Pages

Labels

Saturday 17 March 2012

New Warning To Hindus Fom Mureed Of Peers On Rinkal - We Kidnap 4 Other Young Girls

Attention ...This Picture And Statements Of  Peeras Clearly Shows Their Power and Terrorism,the People Who not Belive that Injustice is Happening with Minorities, Can Read These Statements Made by Some Feudals , don"t you think this is the open extortion ( Dhamki ) or Warning to the Hindus in Pakistan.
فريال کي واپس ڪرائڻ لاءِ 4 هندو ناريون اغوا ڪنداسين: عالم ۽ سياسي اڳواڻ
ڏهرڪي (رپورٽ: رمضان پيرزادو) ڏهرڪي ۾ جماعت اهلسنت،حر جماعت، مسلم ليگ ن سميت تعلقي ڏهرڪي جي عالمن سماجي، مذهبي اڳواڻن، مولوي محمدآدم، مفتي نواب دين چاچڙ،محمد صادق مهر، مولوي محمد يونس مهر، شاهد آرائين،اڪرام الحق جي اڳواڻيءَ ۾ اٽڪل هڪ سو کان مٿي ماڻهن هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي فريال شاهه (رنڪل) جي آزادي جي حق ۾ نعريبازي ڪندي مظاهرو ڪيو ان موقعي ته حڪومت وقت کان مطالبو ڪيو ويو ته فريال شاهه کي فورن آزاد ڪري ان کي آزاد زندگي گذارڻ ڏني وڃي ۽ ان کان آزادي سان سپريم ڪورٽ ۾ آزادي سان بيان ورتو وڃي ، ان موقعي تي مولوي محمد يونس چيو ته سياستدانن جو ڪم سياست ڪرڻ آهي عالمن جو ڪم دين جي خدمت ڪرڻ آهي سياستدان، چينلن ۽ اخبارن وارا اسان جي دين جي ڪم تي سياست پيا ڪن ۽ اخبارن وارا اخبارن جي سرڪيوليشن وڌائين پر اسان جو ڪم دين جي حفاظت آهي ۽ رنڪل جو تحفظ آهي ان موقعي تي مولوي محمدآدم چيو ته جيئن اخبارن ۾ خبرون اينديون آهن ته فلاڻي ڇوڪري پيار جو پرڻو ڪيو آهي ۽ روزاني اخبارون اهي ڪالم لکنديون آهن ته هنن کي گڏ رهڻ جو حق ڏنو وڃي ائين ئي فريال بيبي پيار جي پرڻي خاطر مذهب مٽايو آهي. هاڻي اسان عالم چئون ٿا ته فريال شاهه ۽ نويد شاهه کي به گڏ ٿي رهڻ جو حق ڏنو وڃي، مظاهري بعد ڏهرڪي پريس ڪلب تي پريس ڪانفرنس ڪندي مولوين ۽ عالمن مولوي محمد آدم، مولوي محمد يونس، مفتي نواب دين چاچڙ، حافظ فيض احمد سڪندري چيو ته جيڪڏهن مسلمانن کي فريال واپس نه ٿي ته اسان چار هندو ناريون کڻندا سين ۽ اهي تڏهن واپس ڪندا سين  جڏهن فريال اسان کي واپس ٿيندي هنن چيو ته فريل دين اسلام قبول ڪيو آهي ڪو ڏوهه نه ڪيو آهي هنن چيوته جيڪڏهن ڪو غلط فيصلو ڪندي فريال کي نويد شاهه کان جدا ڪيو ويو ۽ هندن حوالي ڪيو ويو ته پوءِ خون ريزي ٿيندي، جنهن کي ڪوبه روڪي ڪونه سگهندو، عالمن قرار داد پاس ڪرائي ته ڪوبه مسلمان رهڙڪي ۾ هندن کي پنهنجون زمينون ۽ گهر وڪرو نه ڪري، رهڙڪي وارن هڪ وڏو قلعو قائم ڪري ورتو آهي جنهن اندر الائي ڇاڇا پيو ٿئي، هنن چيو ته جيڪڏهن رهڙڪي وارا وڌيڪ مضبوط ٿيا ته اسان جي دين مان ماڻهو غافل ٿي انهن جي مدد ڪندا جيئن هاڻي ڪيترا ماڻهو مسلمان انهن جي مدد پيا ڪن، عالمن متفق ٿي ضلعي گهوٽڪي جي آل پارٽيز ڪانفرنس ميرپور ماٿيلو ۾ ڪوٺائڻ جو اعلان ڪيو جنهن ۾ سڀئي مسلمان شيعه، سني، بريلوي، ديوبندي ۽ ٻيا فرقا ۽ سياسي سماجي تنظيمون صرف هڪ ايجنڊاتي گڏ ٿينديون ته فريال شاهه مسلمانن جي نياڻي آهي اها اسان جي حوالي ڪئي وڃي، هوڏانهن درگاهه عاليه ڀرچونڊي شريف، سمورين شهر جي تمام مسجدن ۾ جمعي نماز جي خطبن ۾ فريال شاهه کي دارالامان موڪلڻ واري عمل جي مذمت ڪئي ويئي ۽ مطالبو ڪيو ويو ته فريال شاهه کي مڙس حوالي ڪيو وڃي بيشڪ ان کان 26 مارچ تي سپريم ڪورٽ ۾ بيان ورتا وڃن.



courtecy - awami awaz - 18/3/2012

1 comment:

  1. Abhi sari Duniya Ye Statement Read Kare Ke Kis Tara Inhon Ne Rinkal Ko Kidnap kar Ke Zor Zabardasti Muslim Bana Diya Aor Abhi Tak Dhamkiyan Den rahe hain Ke Mazeed Aisa Kam Kiya Jae ga

    ReplyDelete