Pages

Labels

Friday 30 March 2012

آمريڪي جنرلن به رنڪل معاملو اٿاريو، ڪياني سان ڳڻتي ظاهر


آمريڪي جنرلن به رنڪل معاملو اٿاريو، ڪياني سان ڳڻتي ظاهر


ڪراچي (عوامي آواز نيوز): آمريڪي جنرل جيمزميٽس ۽ جنرل جان ايلن پاڪستان جي آرمي چيف جنرل اشفاق پرويز ڪياني سان هندو ناري رنڪل ڪماري جي اغوا ۽ مذهب تبديلي جي واقعي تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي، اسوسئيٽيڊ يوسي جي رپورٽ موجب پاڪستان ۾ اقليتن، هندن ۽ عيسائين کي لڏائڻ يا هيسائڻ لاءِ انتهاپسند زوري مذهب تبديلي جو هٿيار استعمال ڪري رهيا آهن. آمريڪي جنرل روم ۾ آپگهات ڪندڙ فاخرا يونس واري مامري تي به ڳڻتي جو اظهار ڪيو

------------------------------------------------------------
.رنڪل ۽ لتا کي جس پيش، ميان مٺو کي وري ٽڪيٽ ملي ته پ پ جو بائيڪاٽ ڪنداسين هندو پنچائت شهدادڪوٽ

شهدادڪوٽ (ن ع آ) شهدادڪوٽ ۾ هندو برادري رنڪل ڪماري ۽ ڊاڪٽر لتا کي جس پيش ڪيو. شهدادڪوٽ ۾ مهراج هائوس تي پوجا جنرل هندو پنچائت جي سڏ تي سوين هندو برادري جي ماڻهن مهراج رميش ڪمار، ڊاڪٽر پريم چند، ڊاڪٽر امر لعل، ڊاڪٽر اشوڪ ڪمار، پرتاب راءِ، ڪامريڊ راجل داس ۽ راجنيدر ڪمار جي اڳواڻي ۾ گڏ ٿيا جتي هندو برادري رنڪل ڪماري ۽ ڊاڪٽر لتا پاران سپريم ڪورٽ ۾ پنهنجي وارثن ڏانهن وڃڻ واري ڏنل بيانن تي نارين کي جس پيش ڪيو. جتي اڳواڻن چيو ته رنڪل ڪماري ۽ ڊاڪٽر لتا پاران سپريم ڪورٽ ۾ ڏنل بيانن مان صاف ٿي ويو آهي ته نارين کي بندوق جي زور تي مسلمان ڪيو ويو هو ۽ نارين عدالت ۾ پنهنجي وارثن ڏانهن وڃڻ جا بيان واضح ثبوت آهن. هنن چيو ته ناريون خوف واري صورتحال ۾ رهڻ باوجود عدالت ۾ بيان ڏئي بهادري جو اعليٰ مثال قائم ڪيو آهي، جنهن ڪري کين جس پيش ڪجي ٿو ۽ اميد آهي ته ايندڙ ٻڌڻي ۾ به بهادري جو مظاهرو ڪيو ويندو. هنن چيو ته پيپلز پارٽي ايم اين اي ميان مٺو ڌر هئڻ ڪري سڄي سنڌ جي هندن کي سندن عمل تي ڏک پهتو آهي، جنهن ڪري پيپلز پارٽي جي قيادت کان مطالبو آهي ته ايندڙ چونڊن ۾ ميان مٺو کي ٽڪيٽ نه ڏني وڃي، جيڪڏهن اسان جي مطالبي کي ٻڌو اڻ ٻڌو ڪيو ويو ته ايندڙ چونڊن ۾ سياسي پليٽ فارم تبديل ٿي سگهي ٿو، جڏهن ته ان موقعي تي هندو برادري رنڪل ڪماري ۽ ڊاڪٽر لتا جي وارثن سان ڀرپور يڪجهتي جو وچن ورجائي اعلان ڪيو ته سندن وک وک تي ساٿ ڏنو ويندو


------------------------------------------------------------

جنرل ڪيانيءَ گهوٽڪي ضلعي جي هندن کي ڌمڪين جو نوٽيس وٺي: قادر مندو خيل

.

ڪراچي (پ ر) قادر خان مندو خيل ويلفيئر ٽرسٽ جي چيئرمين قادر خان ايڊووڪيٽ چيو آهي ته رنڪل ڪماري جي اغوا بعد انتهاپسند ڏهرڪي، ميرپور ماٿيلي ۽ گهوٽڪيءَ جي هندن کي ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن ۽ ايم اين اي علائقي ۾ هندو، مسلم فساد ڪرائڻ جي سازش ڪري رهيو آهي. پريس پڌرائي ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ساڳيو گروپ هندو واپارين کان ماهوار لکين رپيا ڀتو وٺڻ ۾ به ملوث آهي. هن جنرل اشفاق پرويز ڪيانيءَ کي اپيل ڪئي ته هو سنڌ جي اقيلتي برادريءَ کي تحفظ ڏيڻ لاءِ قدم کڻي، جڏهن ته هن سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس افتخار محمد چوڌريءَ کان به اپيل ڪئي ته پ پ ايم اين اي ۽ سندس خاندان جي ڏوهن ۾ ملوث هئڻ بابت جڊيشل ڪميشن جوڙي


.

No comments:

Post a Comment