Pages

Labels

Friday 23 March 2012

رنڪل ڪماري ڪيس..! امر جليل ۽ ميان مٺو ڳالهه واضح ڪن..

رنڪل ڪماري ڪيس..! امر جليل ۽ ميان مٺو ڳالهه واضح ڪن

وينگس

-----------------------------------------------------------------------

هر وقت خبرن ۾ رهندڙ ۽ مسئلن کي ڏينهن ۾ سوء ڀيرا منهن ڏيندا عوام کي چڱي ريت خبر آهي ته انهن جي درد جو ذميوار ڪير آهي؟
هتي مسئلو صرف اهو ناهي جيڪو رپورٽ ٿئي ٿو پر ان مسئلي کي ٻيو رنگ ڏئي ٻين ڌرين کي اڳيان آڻڻ ڪا نئين ڳالهه رهي ناهي. رنڪل ڪماري ڪيس تي جنهن کي جيئن وڻي ٿو تيئن رنگ ڏنو پيو وڃي اصل ڪهاڻي ڇا آهي؟ ڪنهن ان ڏانهن ڌيان ئي ناهي ڏنو. ڪڏهن ڪڏهن اهڙا واقعا جوڙي حادثا پيدا ڪيا ويندا آهن ته جيئن عوام مان هڪ کي ڪڍي ٻئي کي شامل ڪري سگهجي. رنڪل ڪماري ۽ چڪ واقعي کي وسارڻ نه گهرجي ته اهي ڪيئن ۽ ڇو ٿي رهيا آهن؟ ان کان پهرين به اصل سنڌين اغواه ۽ قتل ڪرڻ جهڙا سڀئي واقعا ٿيندا پيا اچن، جنهن ۾ مقصد لڪل آ ته هتان جي سنڌين کي سنڌ مان ڪڍي ٻين ڌارين کي آباد ڪجي.

اسان جي اها ڳالهه ڪنهن کي سمجهه ۾ ناهي اچي رهي ته رنڪل ڪماري ڪيس کي پيار جي شادي جو رنگ ڏيڻ ڪٿان جو انصاف آهي؟ ڇا رنڪل ڪماري جي گهر ڀارتين سان ڪنهن تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي؟
ميان مٺو چيو آهي ته جيڪڏهن فريال (رنڪل) مسلمان ٿئي ته ڪهڙو پهاڙ ٽٽي پيو هندستان ۾ ته روز ڪيترا ئي مسلمان هندو ٿيندا آهن، مسلم هندن سان ۽ هندو مسلمانن سان شادي ڪندا آهن ۽ خوشي سان ڇوڪريون پرڻائي ڏيندا آهن، هن چيو ته تازو هندستان جي مشهور ڊاڪٽر ذاڪر حسين سيد پنهنجي ڇوڪري هندن کي پرڻائي ڏني ، مسلم عورت نرگس کي اداڪار سنيل دت سان شادي ڪئي اهو هندستان ۾ ٿي پيوته خير جيڪڏهن ڪا ناري هتي مسلمان ٿئي ته هندو واويلا ڇو پيا ڪن.

ميان مٺو جي آڏو هڪ ڳالهه واضح ڪندا هلون ته پهرين به جڏهن عورتون مسلمان ٿيون ته انهن ۾ پنهنجي مرضي شامل هئي، هينئر معاملو ٻيو آهي ڇا ڪنهن کي خبر ناهي ته پئسن ۽ بندوق جي زور تي غير مسلم کي مسلم بڻايو پيو وڃي. جيڪڏهن رنڪل جو واقعو ان جي رضا سان هجي ها ته رنڪل پنهنجن گهر ڀاتين سان وڃڻ جي لاءِ گهوٽڪي جي عدالت ۾ گذارش نه ڪري ها ۽ رنڪل کي گهر مان اغواه ڪرڻ جي ضرورت به نه پئي ها. رنڪل کي اغواه ڪيو ويو آهي.
ان حقيقت کان ڪير انڪار ڪري سگهي ٿو؟ هاڻي جيڪڏهن سڀاڻي ڪنهن جي گهر جي نياڻي اغواه ڪئي وئي ته ان کي پيار جي شادي جو نانءُ ڏئي خاموش ڪرايو ويندو. ڇا هاڻي ائين ڪيو ويندو؟ ناانصافي کي ڪيترا به پردا ڏيو، ناانصافي ته ناانصافي رهندي؟

