Pages

Labels

Friday 9 March 2012

رنڪل جو اغوا مذمت جوڳو آهي، عدليه ۽ انتظاميا انصاف فراهمي ۾ ناڪام ٿي ويون: ورلڊ سنڌي ڪانگريس ۽ سانا

لنڊن (عوامي آواز نيوز) پرڏيهه ۾ رهندڙ سنڌي تنظيمن هندن جي اغوا جي مذمت ڪئي آهي. ورلڊ سنڌي ڪانگريس ۽ سنڌي ايسوسيئيشن آف نارٿ آمريڪا (سانا) چيف جسٽس کي نوٽيس وٺڻ جي اپيل ڪئي آهي. جاري ڪيل بيان ۾ ورلڊ سنڌي ڪانگريس جي چيئرمين ڊاڪٽر هدايت ڀٽو چيو آهي ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي ايم اين اي جو ملوث هجڻ افسوس جوڳو عمل آهي. هنن چيو ته ناري جي پيش ٿيڻ دوران سندس وارثن کي به ملائڻ نه ڏنو ويو، پر جوابدار ڌر جا ڪيترائي ماڻهو ٻڌڻي دوران عدالتي احاطي ۾ موجود هئا، جيڪا اقليتن کي تحفظ فراهم ڪرڻ ۾ ناڪامي آهي. سانا جي صدر ڊاڪٽر وليد شيخ چيو ته سنڌ صدين کان صوفياڻي مزاج سان ڀرپور رهي آهي. هتي هندو ۽ مسلمان گڏ رهيا آهن. هن چيو ته سنڌ حڪومت معاملو حل ڪرڻ ۽ ذميواريون نڀائڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي. چيف جسٽس معاملي جو نوٽيس وٺي ۽ ماتحت عدليه پاران جوابدارن کي ڏنل ڇوٽ خلاف ڪارروائي ڪري. هنن مطالبو ڪيو ته هندن ۽ ٻين اقليتن کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

No comments:

Post a Comment