Pages

Labels

Monday 26 March 2012

زوري مذهب مٽرائڻ، اغوا ۽ ڀتاخوري خلاف قانون جوڙيو وڃي: پاڪستان هندو ڪائونسل

زوري مذهب مٽرائڻ، اغوا ۽ ڀتاخوري خلاف قانون جوڙيو وڃي: پاڪستان هندو ڪائونسل


ڪراچي (رپورٽ: ذوالفقار واهوچو) پاڪستان هندو ڪائونسل پارليامينٽ کان گهر ڪئي آهي ته زوري مذهب مٽرائڻ، اغوا، ڀتي خوري کي روڪڻ لاءِ قانون سازي ڪئي وڃي. مذهب مٽائيندڙ مرد توڙي عورت جي اغوا جي فوري طور تي ايف آءِ آر داخل ڪئي وڃي ۽ انهن کي ٻن مهينن لاءِ والدين حوالي ڪيو وڃي ته جيئن انهن مٿان ٻاءُ جو اثر ختم ٿئي ۽ ان کان پوءِ انهن کان راءِ ورتي وڃي. هندو پاڻ کي  غير محفوظ سمجهن ٿا، ان ڪري اسان جي عزت، زندگي ۽ ملڪيتن کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي، ان ۾ پارليامينٽ ۽ سپريم ڪورٽ پنهنجو ڪردار ادا ڪري، جڏهن ته پاڪستان هندو ڪائونسل اهو به چيو آهي ته اسان سنڌي آهيون. سنڌ اسان جي ماءُ آهي، ظلم، جبر، ڏاڍ جو مقابلو ڪنداسين. سنڌ خالي نه ڪنداسين. رياست تحفظ فراهم ڪري، ٻي صورت ۾ ماڻهو پنهنجي تحفظ ۾ هٿيار کڻڻ تي مجبور ٿي ويندا. اهڙن خيالن جو اظهار ڪالهه هڪ مقامي هوٽل ۾ پاڪستان هندو ڪائونسل طرفان سڄي ملڪ مان گهرايل پنچائتن جي چڱن مڙسن جي اجلاس ۾ ڪيو ويو. اجلاس کي خطاب ڪندي پاڪستان هندو ڪائونسل جي سرپرست ڊاڪٽر رميش ڪمار واسواڻي چيو ته پاڪستان ۾ ڪٿي به هندن سان ظلم ٿيو ته اهو برداشت نه ڪنداسين. اسان اقيلت ناهيون، آئين ۾ اسان سڀ ملڪ جا شهري برابر آهيون. اسان سنڌ ڄاوا آهيون. هزارين سالن کان سنڌ اسان جو وطن آهي. اسان جون نياڻيون اغوا ڪري زبردستي انهن جو مذهب مٽايو پيو وڃي. ڀنگ لاءِ اغوا ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته پارليامينٽ ۾ ويٺل هندو ميمبر اسان جي برادري جا چونڊيل نمائندا ناهن، اهي انهن پارٽين جا نمائندا آهن، جيڪڏهن اهي استعيفيٰ ڏين ته نه اسان جو اغوا ٿئي ۽ نه ڪير اسان جي نياڻي اغوا ڪري سگهي. اسان کي پاڻ ۾ محبت ۽ ڀائيچارو پيدا ڪرڻو پوندو. هن چيو ته چڪ ۾ ڇوڪري رضا خوشي سان آئي تڏهن به اسان جي ٽن نوجوانن کي بي گناهه قتل ڪيو ويو. قاتل اڃان تائين گرفتار نه ٿيا آهن. هن چيو ته قومي اسيمبلي ۾ عذرا پيچوهو آواز بلند ڪيو. مان ايم ڪيو ايم جو ناهيان پر اهو سچ آهي ته جيڪي نياڻيون اغوا ٿين ٿيون ايم ڪيو ايم انهن جي موٽائڻ ۾ مدد ڪري ٿي. هن چيو ته مان بلوچستان ۾ سينيٽ جي سيٽ تي بيٺس ته پ پ جي چونڊيل هندو ڀائرن فريال ٽالپر کي خط لکيو ته رميش ڪمار واسواڻي کي ٽڪيٽ نه ڏيو اهو پاڪستان هندو ڪائونسل جو آهي. پارليامينٽ ۾ اچي هندن جا مسئلا کڻندو. پاڪستان هندو ڪائونسل جي صدر جيٺانند ڪوهستاني ٽيليفونڪ خطاب ڪندي چيو ته اڄوڪو ميڙ اسان جي عزتن، ملڪيتن ۽ ڌرم جو تحفظ ڪندو. اسان کي اتحاد قائم ڪرڻ  گهرجي. سنڌ اسان جي ماءُ آهي. اها هرگز نه ڇڏينداسين. ٻڌي کي برقرار رکو سڀ ڪجهه بهتر ٿي ويندو. ايڊووڪيٽ ڪلپنا ديوي چيو ته اسان سنڌين کي هوشو، هيمون ۽ انا هزاري جهڙن ماڻهن جي ضرورت آهي. هن چيو ته اسان هندو ۽ مسلمان مذهب ۾ ورهايل آهيون. اسان سڀ سنڌي آهيون. هن چيو ته مون کي هڪ جج شادي  ڪرڻ لاءِ چيو ۽ مسلمان ٿيڻ جي قرباني گهري. هن چيو ته اسان ٻڌي نه هجڻ سبب پنهنجي