Pages

Labels

Saturday 31 March 2012


سنڌي هندن سان زيادتين جو هيءُ سلسلو آخر ڪيستائين؟


سنڌ جي سنڌي هندن جي تاريخ ڪا اڄ ۽ ڪالهه جي ناهي نه ئي هنن جي تاريخ، پاڪستان ٺهڻ سان شروع ٿئي ٿي، سنڌي هندو هن ڌرتيءَ تي صدين تي ٻڌل تاريخ رکن ٿا. هن ڌرتي جي جسم جو حصو آهن. انهن سنڌي ٻولي، ثقافت، مهيشت ۽ ڀائپي کي هٿي ڏني ڌرتي جي جسم جو اهو، هڪ حصو اڄ بي چين آهي، درد وندو آهي ۽ اسان سڀني جو فرض آهي ته هندن کي احساس محرومي جو شڪار نه ٿيڻ ڏيون، سندن دردن جو درمان ٿيڻ گهرجي ۽ سندن زخمن تي پها رکڻ گهرجن. معاشري جو هر فرد سوچڻ تي مجبور آهي ته آخر ڪنهن معاملي تي ته هندن کي اهنج رسيو آهي جو هو اڄ سنڌ جي هر وڏي شهر ۾ سراپا احتجاج آهن. هندن جي احساس عدم تحفظ جو ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته جڏهن سپريم ڪورٽ ۾ رنڪل ڪماري ۽ ڊاڪٽر لتا پيش ٿيڻيون هيون ان ڏينهن هندن خوف وچان ميرپور ماٿيلي، گهوٽڪي، ڏهرڪي ۽ اوٻاوڙو ۾ پنهنجو ڪاروبار بند ڪري لڪي ويا. منهنجي سهيلي فون ڪري ٻڌايو ته ڇوڪريون به اسان جون زبردستي کنيون ويون آهن ۽ لڪندا به اسان ٿا وتون.
بهرحال انساني حقن لاءِ جاکوڙيندڙ قادر خان مندو خبل هندو ڇوڪري جي وارثن سان گڏ اهو مطالبو ڪيو آهي ته انهيءَ اشو تي جڊيشل ڪميٽي جوڙي وڃي جيڪي سڀ حقيقتون سامهون آڻي. سنڌ جا هندو ڪيتري ئي عرصي کان عدم تحفظ جو شڪار آهن، پهريان امير هندن کي ڀنگ جي لاءِ اغوا ڪيو ويندو هو ۽ هاڻي ننڍي عمر جون ڇوڪريون اغويٰ ٿين ٿيون، حيدرآباد غير مسلمانن پاران تحفظ لاءِ ڪڍيل ريلي ۾ ٻڌايو ته مخصوص عمر جي ڇوڪرين کي اغويٰ جو سلسلو ته ڊگهو آهي. روهڙي جو واپاري مڪيش ڪمار کي اغوا ڪري رکيو ويو هندو برادري ننهن چوٽي جو زور لڳايو پر بازياب نه ٿي سگهيو، نيٺ ڀنگ ڏئي مڪيش ڪمار آزادي ماڻي جڏهن ته پنج مارچ تي شڪار پور روڊ تي گهوٽڪي واسي انشورنس ڪميٽي جو ملازم مهيش ڪمار اغوا ٿي ويو ته ان جي دادرسي ٿيڻ بجاءِ سنڌ پوليس روايت جو ڀرپور مظاهرو ڪندي سندس حد بندي تان تڪرار شروع ٿي ويو ڪوبه ٿاڻو سندس حد ۾ واردات ٿيڻ بابت تسليم ئي نه ڪري رهيو هو ۽ جڏهن وارثن پريشاني جي عالم ۾ بثال ٿيندي ڊي آءِ جي سکر سان فون تي رابطو ڪيو ته هن چيو ته مون کي خبر ناهي ڏسان ٿو. هاڻي ان صورت حال ۾ اغوا ٿيندڙ جا وارث ڪڏانهن وڃن ڪنهن کي دانهن ڏين. جن پوليس آفيسرن کي پگهار ۽ ٻيون سهولتون به ان ڪري ڏنيو وڃن ٿيون ته عوام جو تحفظ ڪن پر هتي گنگا ابتي وهندي آهي. جيتوڻيڪ قوم پرست پارٽين اڳتي اچي هندن سان ٿيندڙ زيادتين بابت آواز اٿاريون آهي ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته رياستي سطح تي کين تحفظ ڏيڻ جي لاءِ اڳڀرائي ڪئي وڃي. صدر آصف علي زرداري جو به هندن جي حقن بابت بيان آيو ته هندو نارين جي اغوا جي معاملي تي پيپلز پارٽي جي ايم اين اي نفيسه شاهه، عذرا پيچوهو، ڊاڪٽر لال چندر، رميش ڪمار ۽ ٻين قومي اسيمبلي ۾ تقريرون ڪيون ڪيڏو نه سٺو ٿي وڃي جو اهي پارليامينٽرين اقليتن جي حقن لاءِ قانونسازي ڪن صرف بيان ڏيڻ سان ڪجهه نه ورندو عملي قدم کڻڻ گهرجي، جڏهن ته پاڪستان هندو ڪائونسل سپريم ڪورٽ ۾ پٽيشن پڻ داخل ڪئي آهي. ته زبردستي مذهب مٽائڻ خلاف قانونسازي ڪرڻ گهرجي، ڏسجي ته عدالت ڪهڙو آرڊر پاس ڪري ٿي پر پارليامينٽرين پنهجو فرض سمجهي قانون سازي ڪن. ملڪ جي باني قائد اعظم به غير مسلم کي برابر جو شهري قرار ڏنو هو. هو به ملڪ جا شهري آهن، ملڪ جي ترقي ۾ سندن حصو آهي، سندن شڪايتون دور ڪيون وڃن، جئين سڀ شهري برابري جي بنياد تي حق حاصل ڪري سگهن.

courtecy - awami awaz

No comments:

Post a Comment