Pages

Labels

Monday 19 March 2012

اقليتي برادريءَ سان ٿيندڙ ظلم خلاف علم بلند: مظلومن جو ميرپورخاص کان حيدرآباد لانگ مارچ شروع

اقليتي برادريءَ سان ٿيندڙ  ظلم خلاف علم بلند: مظلومن جو ميرپورخاص کان حيدرآباد لانگ مارچ شروع
ميرپورخاص (بيورو رپورٽ) اقليتي برادريءَ سان ٿيندڙ ڏاڍاين خلاف 5 هندو تنظيمن پاران پيدل لانگ مارچ ميرپورخاص کان حيدرآباد لاءِ روانو ٿي ويو آهي، جسقم چيئرمين بشير قريشي به ڪارڪنن سميت مارچ ۾ شريڪ ٿيو. تفصيل موجب اقليتي برادريءَ جي 5 تنظيمن سنڌ ڪولهي اتحاد، اڪثريتي هندو پنچائت، پروگريسو هندو الائنس، پاڪستان شيڊيول ڪاسٽ موومينٽ ۽ ڀيل انٽليڪچوئل فورم پاران ميرپورخاص جي جرواري شاخ چوڪ کان لانگ مارچ شروع ڪيو ويو، جنهن جي اڳواڻي وڪيل ڪشور پٽيل، ايڊووڪيٽ ڪانجي راڻو ڀيل، ويرجي ڪولهي ۽ وڪيل ڀڳوانداس ڪري رهيا هئا. مارچ ۾ مردن سان گڏوگڏ عورتن ۽ ٻارڙن به هڪ وڏي انگ شرڪت ڪئي. مارچ ميرپورخاص شهر جي مختلف رستن اسٽيشن چوڪ، مارڪيٽ چوڪ، ايم اي اي جناح روڊ تان ٿيندو پريس ڪلب پهتو، جتي جسقم چيئرمين بشير قريشي به ڪارڪنن سميت مارچ ۾ شريڪ ٿيو. مارچ ۾ عوامي تحريڪ، جسقم آريسر گروپ، ايس ٽي پي ۽ سول سوسائٽي جا ڪارڪن پڻ شريڪ هئا. ان موقعي تي ڳالهائيندي جسقم چيئرمين بشير قريشي چيو ته اقليتي برادريءَ جا ماڻهو اقليت نه پر سنڌي قوم جو حصو آهن ۽ سنڌ امن، ڀائيچاري جي ڌرتي آهي پر سنڌ ۾ هندو ڀائرن کي هٿ وٺي تنگ ڪري کانئن سنڌ ڇڏائڻ جون سازشون ڪيون پيون وڃن. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ ڪجهه شرپسند ۽ مذهبي انتها پسند بندوق جي زور تي اقليتي نياڻين کي اغوا ڪري انهن جي عزتن سان کيڏي رهيا آهن. بشير قريشي وڌيڪ چيو ته جن ماڻهن کي پنهنجي عزتن تي غيرت اچي ٿي، اهي اقليتي نياڻين جون لڄُون لُٽجڻ تي ڇو خاموش آهن. بشير قريشي وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن سنڌي اقليتن سان زيادتيون بند نه ڪيون ويون ته احتجاج جو دائرو سڄي سنڌ سطح تي وڌايو ويندو. مارچ جي پانڌئيڙن کي خطاب ڪندي ڀڳوانداس، ويرجي ڪولهي، ڪانجي راڻو ڀيل، رڻشال داس، پنهل ساريو، اصغر ناريجو ۽ ٻين چيو ته هندو نياڻين جو زوريءَ مذهب مٽائڻ بند ڪري، هندن سان ٿيندڙ ڏاڍين کي ٻُنجو ڏنو وڃي. هنن وڌيڪ چيو ته مذهب مٽائڻ يا پسند جي شاديءَ جي هو مخالفت نه ٿا ڪن پر اهڙن حساس مسئلن جي حل لاءِ قانون سازي ٿيڻ گهرجي، هڪ جڊيشل ڪميٽي جوڙي وڃي جيڪا ان ڏس ۾ جاچ ڪري حقيقتن تان پردو هٽائي. هنن وڌيڪ چيو ته سنڌ مذهبي رواداريءَ ۾ يقين رکندڙ ماڻهن جو ديس آهي، پر ڪجهه نام نهاد مذهبي ٺيڪيدار سنڌ جي امن ۽ ڀائيچاري واري ماحول کي خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. هنن وڌيڪ چيو ته سنڌ جي ٻن شهرن گهوٽڪي ۽ سامارو جون 2 نام نهاد پيراڻيون گاديون انتها پسندن جيان ڪردار ادا ڪندي هندو نياڻين کي ورغلائي امن امان جي صورتحال پيدا ڪري رهيون آهن. لانگ مارچ جا پانڌيئڙا رات جو خواجا اسٽاپ تي ترسڻ بعد اڄ صبح جو ٽنڊوالهيار لاءِ روانا ٿيندا. لانگ مارچ 21 مارچ تي حيدرآباد پهچندو

.

No comments:

Post a Comment