Pages

Labels

Tuesday 20 March 2012

”هٿ ٿي جوڙيان، رنڪل سان نه ملايو ويو ته مري وينديس“: سلڇڻي ٻائي

”هٿ ٿي جوڙيان، رنڪل سان نه ملايو ويو ته مري وينديس“: سلڇڻي ٻائي


ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ميرپورماٿيلي مان اغوا بعد مذهب تبديل ڪرايل رنڪل ڪماري جي والده سلڇڻي ٻائي اکين مان نير وهائيندي ۽ صحافين کي هٿ جوڙيندي چيو ته مون کي پنهنجي ڌيءُ سان ملايو. مون کي رنڪل سان نه ملايو ويو ته مان مري وينديس. سومر شام ڪراچي پريس ڪلب ۾ سنڌ مان هندو نياڻيون اغوا ڪرڻ ۽ ٻئي ظلم ۽ زيادتي خلاف اقليتي برادري جي اڳواڻن جي پريس ڪانفرنس دوران سلڇڻي ٻائي انتهائي دردناڪ ڪيفيت ۾ صحافين کي چيو ته مان اوهان کي هٿ ٿي ٻڌان مون کي پنهنجي ڌيءُ رنڪل سان ملايو. رنڪل سان نه ملايو ويو ته هوءَ مري ويندي. ان موقعي تي پريس ڪانفرنس جو ماحول سوڳوار ٿي ويو ۽ اڪثر صحافين جون اکيون به ڀرجي آيون. پريس ڪانفرنس جي تقريب هڪ ڏکويل ۽ سوڳوار ماحول ۾ تبديل ٿي وئي.

1 comment:

  1. سلڇڻي ٻائي کي اڃان تائين نـ ملايو ويو آهي پنهنجي ڌي سان، اڃان چوءِ ٿا تـ رينڪل پنهنجي مرضي سان شادي يا اسلام قبول ڪيو آهي، شرم ئي ڪون ٿو اچي ماڻهن کي اهڙيون ڳالهيون ڪرڻ تي ـ

    ReplyDelete