قاضي غلام محمد ڀيي جي بليڪ ميلنگ کان آگاهه ڪندي، قانون کي حرڪت ۾ آڻڻ جي درخواست ڪئي وئي آهي“. پر قانونُ آخر تائين حرڪت ۾ اچي نه سگهيو، جنهن ڪري، هڪ مذهبي جنونيءَ کي قبائلي جهالت ۽ ان جي طاقت سميت ”حرڪت“ ۾ اچڻ جو موقعو ملي ويو.
  هڪ قبائلي سردار هئڻ سان گڏ حڪمران پارٽيءَ جي ضلعي صدر جي ڇاڙتي ۽ هڪ مذهبي جماعت سان لاڳاپيل قاضي خلاف ٿاڻي تي درخواست جمع ڪرائڻ جي ڪجهه ئي ڏينهن جيڪو ٻيو واقعو ٿئي ٿو، اهو ڪجهه هن ريت آهي:
  ”هڪ ڀاڙيتو ڇوڪري، مٿي ذڪر ڪنهن به هڪ سبب جي بنياد تي، هڪ خالي گهر ۾پهچي ٿي ۽ عجيب طريقي سان اهڙي سڄي ڄاڻ، هڪ مذهبي پارٽي ۽ قبائلي سردار سان جڙيل بليڪ ميلر کي جيئن جو تيئن پهچي ٿي وڃي!، پوءِ ڪيترائي سندس جهڙا جنوني موقعي تي پهچي هاءِ گهوڙا شروع ٿا ڪري ڏين ته ”هندو نوجوانن، نشي ۾ ڌت ٿي هڪ مسلمان ڇوڪريءَ ۾ هٿ وڌا آهن“پوليس به پهچي ٿي وڃي، سمورين اخبارن ڏانهن موڪليل خبر به، اصل حقيقتن جي ابتڙ ”معصوم“ ۽ ”واٽ ڏيندڙ ڇوڪريءَ ۾ هٿ وجهڻ“ واري موڪلرائي ٿي وڃي.اڳ ئي بليڪ ميلنگ ۽ ڌمڪين هيٺ گذاريندڙ هندو پاڻ بچائڻ لاءِ پريشان ۽ بشني بليڪ ميلر پنهنجي ڪاميابيءَ تي خوشيون ڪندڙ...!!، چڪ جي ٻن هزار هندن جون ڏياريءَ جون خوشيون غم ۽ خوف ۾ تبديل، جڏهن ته ڪنگال بدمعاشن ۽ بليڪ ميلرن لاءِ عيد..!!“
  اها سازش اتي ئي پوري ڪا نه ٿي ٿئي، پر چڪ جي سوين هندن لاءِ پريشانين جا ڏينهن اڃا هاڻِ شروع ڪري ٿي...!!. اهڙي صورتحال کي سمجهڻ لاءِ اسان کي ان علائقي ۾ قبائلي بيهڪ ۽ دشمنين کي به ڏسڻو پوندو. چڪ شهر ۽ ان جي ٻهراڙي ۾ ٻن قبيلن جي دشمني ”چانڊيا- مگسي تڪرار“، جيان بدنام آهي، جنهن ۾ هڪ قبيلو ڀيو آهي، جنهن جي اڳواڻي بابل ڀيو ڪري رهيو آهي ۽ ٻيا آهن مهر، جن جو سردار غوث بخش مهر آهي.ٻئي قبيلا پاڻ ۾ اٽڪيل آهن، ظاهري طور، هڪ ٻئي جا  بلڪل ويري، پر سرداري سطح تي هڪ ٻئي سان ٻٽ به.