رنڪل ڪيس تي اديب امر جليل صاحب هڪ پروگرام ۾ پنهنجي دوست جي ڳالهه ڪندي چيو ته جيڪڏهن توهان جي گهرن ۾ ڀٽي جي تصوير جي جڳهه تي الطاف حسين جي تصوير لڳل هجي ها ته ڪير توهان جي نياڻي کي گهر مان ائين نه کڻي ها. ان ڳالهه جي وضاحت ڪرڻ بينا پروگرام کي ختم ڪيو.
اسان کي سمجهه ۾ نه پيو اچي ته ڪنهن جي اغواه ڪرڻ سان ڪنهن جي تصوير جو ڪهڙو واسطو ٿي سگهي ٿو؟ ان جو مطلب ذوالفقار علي ڀٽو جو نظريو ۽ شخصيت ڪمزور هئي، جنهن ڪري گهرن ۾ بدمعاش گهري اچن ٿا. جيڪڏهن امر جليل صاحب اهو ئي تجزيو ايم آر ڊي تحريڪ دوران ڪندي چئي ها ته اڄ جيڪي توهان جا ماڻهو روڊن تي شهيد ٿيا آهن اهو صرف ان ڀٽي ڪري ٿيا آهن، جيڪڏهن اڄ توهان جنرل ضياء لاءِ بيٺل هجو ها ته ائين گولين جو کاڄ نه ٿيو ها.

ايم ڪيو ايم جي حقيقت کي ڪير نه ٿو سڄاڻي؟ ڇا ڪراچي يونيورسٽين ۾ داخلائن تي بندش ڀٽي جي تصوير هنئي؟ ڇا ڪراچي ۾ ٻوڏ متاثرين کي اچڻ کان روڪڻ لاءِ ڀٽي جي تصوير هئي؟ ڇا سنڌ يونيورسٽي ۾ ٿيندڙ احتجاجن کي باءِ پاس ڀٽي جي تصوير ڪيو؟ ڇا سنڌ ۾ ٻه دفعا ايندڙ ٻوڏ ۽ برساتين جي تباهي ڀٽي جي تصوير آئيندي؟ ڇا غلط ڪم ڪري ان عيوض ٽيبل هيٺا پئسه وٺڻ به ڀٽي جي تصوير متعارف ڪرايو؟ ڇا ٻن ڏوڪڙن عيوض ڪارو ڪاري جو ڪاروبار ڀٽي جي تصوير وڌو؟ هينئر تائين جن به پيرن ۽ مريدن جي سپورٽ ڪئي آهي ڇا اها به ڀٽي جي تصوير ڪيو؟

امر جليل صاحب ڳالهه کي واضح ڇو نه ڪيو؟ انهن کي خبر آهي ته پروگرامس صرف ذهين ذهن نه ڏسندا آهن اهي به ڏسندا آهن جن جا ذهن ڪچڙا آهن. هاڻي هر سنڌ اسٽبلشمينٽ جي ٽيم جي ڪردار جون تصويرون گهرن ۾ هڻي ويهي رهي. پروگرامس ۾ تجزيا ڌر ٿي نه ٿيڻ گهرجن اهي اڻ ڌريا هجن ته بهترين ٿيندو. ڪنهن به ڌر جو نالو کڻڻ کان پهرين ڏسڻ گهرجي ته سنڌ ۾ سياسي يتيمي ڪٿي وڃي پهتي آهي؟ هاڻي اهي ڪردار به نه رهيا آهن جيڪي سياسي شعور جي پختگي ڪري سگهن تاريخ کي سمجهندڙ اکيون خاموش لڳل آهن. اتي ويهي صرف هڪ ڳالهه ڪري هٿ ڇنڊي اُٿي کڙو ٿيڻ سان موقف واضح ناهن ٿيندا.

رنڪل ڪماري جي اغواه ٿيڻ ۾ جنهن جو سڌو سنئون ڪردار ۽ مفاد آهن انهن تي ڳالهائڻ گهرجي ته آخر سنڌ ۾ ئي اصل سنڌين سان قهر ڇو ٿي رهيو آهي؟

1 comment:

  1. Amar Jaleel haqeeqat galh kayi aa... bhuttey ji hukoomat pahjey MNA khe nathey sabhaley saghey, jey aaj sabh hindu MQM join kan disooon tha ta kean nathey miley Rinkal ain kean tho achey chief justice?

    ReplyDelete