Pages

Labels

Wednesday 28 March 2012

Daughter Of Sindh Rinkal Kumari said In Supreme Court

Daughter Of Sindh Rinkal Kumari 
Said In Supreme Court


"Kill me here in court, but don't send me to Darul-Aman"
The words of Rinkal Kumari: "Everyone in Pakistan is hand in glove, there is justice only for Muslims, there is no justice for Hindus. Kill me here in court, but don't send me to Darul-Aman, all these people are hand in glove, they will kill us". 
Even after repeated pleas by Rinkal Kumari & her parents, the court didn't allow her to go with her parents. Instead the court sent her to shelter home in Karachi where she said that she faces threat to her life. What kind of justice is this?
Who will be responsible now if something happens to her?


رنڪل ڪماريءَ جا لفظ: ”مونکي هتي ڪورٽ ۾ ئي ماري ڇڏيو پر مونکي دارالامان نه موڪليو. اهي سڀ ماڻهو مليل آهن. اسانکي ماري ڇڏيندا. پاڪستان ۾ سڀ هڪٻئي سان مليل آهن. هتي انصاف صرف 
مسلمانن کي ملندو آهي. هندن لاءِ ڪو انصاف ناهي
سپريم ڪورٽ رنڪل ڪماريءَ جون آهون ۽ داهون نه ٻڌيون ۽ کيس دارالامان موڪلي ڇڏيو
هاڻي جيڪڏهن رنڪل کي ڪجھ ٿيو ته ان جو ذميدار ڪير هوندو؟

والدين سان وڃڻ جون دانهون ڪندڙ رنڪل ڪماري 18 اپريل تائين پناهه گهر حوالي
ٻڌڻي شروع ٿيڻ جي موقعي تي چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري رنڪل ڪماريءَ سان سنڌي ۾ ڳالهايو ۽ کانئس پڇيو ته توهان جي تعليم ڪيتري آهي جنهن تي هن چيو ته مون انٽر ڪئي آهي ۽ آئون پنهنجي والده سان وڃڻ چاهيان ٿي. جنهن تي رنڪل جي والد چيو ته منهنجي ڌيءَ کي زوري قيد ڪيو ويو آهي اها منهنجي حوالي ڪئي وڃي 
رنڪل ڪماري عدالت ۽ گاڏي ۾ ويهڻ وقت سخت احتجاج ڪندي ۽ روئيندي چيو آهي ته آئون پنهنجي والدين ڏانهن وڃڻ چاهيان ٿي، مون کي پناهه گاهه نه موڪليو وڃي، اتي زندگي کي خطرو آهي، جڏهن ته رنڪل جي والدين پڻ احتجاج ڪندي چيو آهي ته رنڪل اسان جي حوالي ڪئي وڃي، پناهه گاهه موڪلڻ جو ڪو به جواز نه آهي
عدالت رنڪل جون آهون ۽ داهون نه ٻڌيون ۽ ان کي دارالامان موڪلي ڇڏيو جتي سندس چوڻ موجب کيس جان جو خطرو آهي

No comments:

Post a Comment