( جيڪا خبر رکڻ، هر ڪنهن جي وسَ ۾ آهي به نه). اهڙين حالت ۾ ڀين جي ظلم جي طاقت کان ڊڄي، چڪ جا هندو مدد لاءِ آفتاب شعبان ميراڻي ۽ مهر سردارن وٽ پهچن ٿا، اهو عرض به کڻي ته، ”اهي طاقت ۽ علائقائي اثر کي استعمال ڪري، سندن ڀين سان پيدا ٿيل غلط فهمي ختم ڪرائن“. موٽ ۾ کين بي فڪر ٿي وڃڻ جي خاطري ڪرائيندي چيو وڃي ٿو، ”اوهان ڪنهن به پريشانيءَ ۾ پوڻ بنا پنهنجن گهرن ۾ ٿانيڪا ٿي ويهي رهو. اسان نه رڳو اهو مسئلو حل ڪرائينداسين پر اوهان جو تحفظ به اسان جي ذميواري آهي“. اهڙي خاطري کڻي، چڪ جا واڻيا پنهنجن گهرن ڏانهن واپس ٿين ٿا. تحفظ لاءِ سندن اوطاق تي چئن پوليس اهلڪارن جي مقرري به ٿي وڃي ٿي، عيد  جي ٻئي ڏينهن ڀين سان ڪنهن ٺاهه تائين پهچڻ لاءِ  جرڳو ٿيڻ جو اطلاع به  وٽن پهچايو وڃي ٿو، پر جنهن ڳالهه کان کين بي خبر رکيو ٿو وڃي، سا هيءَ ته، ڀيو سردار پنهنجي ”غيرت جو پلاند“ ڪرڻ لاءِ قاتلن کي مقرر ڪري چڪو آهي. ڪنهن ٻئي علائقي کان گهرايل ڪيترائي قاتل چڪ شهر ۾ پهچي چڪا آهن ۽ کين فقط هڪ موقعي جو انتظار آهي، کين اڳواٽ ئي اها پڪ به آهي ته تمام جلد کين اهڙو موقعو ملي ويندو، ڇو ته عيد مٿان هئڻ ڪري، هندن جي گهرن تي چئن پوليس اهلڪارن جي نفري هٽائڻ يقيني آهي، جنهن ڪري قاتل چڪَ ۾ خميا کوڙي ويهي ٿا رهن.
  چڪ سانحي جا پيرا کڻندي، ان هنڌ تي پهچڻ بعد، هڪ سوال بار بار منهنجي ذهن ۾ پيدا ٿي رهيو آهي، منهنجي ڇَهين رڳ مون کي وري وري اها ڳالهه سوچڻ تي مجبور ڪري رهي آهي ته، ”مهرن ۽ ميراڻين ڀَين جي عتاب هيٺ آيل هندن تان مصيبت ٽارڻ نه پر وڌائڻ ٿي چاهي. ڀلي ايڏي وڏي سطح تي نه صحيح، پر اهي خواهشمند ضرور هئا ته، ڀيا ڀلي هندن سان ڪنهن نه ڪنهن سطح تي زيادتي ڪن، نه ته چڪ جي جنهن پاڙي جي حفاظت چار پوليس اهلڪار ڪري ٿي سگهيا، ايتري حفاظت ڏيڻ ميراڻين يا مهرن لاءِ ڪا وڏي ڳالهه نه هئي...!، جي ايئن ڪرڻ ڪنهن به سبب ڪري ناممڪن به هو، تڏهن به ڌڻين کي اصل خطري کان آگاهه ڪري. ڪجهه پنهنجي طرفان ئي احتياط ڪرڻ جي صلاح ڏيڻ ته ممڪن هو...؟؟، پر ڪنهن به ايئن  ڪرڻ بجاءِ، ڀَين جي نشاني تي آيلن کي، عيد جي ٻئي ڏينهن ئي، سڀ ڪجهه ٺيڪ ٿي وڃڻ جا ڏٽا پئي ڏنا...!!“.
