Pages

Labels

Friday 9 March 2012

رنڪل کي مرضيءَ جو بيان ڏيڻ کان روڪيو پيو وڃي: راج ڪمار

رنڪل کي مرضيءَ جو بيان ڏيڻ کان روڪيو پيو وڃي: راج ڪمار


ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ميرپورماٿيلي مان مبينا طور اغوا ٿيل رنڪل ڪماري جي مامي راج ڪمار سنڌ هاءِڪورٽ سکر کي اپيل ڪئي آهي ته رنڪل ڪماري کي دارالامان موڪلڻ سان گڏوگڏ کيس سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جي حڪم تي 12 مارچ تي هاءِ ڪورٽ ڪراچي ۾ حفاظت سان پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو وڃي. ڪالهه عوامي آواز سان ڳالهائيندي راج ڪمار چيو ته نياڻي به اسان جي اغوا ٿي آهي ۽ درخواست به اسان جي خلاف داخل ڪئي وئي آهي. هن چيو ته اهو ڪيئن ممڪن آهي ته جنهن جي نياڻي اغوا ٿئي اهو ڪنهن ماڻهو جي لاءِ ڪو خطرو ٿي سگهي ٿو. هن چيو ته رنڪل ڪماري کي هٿيارن جي زور تي اغوا ڪيو ويو ۽ نه فقط هو پر نويد شاهه به ميان مٺي جي تحويل ۾ آهي. هن چيو ته اسان کي ڀرچونڊي شريف جي پيرن ميان عبدالخالق، ميان منان، ميان نظر، ميان شفيق ۽ ٻين سان ڪا به شڪايت نه آهي، پر اسان کي ميان مٺي کان شڪايت آهي، ڇو ته هن هٿيارن جي زور تي اسان جي نياڻي اغوا ڪرائي آهي. هن چيو ته اسان ۽ سنڌ جو عوام صدر آصف علي زرداري ۽ سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه کان سوال ڪري ٿو ته سندن حڪم تي اڃا تائين عمل ڇو نه ٿيو آهي. هن چيو ته رنڪل ڪماري کي 15 ڏينهن دارالامان موڪليو وڃي ۽ 15 ڏينهن کانپوءِ کيس سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي ۾ پيش ڪري بيان ورتو وڃي ۽ جيڪڏهن هوءَ اتي پنهنجي مرضي سان مسلمان ٿي شادي جو بيان ڏئي ٿي ته اسان ڏاج ڏئي خوشي سان کيس پرڻائي ڏينداسين. هن چيو ته نه صرف هندن پر مسلمانن جون نياڻيون به سنڌ ۾ محفوظ نه آهن، تنهن ڪري حڪومت سنڌ جي نياڻين جي تحفظ  لاءِ روايت کان هٽي ڪري قدم کڻي. هن چيو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر ۾ داخل ٿيل درخواست تي ڪارروائي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جي ڪالهوڪي حڪم جي ڀڃڪڙي برابر آهي. هن چيو ته اڄ اسان جي خاندان مان ڪو به ماڻهو سکر ۾ هاءِ ڪورٽ ۾ پيش نه ٿيندو. ڇو ته اسان کي پنهنجي حياتي جو خطرو آهي. اسان جو وڪيل عدالت ۾ پيش ٿي موقف اختيار ڪندو ته هاءِ ڪورٽ سکر سرڪٽ بئنچ جي ڪارروائي چيف جسٽس جي حڪمن جي توهين آهي. هن چيو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر ۾ تحفظ جي بهاني داخل ڪيل درخواست دراصل رنڪل ڪماري کي مرضي جو بيان ڏيڻ کان روڪڻ جي سازش آهي. هن چيو ته سنڌ جي 60 لک هندن اهو فيصلو ڪيو آهي ته هو اڳتي ڪنهن به سياسي جماعت کي ووٽ نه ڏيندا. ڇو ته ڪا به سياسي جماعت انهن سان اهڙي ريت نه بيٺي آهي، جيئن سنڌ جون قومپرست جماعتون ۽ سنڌ جو عوام سنڌ جي هندن سان گڏ بيٺو آهي.هن چيو ته سنڌ جو ڪو به هندو پنهنجي ماتر ڀومي ڇڏڻ لاءِ تيار نه آهي، پر جڏهن اسان جون عزتون به محفوظ نه هجن ته پوءِ اسان ڇا ڪريون. هن چيو ته سنڌ جا وڏيرا هندن جا ووٽ وٺي ايوانن ۾ ته پهچن ٿا، پر اهي کين تحفظ فراهم ڪرڻ لاءِ تيار نه آهن.


No comments:

Post a Comment