Pages

Labels

Wednesday 28 March 2012

پني عاقل جا 10 هندو خاندان سنڌ ڇڏي ويا، ڪيترائي ملڪيتون وڪرو ڪرڻ ۾ مصروف

پنوعاقل (رپورٽ: نور محمد سومرو): پوري سنڌ جيان پنوعاقل مان به سنڌي هندو ڀارت لڏي ويا، ڪجهه مهينا اڳ پنوعاقل ۾ هندو، مسلم فساد ۽ سنڌ ۾ هندو غير محفوظ ڏسندي پنوعاقل ۾ جنم وٺندڙ ڌرتي ڌڻي 10 گهر هندستان لڏي ويا، ڪجهه مهينن اندر هڪ سئو جي لڳ ڀڳ خاندان هندستان ڏانهن لڏي وڃڻ لاءِ پنهنجون ملڪيتون وڪرو ڪري رهيا آهن. سنڌ ڪارڊ استعمال ڪندڙ پنهنجي حڪومتي دور ۾ به سنڌ ڌرتي جي واڳ ڌڻي سنڌي هندن کي تحفظ نه ڏئي سگهيا ۽ پنوعاقل مان لڙڪ هاريندي ساجن بوٽ هائوس جي مالڪ راجومل، سنڌي ادبي سنگت جو نامور ايس جي ڀاڳيا جو پٽ امر ڀاڳيا، سيٺ شامومل جو پٽ جڳديش، پرسو رام سميت 10 ڄڻا ڏکايل ماحول ۾ وڌيڪ نه ترسندي پنوعاقل جي اباڻي ڌرتي کي ڇڏي ڀارت روانا ٿي ويا. ان ڏس ۾ ڪيترن ئي هندن رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته گذريل 6 مهينن ۽ 20 خاندان پنوعاقل مان هندستان لڏي ويا آهن. جڏهن ته 80 جي لڳ ڀڳ خاندان پنهنجون ملڪيتون وڪرو ڪري رهيا آهن ۽ ٿوري عرصي ۾ پنوعاقل کي الوداع چئي هندستان لڏي ويندا. پنوعاقل مان هندن جي لڏپلاڻ واري خبر پوڻ تي ڪيترائي مسلم شهري اکين مان لڙڪ هاري ويٺا، هندن جو سنڌ مان لڏڻ تي افسوس جو اظهار ڪندي شهرين جو چوڻ آهي ته سنڌ ڪارڊ استعمال ڪندڙ حڪمران ڪٿي آهن. جو هنن جي حڪومت ۾ پ پ کي ووٽ ڏيندڙ هندو سنڌ ۾ غير محفوظ آهن ۽ هو پنهنجي عزت، آبرو خاطر صدين جا ڳوٺ واهڻ شهر دڪان ڇڏي پنهنجي عزيزن، رشتيدارن کان جدائي ٻيهر 1947ع وارو دور ورجائي رهيا آهن.

No comments:

Post a Comment