  ....... ۽ پوءِ 7 نومبر تي عيد جو ”سڳورو“ ڏينهن اچي ٿو، اهڙو ڏينهن، جنهن لاءِ اسان کي ٻڌايو ويندو آهي ته ، اهو ٻين ماڻهن جي تڪليفن کي محسوس ڪرڻ جو ڏينهن آهي!. ان ”ڀلاري“ ڏينهن تي اسان جا مذهبي ۽ قبائلي غيرت سان ٽمٽار ٻُٽَ ٻڌل  چار قاتل موٽر سائيڪلن تي سوار ٿي، ڊاڪٽر اجيت ڪمار جي اوطاق طور استعمال ٿيندڙ ڪلينڪ تي پهچن ٿا، کين اها خبر ملي چڪي آهي ته اُتي حفاظت لاءِ مقرر ڪيل پوليس اهلڪار عيد ڪرڻ لاءِ پنهنجن گهرن ڏانهن وڃي چڪا آهن. هاڻي کين ڪو به جَهلڻ ۽ پَلڻ وارو نه آهي، انسانن جي شڪار لاءِ ماحول بلڪل تيار آهي. هو هر قسم جي پريشاني ۽ مزاحمت ٿي سگهڻ جي امڪان کي مڪمل طور پري اڇلائي، ڊاڪٽر اجيت ڪمار جي ڪلينڪ تي پهچن ٿا، جتي ”مسلمانَ ڇوڪريءَ سان هٿ وجهڻ“ جي تهمت هيٺ آيل نقاش عرف ڌونيءَ جو چاچو انڪم ٽيڪس آفيسر نريش ڪمار، ڊاڪٽر ستيا پال ۽ دڪاندار اشوڪ ڪمار به ايندڙ ڪنهن آفت کان بي خبر ٿي ويٺل آهن. هو ٻئي ڏينهن ڀين سان ٿيندڙ جرڳي بابت ويچار ونڊي رهيا آهن جو، گولين جو مِينهن وَسي ٿو وڃي، پوءِ کين خبر ئي نٿي پوي ته ساڻن ڇا ٿي ويو۽ ڇو ٿي ويو...!؟ کين ته مهرن ۽ ميراڻين  طرفان خاطري ڪرايل هئي ته:”کين ڪو هٿ ئي نه لڳائيندو...!!“، ڪجهه به سمجهڻ ۽ ڪنهن کي به ميار ڏيڻ کان اڳ ئي ڊاڪٽر اجيت ڪمار، نريش ڪمار ۽ اشوڪ ڪمار جسمن مان آرپار ٿيل گولين جي زخمن مان رت ڳاڙي، مٽيءَ ۾ مٽي بڻجي ٿا وڃن،. ايئن اسان جي اسلامي ۽ قبائلي ”غيرت“ ڪامياب ٿي وئي ۽ ان کي للڪارڻ جو ڏوهه ڪندڙ ”ڪافر“ پنهنجي انجام کي پهچي ويا. اهڙو سخت انتقام وٺي، اسان گهٽ ۾ گهٽ پاڻ کي ايترو ”روشن خيالُ“ ضرور ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته، ”جي اسان جون عورتون، پنهنجن مسلمان ڀائرن جي گهرن ۾ وڃن ته مڙئي خير جي ڳالهه آهي، اسان جي مذهبي ۽ قبيلائي سوچ کي ان تي پريشان ٿيڻ يا غيرت خطري ۾ هئڻ جو احساس نه ڪرڻ گهرجي. باقي جي ڪافرن اهڙي مجال لاءِ سوچيو به ته، اسان جون سموريون غيرتون کين چٿي ختم ڪرڻ لاءِ چوويهه ئي ڪلاڪ تيار آهن.!!، کين اهڙو ڏوهه بخش ڪيئن ٿو ڪري سگهجي!؟، اسان پنهنجين عورتن  کي اجازت مسلمان ڀائرن لاءِ ڏني آهي، ڪافرن لاءِ نه - هرگز نه.“
ان سڄي معاملي تي سوچيندي،”زينب ڀيو ڪيس“  به وساري نه ٿو سگهجي، جنهن جون ته وڊيو ڪلپ اڄ به يوٽيوب ۽ سوين ماڻهن جي ڪمپيوٽرن ۾ محفوظ آهن، اهو واقعو به ايئن ئي اوچتو ”سانحو“ بڻجي ويو هو، چڪَ ۾ به جيڪو ڪجهه ٿيو آهي، اهو کپري واقعي جيان هر شهر ۾ ٿيندڙ هڪ سٺو يا خراب، پر عام رواجي واقعو ئي آهي، کپري واقعي ۾ ملوث هڪ ڇوڪرَ طرفان اهڙي وڊيو پاڻ ئي يوٽيوب تي رکڻ، ”معمول“ کي” سانحو“ بڻائي ڇڏيو، چڪ ۾ اهو ڪم هڪ بليڪ ميلر ذريعي ڪرايو ويو، کپري ۾ پاڻ کي پاڻ ئي ڦاسايو ويو هو، چڪ ۾ اهو سڀ ڪجهه هڪ طئه ٿيل ”منصوبي“ تحت ٿيو آهي...!!، مان جنهن به پاسي کان سوچان ٿو، ”چڪ سانحو“ فقط ۽ فقط هڪ سازش کان سواءِ، ٻيو ڪجهه به نٿو لڳي، اهڙي شڪ جا ڪيترائي سبب موجود به آهن، جهڙوڪ:
1: ان سانحي جو مک ڪردار هڪ اهڙو بلڪ ميلر آهي جيڪو نه رڳو ڀيي سردار جي ويجهو آهي پر سندس خيالَ مذهبي جماعت جو ميمبر بڻجڻ جي به لائق آهن....!!.
