Pages

Labels

Thursday 4 April 2013

ڇا پيپلز پارٽي وٽ سنڌي هندن لاءِ ڪو جواب آهي؟

اليڪشن جا ڏينهن ويجهو ايندا پيا وڃن تيئن تيئن پارٽين اندر ٽيڪٽن تي جهيڙو ٿيندو ويندو جن کي ٽيڪٽ ملندي اهي خوش ۽ جن کي ٽيڪٽ نه ملندي اهي ناخوش ٿيندا. پارٽين کي ٽيڪٽن ڏيڻ کان اهو ڏسڻ گهرجي ته اهي ڪهڙن کي ٽيڪٽ ڏئي رهيا آهن؟ پيپلز پارٽي اندر جيڪي اختلاف ٿيندي نظر اچن پيا ۽ ٽيڪٽن تي ناراضگيون به نظر اچي رهيون آهن انهن سڀني کي هڪ پاسي تي رکي، ڇا پيپلز پارٽي وٽ ڪجهه رهجي ويل مسئلن جا جواب آهن؟ سنڌ ايتري سادي ناهي رهي هن پنهنجي سيني تي ڪيترائي گهاوَ جهليا آهن اڄ جڏهن اليڪشن جي موسم وري آهي ته پوءِ سڀني پنهنجا چهري ڪڍيا آهن. اسان پهرين به لکندا آيا آهيون ته نِج عوامي اليڪشن پاڪستان ۾ ٿيڻ کي خواب جيان آهي جنهن رياستي جو ڪنٽرول اسٽبلشمينٽ جي هٿن ۾ هجي جتي ڪجهه مهينن اندر رانديگر ملڪ جا سياستدان بڻجي وڃن اهڙي نظام مان عوام کي ڪهڙي اُميد هوندي؟ پر ان جي باوجود به ڪجهه سوال پيپلز پارٽي ڏانهن اُٿن ٿا جن جا جواب سڄي سنڌ ٻڌڻ چاهي پئي ته آخر پيپلز پارٽي پنهنجي دور ۾ سنڌي هندن جي زخمن تي مرهم ڇو نه رکيا؟ ڇا پيپلز پارٽي وٽ سنڌي هندو نارين جي اغواه ٿيڻ واريون خبرون نه هيون ايترو ئي نه پر ڇهن سالن جي نينگري وجنتي سان ٿيندڙ زيادتي تي پ پ پارٽي جيئن خاموش رهي ان جي ڄاڻ به سڀني کي آهي. هاڻي جڏهن پ پ پارٽي اليڪشن جي ميدان تي لهندي پوءِ يقينن پاڻ کي بهتر پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي هن ڀيري پ پ پارٽي پاڻ کي مظلوم پيش نه ڪري سگهندي. پ پ پارٽي کي شايد خبر هجي ته سنڌ ۾ اڪثريت ووٽ سنڌي هندن جا آهن جيڪو ڪجهه انهن سان ٿي گذريو آهي انهن جي لاءِ ڪٿان کان عذر پيش ڪندي؟ چڪ سانحي ۾ شهيد ٿيل ڊاڪٽرن جي قاتلن کي سزا ڏيڻ بجاءِ ان ڪيس جا قاتل آرام سان آزاد ڪيا ويا. سنڌ اسيمبلي کان زوري مذهب تبديل ڪرائڻ خلاف هڪ بل پاس نه ڪري سگهي. ان جي لاءِ ڇا پيپلز پارٽي اهو چوندي ته هن ڀيري ووٽ ڏيو اسان توهان کي بل پاس ڪري ڏيکارينداسين مطلب سنڌي هندن سان جيڪي ظلم ٿيا انهن تي مرهم نه رکي سگهياسين پر ٻئي دور حڪومت ۾ بل پاس ڪرائينداسين. ۽ سنڌ جا اصل رهاڪو اهو ٻڌي ووٽ ڏئي ڇڏيندا ائين ئي پ پ پارٽي جي ميمبرن سمجهيو آهي؟ اها انهن جي وڏي غلطي آهي، ڇاڪاڻ جو صرف نارين جي اغواه وارا ئي ڪيس ناهن پر ٿر ۾ جيڪو ڪجهه اتان جي ماڻهن سان ڪيو ويو اهو به پ پ پارٽي کي ياد رکڻ گهرجي جو انهن ڪوئلي جي پراجڪٽ ۾ مقامي ماڻهن کي کڻڻ بدران ٻين صوبن جي ماڻهن کي کيون ويو. غريب ماڻهن کي صرف آسيرا ڏينا ويا. انهن کي نوڪريون به نه ڏنيون ويون. ان ڪري پيپلز پارٽي واضح ڪري ته آخر انهن وٽ سنڌي هندن جي لاءِ ڪي جواب آهن؟ ايترو ئي نه پر ڪراچي ۾ رام مندر تي بلڊوز گهمائيندڙ خلاف ڪو نوٽس نه ورتو ويو اهو ئي بلڊوز جيڪڏهن ڪنهن وزير جي گهر مٿان گهمايو وڃي ها ته ڇا پ پ پارٽي خاموش رهي ها؟ پيپلز پارٽي پنهنجن هٿن مان سنڌي هندن جا ووٽ ڪمزور ڪيا آهن هي اهي ماڻهو هئا جيڪي بيوفائي تي خاموش رهندا آيا پر جڏهن انهن تي ظلم ٿيا ته اتي حڪومت ۾ رهندڙ پ پ پارٽي مدد به نه ڪئي پوءِ سنڌي هندو ڪهڙي بنياد تي ووٽ ڏين؟ پيپلز پارٽي کي ڇا خبر نه هئي ته ڳجها هٿ سنڌي هندن تي ظلم ڪرائي انهن جي ووٽ کي ڪمزرو ڪري رهيا آهن پر انهن پنهنجي ووٽ کي به بچائڻ جي پرواهه نه ڪئي، هاڻي جڏهن اليڪشن جي مند آئي آ ته پوءِ انهن وٽ سنڌي هندن تي ٿيندڙ ظلم تي ڪو جواب آهي؟ 


وينگس