Pages

Labels

Friday 30 March 2012

رنڪل ۽ ڊاڪٽر لتا ڪراچي جي شيلٽر هوم حوالي، نارين کي آزاداڻي انداز ۾ سوچڻ جو موقعو ملڻ گهرجي: چيف جسٽس.




 
سپريم ڪورٽ جي حڪم تي پسند جو پرڻو ڪندڙ ۽ وارثن پاران اغوا ڄاڻايل ٻن نارين رنڪل ڪماري ۽ ڊاڪٽر لتا کي ڪراچي جي شيلٽر هوم پناهه منتقل ڪرڻ لاءِ بڪتربند گاڏين ذريعي عدالت مان ٻاهر ڪڍيو ويو، چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته ٻنهي نارين کي آزاداڻي انداز ۾ سوچڻ جو موقعو ملڻ گهرجي. چيف جسٽس پنهنجي ريمارڪس ۾ چيو ته رنڪل عرف فريال ماءُ سان ملاقات بعد ماءُ سان گڏ وڃڻ گهري ٿي پر معاملو اڃا واضح نه آهي. سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري جي سربراهي ۾ 3 رڪني بئنچ ڪيس جي ٻڌڻي هلائي. ٻڌڻي دوران ميرپور ماٿيلو واسي ناري رنڪل ڪماري عرف فريال بي بي ۽ جيڪب آباد واسي ڊاڪٽر لتا ڪماري عرف حفصه کي پوليس سخت پهري هيٺ سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪيو. چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري رنڪل ڪماري کان 3 بنيادي سوال ڪيا ۽ سنڌي ۾ پڇيو ته اوهان ڪهڙي ٻولي ڳالهائي سگهو ٿا، اردو، سنڌي يا انگريزي؟ رنڪل ڪماري جواب ڏيندي چيو ته هوءَ رڳو سنڌي ۽ اردو ڳالهائي سگهي ٿي. چيف جسٽس رنڪل ڪماري جي بيان ڏيڻ دوران گهٻرائڻ تي سموري ڪورٽ خالي ڪرائڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته سمورا ماڻهو عدالتي ڪمري مان ٻاهر نڪري وڃن. عدالتي ڪمري مان ٻنهي نارين جي مائٽن، وڪيلن، صحافين توڙي عام ماڻهن کي ٻاهر ڪڍيو ويو ۽ ٻنهي نارين جا 3 رڪني بئنچ اڪيلائي ۾ بيان قلمبند ڪيا. بيان قلمبند ڪرڻ کانپوءِ ٻنهي نارين کي پنهنجي پنهنجي ماءُ پيءُ سان اڪيلائي ۾ ملاقات ڪرائي وئي. نارين جي سپريم ڪورٽ ۾ پيشي دوران سندن ماءُ پيءُ لڙڪ لاڙي ويٺا، ڊاڪٽر لتا ڪماري جي پيءُ ڊاڪٽر نند لال عدالت ۾ زور ڀريو ته سندس ڌيءَ جو هنن جي روبرو بيان ورتو وڃي ۽ گوڙ ڪرڻ تي عدالت ڊاڪٽر نند لال کي عدالتي ڪمري مان ٻاهر ڪڍرائي ڇڏيو. چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري رمارڪس ڏيندي چيو ته ائين نٿو چئي سگهجي ته رنڪل ڪماري عرف فريال بي بي جو بيان آزاد ماحول ۾ ورتو ويو هجي. چيف جسٽس چيو ته ٻئي ڇوڪريون اسان جون پنهنجيون نياڻيون آهن ۽ سندن راءِ آهي ته ٻنهي ڇوڪرين کي سوچڻ لاءِ آزاد ماحول ملڻ گهرجي. چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي وڌيڪ چيو ته اقليتي برادري کي آئيني تحفظ ڏيڻو پوندو. جسٽس خلجي عارف چيو ته پسند جا پرڻا ٿيندا آهن پر مذهب کي ان معاملي ۾ آڻڻ نه گهرجي. چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري رمارڪس ڏيندي اهو به چيو ته رنڪل ڪماري پنهنجي ماءُ سان ملڻ کانپوءِ ساڻس گڏ وڃڻ چاهي ٿي پر اڃا معاملو واضح نه آهي. سپريم ڪورٽ ٻنهي نارين جا بيان قلمبند ڪرڻ ۽ ڌرين جا موقف ٻڌڻ کانپوءِ رنڪل ڪماري ۽ ڊاڪٽر لتا ڪماري کي واپس ڪراچي شيلٽر هائوس موڪلڻ جو حڪم ڏنو ۽ پوليس کي هدايت ڪئي ته نارين جي تحفظ کي وڌيڪ اثرائتو بڻائيندي ٻيهر 18 اپريل تي سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪيو وڃي. ٻڌڻي کانپوءِ عدالتي ڪمري مان ججن جي وڃڻ کانپوءِ پوليس رنڪل ڪماري کي پناهه گاهه هلڻ لاءِ چيو ته هن انڪار ڪري ڇڏيو. رنڪل ڪماري عدالتي ڪمري ۾ دانهون ڪندي چيو ته هوءَ دارالامان وڃڻ نه ٿي چاهي، هن چيو ته اوهان هڪ رات دارالامان ۾ رهي ڏسو، خبر پئجي ويندي. رنڪل ڪماري دانهون ڪندي اهو به چيو ته هوءَ پنهنجي امڙ سان گڏ وڃڻ چاهي ٿي. ڪيتري ئي دير تائين رنڪل ڪماري ڊي ايس پي جي آفيس ۾ ويٺل رهي ۽ پوليس اهلڪار کيس پناهه گاهه وٺي وڃڻ لاءِ منٿون ڪندا رهيا ۽ رنڪل کي آٿت ڏيندا رهيا ته هو کيس دارالامان نه پر پنهنجي ڳوٺ ميرپور ماٿيلو وٺي وڃن ٿا. ٻڌڻي کانپوءِ سپريم ڪورٽ جي احاطي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي رنڪل ڪماري جي امڙ لڇمي ٻائي لڙڪ لاڙيندي چيو ته، سندس ڌيءَ ساڻس گڏ رهڻ گهري ٿي ۽ عدالت ۾ جج آڏو رنڪل دانهون ڪري روئي رهي هئي ته کيس ماءُ حوالي ڪيو وڃي. ڊاڪٽر لتا عرف حفصه جي امڙ به روئيندي چيو ته سندس ڌيءَ لتا عدالت ۾ روئي رهي هئي ۽ هوءَ ساڻس گڏ رهڻ چاهي ٿي. هن وڌيڪ چيو ته سندس نياڻي کي واپس ڪرايو وڃي، لتا جي پيءُ ڊاڪٽر نند لال چيو ته سندس نياڻي ماءُ پيءُ سان گڏ وڃڻ چاهيو پئي پر خبر ناهي ته ڇو عدالت کيس واپس پناهه گاهه اماڻي ڇڏيو.
http://www.ktntv.tv

No comments:

Post a Comment