2: سانحو برپا ڪرڻ لاءِ هڪ ڌنڌوڙي ڇوڪريءَ کي استعمال ڪرڻ.
3: ان ڇوڪريءَ جي چُر پُر ۽ الزام هيٺ آيل نوجوانن جي پوري ۽ پڪي ڄاڻ ساڳي بليڪ ميلر وٽ موجود هئڻ.
4: ڇوڪريءَ جي ڪردار جي چڱيءَ ريت خبر هئڻ باوجود، سمورين اخبارن تائين ”هڪ مسلمان ڇوڪريءَ سان زيادتي ٿيڻ جي خبر پهچرائڻ“.
5: اخباري ادارن ڏانهن اماڻيل سمورين خبرن ۾سڄو زور ان ڳالهه تي هئڻ ته:” ڏياريءَ جي خوشي ۾ نشو ڪيل نوجوانن، واٽَ ويندڙ معصوم ڇوڪريءَ کي طاقت جي زور تي پاڻ سان وٺي وڃڻ تي مجبور ڪيو ۽ ڪمري ۾ واڙي ڇڏيو.“
6: ساڳي بليڪ ميلر قاضي خلاف پوليس وٽ اڳ ئي موجود اين سي ”انتقامي ڊرامو“  لکڻ لاءِ سبب موجود هئڻ  جي شاهدي ڏئي ٿي. (دايا ڪٽنب کي ساڳي انداز سان بليڪ ميل ڪري، شهر ڇڏي وڃڻ تي مجبور ڪرڻ جو ڪارنامو، اڳ ئي سندس ”رڪارڊ“ تي موجود آهي)
7: سڄي سنڌ جي هندو ڀائرن کي رت روئارڻ لاءِ مجبور ڪندڙ ۽ سڄي دنيا ۾ سنڌ کي بدنام ڪندڙ ڊرامي جو خالق، قاضي غلام محمد ڀيو پهرين ڏينهن کان  پراسرار نموني غائب ٿي وڃڻ آهي!. هڪ اطلاع اهو به آهي ته اهو هن وقت پنهنجو” فرض“ ادا ڪرڻ بعد ڀين سردارن جي پناهه ۾ ويٺل آهي.
8: مهرن ۽ ميراڻين جي خاموشي، جن ڪجهه به ٿي سگهڻ جي خبر ۽ ان لاءِ قاتل مقرر ٿي وڃڻ جي ڄاڻ هئڻ باوجود، چڪ جي هندن کي بي پرواههُ ٿي رهڻ لاءِ قائل ڪيو.
9: ڊي پي او شڪارپور جنيد احمد شيخ، جنهن جا علائقي جي ڌاڙيلن ۽ ڦورن سان ناتا ايترا ته بهتر آهن جو، شڪارپور شهر ۾ وڏيون وارداتون ڪندڙ ڏوهاري عطا شيخ ۽ ڏاڏو شيخ رات وقت، ايس پي صاحب جي گاڏيءَ ۾ ئي شهر جو دؤرو ڪندا آهن، ان ايس پي کي اها خبر نه هئڻ تي ڪيئن ٿو يقين ڪري سگهجي  ته، ”قاتل ڪارروائي لاءِ تيار ويٺا آهن!؟“، جي کيس خبر هئي ته پوءِ هن ڪهڙي سبب جي ڪري، چڪ جي هندن کي ڏنل پوليس سيڪيورٽي هٽائي؟؟ ڇا قاتلن کي رستو صاف ڪري ڏيڻ ئي ايس پي جنيد شيخ صاحب جو اصل ڪم هو، جڪو هن ڪري به ڏيکاريو...!؟.