ڌرتي تي غلا م بڻيل آهيون. هن سوال ڪيو ته رنڪل ڪماري واپس ٿئي ته اوهان مان ڪير ان سان شادي ڪندو. اسان جا ايوانن ۾ ويٺل نمائندا ڀاڙيا آهن، انهن کي چوڙيون پاتل آهن. هن چيو ته هندو مسلمان سان شادي ڪري ته ڏوهه باقي مسلمان ڪري ته ٺيڪ. هن چيو ته هندو مسلمانن وچ ۾ شاديون ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي. هن چيو ته سنڌ مان مڊل ڪلاس هليو ويو ته ڪجهه نه بچندو. هن چيو ته سنڌ جي هر گهٽي ۾ ميان مٺو جهڙو شخص ويٺل آهي، ان کي ختم ڪرڻ لاءِ سنڌي ٿي ويڙهه ڪرڻي پوندي. کيئل داس چيو ته اسان سنڌي آهيون پوءِ هندو آهيون. اقليت وارو لفظ غلط آهي. رنڪل ڪماري 4 ڪروڙين جي نياڻي آهي، اهو اڪيلو هندن جو مسئلو ناهي. اسان کي ڪالاباغ ڊيم، ذوالفقار آباد، سنڌي ٻولي قومي ٻولي وارين جدوجهدن ۾ شامل ٿيڻو پوندو. اسان کي سنڌ ۾ جيئڻو ۽ مرڻو آهي. سنڌ اسان جي ڌرتي آهي. هن چيو ته جيڪي هندو پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ ڀارت ويا انهن کي اڃان تائين شهريت نه ملي آهي، اهي اتي پريشان آهن. سنڌ جو عوام رنڪل ڪماري جو پلاند ميان مٺي کان وٺندو. سنڌي غيرتمند آهن پنهنجي ڌرتي ۽ ننگن جي حفاظت ڪرڻ ڄاڻن ٿا. اشوڪ ڪمار چيو ته هندن لاءِ مسئلا پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ پيدا ٿيا آهن. هندو ڪائونسل جي اڳوڻي صدر آسرمل چيو ته اسان جون نياڻيون اغوا ڪري 15 ڏينهن تائين انهن سان زنا ڪري زبردستي مذهب تبديل ڪيو وڃي ٿو. ناجائزيون بند ڪيون وڃن نه ته اسان پرامن سنڌي هٿيار کڻڻ تي مجبور ٿينداسين. ايڊووڪيٽ جهمٺ مل چيو ته هندن کي وڏيرن ۽ ڌاڙيلن کي ملڪيت ڏيڻ بدران غريبن تي خرچ ڪرڻ گهرجي. ان سان معاشري ۾ تبديلي ايندي ۽ اسان سڀ سنڌي هڪ ٿي وينداسين. ايشور لعل چيو ته اسان ڌرتي جا پٽ آهيون. پوءِ به پاڻ کي اقليت سمجهون ٿا. اسان جي ناڪامي جو سبب ٻڌي نه آهي. هن چيو ته اسان کي حق ان ڪري نٿا ملن جو اسان سياست نه ٿا ڪريون. گوبند لعل چيو ته نصاب ۾ رامائڻ جو سبق شامل ڪيو وڃي. اسان ٻڌي ڪريون ته ڪير اسان جو ڪجهه نٿو بگاڙي سگهي. ڊاڪٽر سري رام چيو ته اپر سنڌ ۾ جيستائين ڀنگ ۽ غنڊا ٽيڪس نٿا ڏيون اوستائين ڌنڌو نٿا ڪري سگهون. پاڻ ۾ وڙهڻ ڇڏيو، دشمن نه کلايو. هندو قانون ٺاهڻ لاءِ قانون ساز ڪميٽي جوڙي وڃي. مٺي مان 10 ماستريانيون اغوا ڪيون ويون آهن، انهن جي اڃا تائين ڪا خبر ناهي ته ڪاٿي آهن. اسان جي چونڊيل نمائندن ۾ غيرت ناهي اهي پارٽين جا منشي آهن. صحافي مهيش ڪمار چيو ته اسان کي سنڌي ٿي وڙهڻ گهرجي. مذهب جي نالي تي مار کائي وينداسين. سڄي دنيا ۾ ملائيت پکڙجي وئي آهي. اسان ڌرتي سان جڙي وينداسين ته بچنداسين. پهريان هندو، باگڙين، ڀيلن، ڪولهين، ميگهواڙن کي پنهنجو ڪريو، انهن کي پاڻ جهڙو سمجهو، اشوڪ ڪمار چيو ته مڙسي ڪريون بندوق کڻون،  سنڌ نه ڇڏينداسين سنڌ اسان جي ڌرتي آهي، پر ملا هنجواڻي چيو ته اسان سنڌي آهيون، اسان سان پنهنجا سنڌي بي واجبي ڪن ٿا. هن چيو ته جيڪڏهن ڪا مسلمان سنڌي نياڻي اغوا ٿئي ته ان لاءِ به اسان کي آواز اٿارڻ گهرجي. ڌرتي اسان جي آهي، ڪجهه به ٿئي نه ڇڏينداسين. پنهنجي نياڻين کي سٺي تربيت ڏيو ته اهي مسئلا نه ٿيندا.
courtecy - awami awaz

No comments:

Post a Comment