Pages

Labels

Friday 30 March 2012

رنڪل ڪماري معامري نئون رخ اختيار ڪري ورتو

اسلام آباد ( بيورو رپورٽ) رنڪل ڪماري معامري نئون رخ اختيار ڪري ورتو آهي. مبينا اغوا ڪيل ناري رنڪل ڪماري عدالت ۾ پهچڻ بعد مڙس ڄاڻآيل شخص بدران ماءُ پيءُ سان وڃڻ جو بيان ڏئي ڇڏيو آهي. رنڪل ڪماري ۽ ڊاڪٽر لتا کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو  ته ڪيس ڊرامائي انداز اختيار ڪري ورتو. رنڪل ڪماري کان عدالتي ڪمرو خالي ڪري اڪيلائي ۾ چيف جسٽس پنهنجن ساٿي ججن سان گڏ پڇيو ته هو ڪنهن سان وڃڻ چاهي ٿي جنهن تي هڪ جذباتي منظر ڏسڻ ۾ آيو ۽ ڊرامائي انداز ۾ ما۽ سان وڃڻ جو فيصلو ڪندي چيو ته هوءَپنهنجي ماءُ سان ويندي. سپريم ڪورٽ معاملو سادو نه هجڻ ۽ ڳنڀير هجڻ جو عذر ڏيندي هڪ دفعو ٻيهر کيس 22 ڏينهن تائين دارالامان جي حوالي ڪرڻ جو حڪم ٻڌائيندي ٻڌڻي 18 اپرل تائين ملتوي ڪري ڇڏي .  جڏهن ته رنڪل ڪماري عدالت جي اهڙي حڪم بعد عدالت جي ڪمري  کان ٻاهر نڪرندي رڙيون ڪرڻ لڳي ته کيس ڀلي ماري ڇڏيو پر دارالامان نه موڪليووڃي. جنهن بعد پوليس کيس پرچائيندي بڪتر بند گاڏين ۾ کڻي  واپس دارالامان ڏانهن ڇڪي وئي. چيف جسٽس ٻڌڻي دوران ريمارڪس ڏيندي چيو ته، رنڪل بيان ڏنو آهي ته مان پنهنجي ماءُ  سان گڏ وڃڻ چاهيان ٿي،پر معاملو اڃان واضح نه آهي، تنهنڪري نارين کي آزاد ماحول ۾ سوچڻ جو موقعو ڏنو وڃي..  چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري جي سربراهي ۾ 3 رڪني بئچ رنڪل ڪماري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، عدالتي ڪمرو صحافين سميت سمورن ماڻهن کان خالي ڪرايو ويو، عدالتي ڪمري ۾ صرف رنڪل ڪماري کان بيان ورتو ويو، جنهن بعد ڊاڪٽر لتا کي پڻ بئچ آڏو پيش ڪيو ويو،ان کان پوءِ عدالت ٻنهي نارين کي پڻ عدالتي ڪمري ۾ گهرايو. چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري جا رنڪل ڪيس جي ٻڌڻي دوران ريمارڪس  ڏيندي چيو آهي ته، اهو نه ٿو چئي سگهجي ته رنڪل جو فري ماحول ۾ بيان نه ورتو ويو آهي . ٻڌڻي دوران چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري رنڪل کان پهريون سوال ڪيو ته ڇا توهين پڙهيل لکيل آهيو، جنهن تي رنڪل  چيو ته مان انٽر پاس آهيان، عدالت پڇيو ته توهان ڪهڙي ڪاليج مان تعليم پرائي آهي، جنهن تي رنڪل چيو ته ميرپور ماٿيلو ڪاليج مان پرائي آهي. چيف جسٽس رنڪل کان سنڌي ۾ ڳالهايو ۽ پڇيو ته ڇا توهان کي انگريزي ڳالهائڻ اچي ٿي جنهن تي رنڪل چيو ته جي نه، رڳو سنڌي ۽ اردو ڳالهائي سگهان ٿي. رنڪل کان شروعاتي سوال پڇڻ دوران رنڪل گهٻرائجي رهي هئي جنهن تي بئنچ صلاح ڪرڻ کانپوءِ چيف جسٽس حڪم ڏنو ته رنڪل ڳالهائڻ ۾ گهٻرائجي رهي آهي، تنهنڪري عدالت ۾ موجود سمورا ماڻهو ٻاهر نڪري وڃن. جنهن بعد عدالت جي ڪمري ۾ موجود صحافين سميت سمورن ماڻهن کان خالي ڪرايو ويو. جنهن بعد عدالتي ڪمري ۾ اڪيلي بچيل رنڪل ڪماري کان بيان ورتو ويو. ان کانپوءِ رنڪل جي امڙ کي عدالتي ڪمري ۾ گهرائي ملاقات ڪرائي وئي. ملاقات کانپوءِ چيف جسٽس چيو ته رنڪل پنهنجي امڙ سان ملاقات ڪرڻ کانپوءِ بيان ڏنو آهي ته مان پنهنجي ماءُ سان گڏ وڃڻ چاهيان ٿي،پر معاملو اڃان واضح نه آهي. چيف جسٽس ته، رنڪل ۽ لتا ڌارين جون نه پر اسان جون پنهنجون آهن، تنهنڪري اسان جي راءِ آهي ته ٻنهي نارين کي آزادي سان سوچڻ جو حق ڏنو وڃي. جنهن بعد عدالت ٻنهي نارين کي ڪراچي جي دارالامان موڪلڻ جو حڪم ڏيندي ڪيس جي ٻڌڻي 18 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي. ان کان اڳ ميرپور ماٿيلي جي رنڪل ڪماري ۽ جيڪب آباد جي ڊاڪٽر آشا ڪماري کي برقعا پهرائي سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويو آهي، ٻنهي نارين جي مائٽن ساڻن ملڻ جي ڪوشش ڪئي پر پوليس کين ملاقات ڪرڻ نه ڏني. جسٽس افتخار محمد چوڌري جي سربراهي ۾ بينچ پاڪستان هندو ڪائونسل جي درخواست تي ڪيس جي ٻڌڻي ڪري رهي آهي. جنهن دوران لاڙڪاڻي جي ڊي آءِ جي سائين رکيو ميراڻي آشا ڪماري جي حوالي سان رپورٽ پيش ڪندي چيو آهي ته، ڊاڪٽر آشا ڪماري 3 مارچ 2012 تي اغوا ٿي وئي آهي، جيڪا اڃان تائين بازياب نه ٿي سگهي آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي آشا ڪماري جي بازيابي لاءِ ايس ايس پي جيڪب آباد جي اڳواڻي ۾ جاچ ڪاميٽي جوڙي آهي، جيڪا آشا جي بازيابي لاءِ ڪوششون وٺي رهي آهي، کيس جلد بازياب ڪرايو ويندو. هن چيو ته آشا جي اغوا ڪيس ۾ 5 جوابدارن اظهر شاهه، فريد، منير احمد، عابدحسين ۽ حمير شاهه کي گرفتار ڪيو ويو آهي .

No comments:

Post a Comment