   هڪ ٻي ڳالهه به انتهائي ڇرڪائيندڙ آهي. ٽن انسانن کان جان کسيندڙ قاتلن جي گرفتاريءَ لاءِ پوليس طرفان نالي ناتر ڪيل ڪوشش به قاتلن کي ڪاوڙائي وڌو...!!. انهن ڪجهه ماڻهن جي ٿاڻي وڃڻ کي به نه رڳو پاڻ سان وڏي نا انصافي سمجهيو، پر گرفتاريءَ وقت ” الله اڪبر“ جا نعرا هڻي، انهن اها ڳالهه ثابت ڪرڻ چاهي ته، انهن ڪو وڏو ”مذهبي فرض“ ادا ڪيو آهي، جنهن ڪري اهي قاتل يا قاتلن جا ساٿاري نه پر، ”غازي“ آهن...!! اڃا پوليس جي ڪاررواين جو ڊرامو ختم مس ٿيو هو ته، شهري اتحاد جي اڳوڻي اڳواڻَ نور محمد پنهور جي گهر تي سمورا مذهبي جنوني گڏ ٿيا، ان گڏجاڻيءَ ۾ ٻه فيصلا ڪيا ويا:
1-گرفتار ڪيل  ساٿين جي آزاديءَ لاءِ ٿاڻي جو گهيرو يا حملو ڪيو ويندو.
2- ٿاڻي تي حملي دوران ئي، هڪ ٻيو گروپ هندن جي دڪانن کي باهيون ڏيندو، جيئن کين شهر ڇڏي وڃڻ لاءِ مجبور ڪري سگهجي.
  ۽ پوءِ طئه ٿيل منصوبي تي عمل ڪندي، ٽن انسانن کان جان کسڻ واري ڏينهن ئي. جي يو آءِ جي ڪارڪنن جي مدد سان ٿاڻي جو گهيرو ڪيو ويو. کين شهر ۾ هندن جا دڪان ساڙڻ جو موقعو، ڊي آءِ جي تائين اهڙو اطلاع پهچي وڃڻ ڪري، ملي نه سگهيو.
   واقعي جي ٽين ڏينهن  9- نومبر تي سرڪار طرفان پاڻ ئي داخل ڪيل ايف آءِ آر74-2011 ۾، فقط انهن ئي 11 ماڻهن کي قاتلن جو مددگار  يا کين بڇَ ڏيندڙ قرار ڏئي، شامل ڪيو ويو آهي، جيڪي پوليس جي ڇاپن دوران، اتفاق سان هٿ چڙهي ويا هئا. ٻُٽَ ٻڌل ۽ موٽر سائيڪلن تي سوار قاتل، ڪراچيءَ جي دهشتگردن جيان، پوليس لاءِ ”اڻڄاتل“ ئي آهن....!! ڪراچيءَ جي ”اڻڄاتل“ دهشتگردن لاءِ به سڀن کي خبر هوندي آهي، سواءِ ”قانونَ“ جَي!،  چڪ ۾ به انسانيت جا ليڪا لتاڙيندڙ ۽ سنڌيت جو قتلِ عام ڪندڙن لاءِ به سَڀن کي خبر آهي ته، اهي بابل خان ڀَيي جا بَڇيل ۽ ڪچي جي ڳوٽ سچل ڀيَي جا رهواسي آهن، جن مان ٻهن قاتلن جا نالااقبالُ ڀيو ۽ حسن ڀيو آهن. پوءِ به  پوليس، قاتلن تائين ڪيترو نه پهچڻَ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، اوهان ان جو اندازو، پاڻَ ئي لڳايو، ته بهتر. ٻيو ته ٺهيو، پر ان سازش جو مُک ڪردار، جنهن خلاف بليڪ ميلنگ ۽ ڀتاگيريءَ جي اين سي، انهن سمورن سانحن کان اڳ، چڪَ ٿاڻي تي موجود آهي، ان مذهبي ۽ جنسي جنوني قاضي غلام محمد ڀَيي جو نالو  به ايف آءِ آر ۾ ڏيڻ جي همت، پوليس جي ڪنهن به ”بهادر“ آفيسر ۾ نه آهي...!؟، يا پوءِ پوليس کاتو به قاتلن جو يار ۽ مددگار آهي....!؟
  بدترين تباهي ٿي وڃڻ بعد هاڻي سڀُ چست ٿي ويا آهن. صدر صاحب”خاص نوٽيس“ ورتو آهي، پر مان ان نوٽيس کي ”خوش اصلوبيءَ“ سان معاملي مان پاڻ بچائڻ جي سازش کان وڌيڪ، ٻيو ڪجهه به نه ٿو سمجهان، جيڪب آباد ۾ سالن کان هندن جو وات رتُ سان ڀريل آهي، سوين سنڌي هندستانَ  طرف لڏ پلاڻَ ڪري چڪا آهن، اتي به پيپلزپارٽي جي ضلعي صدارت ۽ قومي اسيمبليءَ جي سيٽ مليل جکراڻي خاندان،  ان سازش ۾ ملوث آهي، جنهن سان علائقي جا ڌاڙيل، ڦورو ۽ پوليس کاتوٻٽُ آهي. اسان لکي لکي، پنهنجن آڱرين ۾ سور وجهي چڪا آهيون، پر ڪڏهن به صدر صاحب کي ان سنڌ دشمن سازش جو نوٽيس وٺندي ناهي ڏٺو.!! شڪارپور ضلعي ۾ ٿيل هن شرمناڪ سانحي ۾ به پيپلزپارٽي جو ضلعي صدر سڌو ملوث آهي...!! نه کيس پارٽي صدارت تان هٽايو ويو!!، نه ئي کانئس ٻيو ڪو پڇاڻو ٿيو!!، صدر صاحب جي نوٽيس وٺڻ جو ردعمل اهو ٿيو جو، بابل خان ڀيو صاحب آغا سراج درانيءَ سان گڏ چڪَ جي ڪربلا ۾ ويهاريل هندن وٽ پهچي، کين ڪنهن به قسم جي قانوني ڪارروائي يا احتجاج کان پري رهڻ جي صلاح ڏئي، جلد ئي جرڳي ذريعي انصاف ڏيارڻ جو ڏٽو ڏئي کين خاموش ڪرائي هليا ويا آهن!! واهه صدر صاحب، تنهنجو نوٽيس وٺي انصاف ڏيارڻ...!!.
  اسان کي خبر ناهي ڇو بار بار اهو يقين ڏيارڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي ته :”سنڌ صوفين جي ڌرتي آهي، هر رنگ ۽ مذهبي متڀيد کان مٿڀرو ٿي، انسانن کي فقط انسانُ سمجهندڙن جي ڌرتي آهي...!!“، پر اهڙا ڏٽا ٻڌڻ بعد ڪنڌ کڻي جڏهن به ڏسجي ٿو، سنڌ، قاتلن، ڦورن ۽ ڌاڙيلن جي ڌرتي محسوس ٿئي ٿي، جتي ڪو به محفوظ نه آهي...!!، هر عزت دار ماڻهوءَ جي زندگي، موت کان به بدتر ٿيندي پئي وڃي...!!. بي شڪ اهو سلوڪ برابريءَ جي سطح تي ۽ سَڀن سان آهي، پر جڏهن اسان پنهنجي اهڙي ڪُڌي عمل جو نشانوسنڌي هندن کي بڻايون ٿا ته، پوءِ اهو ڏوهه هڪ عام ڏوهه نه پر قومي ڏوهه بڻجي وڃي ٿو. اسان جي هر اهڙي گندي عمل بعد قوم جو ڪجهه نه ڪجهه حصو ڪٿان نه ڪٿان، پنهنجو وطن ڇڏي، پرديس ۾ پناهه ڳولڻ شروع ٿو ڪري. اسان کي سڀ خبر آهي، سڀ ڪجهه ڄاڻندي به نه رڳو پاڻ ايئن ڪري رهيا آهيون، پر ايئن ٿيندو رهڻ لاءِ مناسب ماحول پيدا ڪري ڏيڻ  به، پنهنجو فرض ٿا سمجهون، ٻين لفظن ۾، پنهنجي ڌرتي جا دشمن ڪي ٻيا نه، پر اسان پاڻ ئي آهيون، حضرت عليءَ جي ان قول جيان ته :”مون کي پنهنجن دوستن کان بچايو، دشمن سان پاڻ ئي منهن ڏئي وٺندس“. چڪ شهر جنهن ۾ ڪجهه سال اڳ ڏيڍ سئو کان وڌيڪ هندن جا گهر آباد هئا، اتي هاڻي فقط 50 کن خاندان مس بچيا آهن، لڏي ويلن مان ڪيترن خاندانن سکر يا ڪراچي ۾ پناهه ورتي آهي يا مورڳو پنهنجي ڌرتي کي ئي ڇڏي هليا ويا آهن؟، اسان کي ته هن وقت ڪا به خبر ناهي. ۽ جي ڪجهه مهينن بعد وري چڪ شهر جي آبادي ۾ هندو خاندانن جو تعداد ڳڻبو ته، شايد اهي اڄ موجود اڌ جيترا به نه هجن...!!، اهو به ممڪن آهي ته پورو شهر ”ڪافرن“ کان پاڪ ٿي چڪو هجي.....!!.
  هن وقت اسان کي اها ڳالهه به ياد رکڻ گهرجي ته، هيڏي وڏي ناانصافي ۽ ظلم ٿي وڃڻ باوجود به، مظلوميت جي انتها تي پهچايل سنڌي هندو، جيڪي ڊاڪٽر اجيت، نريش ڪمار ۽ اشوڪ ڪمار جا لاش گهر ٻاهران پهچڻ تي، خوفَ مان درَ کولڻ لاءِ به تيار نه آهن...!!، جيڪي بند ڪمرن ۾ ئي سڏڪا ڀرڻ سان گڏ اکين جو آبُ آڻڻ تي مجبور آهن...!!، جيڪي ”مسلمانَ ڀائرن“ آڏو پنهنجو ڏک ۽ درد لڪائي ويهڻ ۾ ئي پنهنجو ڀَلو ٿا سمجهن آهن....!!،سَي پاڻ سان ٿيندڙ ناانصافين ۽ ظلمن خلاف ان وقت تائين آواز نه اُٿاريندا، جيستائين اسان اهڙي ظلم خلاف هڪ مظبوط تحريڪ نٿا بڻجي وڃون. سندن چونڊيل نمائندا ۽ وزير ڀلي ڪهڙي به پارٽيءَ ۾ هجن، سندن مفادُ مسلمان جاگيردار حڪمرانن کان پنهنجو حصو وڌ ۾ وڌ وٺڻ آهي. گتَن جون پرمٽون سندن لاءِ تمام گهڻيون اهم آهن، پنهنجن ڀائرن جو بچاءُ ڪرڻ جي ڀيٽ ۾...!!. سنڌ ۾ سنڌي ڀائرن جو،  پنهنجي ڀاءُ جيان هر سطح تي بچاءُ ڪرڻ جو ڪم، کين ڪنهن به طريقي سان تنگ ڪندڙن کي دنيا آڏو ننگو ڪرڻ جو ڪم، اسان ۽ توهان ڪري سگهون ٿا يا نه!؟ ڪرڻ چاهيون ٿا يا نه!؟ پنهنجن ڀائرن کي پنهنجو ڀاءُ به سمجهون ٿا يا نه....!؟، سنڌ ۾ هندن جي مستقبل جو فيصلو اسان طرفان پنهنجي لاءِ چونڊيل ڪردار ۾ ئي لڪل آهي، صدر صاحب جي نوٽيس وٺڻ يا اقليتي ووٽن ذريعي چونڊيل اسيمبلي ميمبرن جي نمائشي تعزيتي تقريرن ۾ نه. هو ڀلي گتن جا لائسنس وٺندا ۽ وسڪيءَ جون فيڪٽريون لڳائيندا رهن، پر اسان ۽ توهان کي ڪجهه ڪري ڏيکارڻو آهي. اسان ئي ان سازش کي سمجهي به رهيا آهيون ته سازشي ڪردارن کان به واقف آهيون، پنهنجي ٿيندڙ نقصان جي به خبر آهي ته قوم آڏو موجود چئلينجن جي به ، جَي اڃا به اسان ڪجهه نٿا ڪريون  يا ڪرڻ نٿا چاهيون ته پوءِ، اسان پاڻ به پنهنجن ڀائرن ۽ خود پنهنجي خلاف به ٿيندڙ ان سازش ۾ برابر جا شريڪ سَمجهڻ لائق آهيون،  پوءِ ڪو به جواز، نه اسان جي ضمير تي پيل ٻوجهه هٽائي سگهندو، نه ئي سنڌ جي ٿيندڙ تباهيءَ کي گهٽائي سگهندو!، پوءِ جي پنهنجن ڀائرن جي ڪلهي ڪانڌي ٿيڻ  جو” فرض“ ادا ڪرڻ دوران ڪڍرايل تصويرون،  اسان جي  نه رڳو سيرانديءَ پر پيرانديءَ کان به پيل رهيون، تڏهن به ويَل ڪا به شي واپس ٿي نه سگهندي، بلڪل ايئن ئي، جيئن اسان ورهاڱي ذريعي ٿيل پنهنجي تباهيءَ تي، اڄ تائين ماتم ڪرڻ کان سواءِ، ٻيو ڪجهه به نه ڪري سگهيا آهيون....!!
Asadchandio71@yahoo.com

No comments:

Post a Comment