Pages

Labels

Sunday 1 April 2012

· چيف جسٽس جي اوطاق ۾ هڪ چماٽ رنڪل ڪماري کي لڳي

 · چيف جسٽس جي اوطاق ۾ هڪ چماٽ رنڪل ڪماري کي لڳي

وينگس

----------------------------------------------------

سپريم ڪورٽ آف پاڪستان چيف جسٽس وحيده شاهه ڪيس تي ردعمل ڏيکاريندي چيو آهي ته پي ايس 53 ٽنڊو محمد خان جي پولنگ اسٽيشن تي عورت پرزائيڊنگ ۽ پولنگ آفيسر تي تشدد ڪندڙ پ پ اميدوار وحيده شاهه سپريم ڪورٽ کان معافي گهري ورتي آهي، جڏهن ته عدالت وحيده شاهه جي معافي کي رد ڪندي آءِ جي سنڌ ۽ اليڪشن ڪميشن کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي، جڏهن ته چيف جسٽس پنهنجي رمارڪس ۾ چيو آهي ته اهو واقعو ڪراچي ۾ رينجرز هٿان نوجوان جي قتل کان به وڌيڪ سنگين ۽ رياستي نظام جي منهن تي چماٽ آهي.

چيف جسٽس صاحب لارڊ آف عدليه آهي جنهن کي پنهنجي سولي سنڌي ۾ وڏو معتبر ماڻهو چئبو. مطلب چيف جسٽس جي عدليه به تڪ جي وڏيرن جهڙي اوطاق جيان آهي جنهن ۾ انهن جو ڪيس هلندو جڏهن چيف جسٽس صاحب جو پاڻمرادو نوٽس وٺي ان دوران چيف جسٽس جي مرضي ڪنهن به ڪيس کي ننڍو وڏو ڪري سگهي ٿو، شايد چيف جسٽس صاحب جي سامهون ڊاڪٽر شازيه سان ٿيل زياذتي، 12 مئي ڪيس، بگٽي خاندان جون قتل ٿيل عورتون، لاپته ماڻهن جو ڪيس ۽ چڪ ثانحو سڀئي وحيده شاهه جي چماٽ آڏو ننڍڙا هوندا. 

انصاف جي تشريع ۾ چماٽ، قتل جي جڳهه تي سنگين ڏوهه ٿي پيو آهي.
هاڻي وحيده شاهه وڏي ڏوهاري ٿي وئي، هونءَ به اسان جي ملڪ ۾ پردي پٺيان وارا اليڪٽرانڪ ميڊيا جي اکين ۽ وات ذريعي جيڪو ڪجهه ڏيکارڻ چاهين عوام اهو ئي ڏسندو ۽ ان تي ئي ڳالهائيندو. 

عوام ئي نه پر محسوس ٿي رهيو آهي رياستي انصاف جا ادارا به ميڊيا کي ڏسي ڳالهائيندا ان جي هاڻي وحيده شاهه ڪيس کي ڏسندي تي پڪ ٿي وئي ته عوام کي اليڪٽرانڪ ميڊيا آڏو هٿ پير ٻڌي گذارش ڪرڻ گهرجي ته اهي انهن جي ڪيس کي چوويهه ڪلاڪ ڏيکاريندا رهن جيڪڏهن اليڪٽرانڪ ميڊيا وارا نه ٻڌن ته پوءِ پردي پٺيان وارن کي ئي التجاء ڪريو، ڇاڪاڻ جو اليڪٽرانڪ ميڊيا تي اهي ايشوز ايندا جن کي NOC ملندي جن لاءِ اين او سي ناهي اهي ڪيسز نه ايندا.

اهڙي ئي هڪ اين او سي رنڪل ڪماري ڪيس کي نه ملي سگهي آهي، جنهن جي ڪيس کي غلط رنگ ڏئي پيش ڪيو پيو وڃي. 

رپورٽ ٿي آهي ته ميرپور ماٿيلي مان اغوا ڪيل هندو ناري رنڪل ڪماري جي اغوا، زوري شادي ۽ مذهب تبديل ڪرائڻ تي ڳڻتي ظاهر ڪندي، سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس، افتخار محمد چوڌري کان مطالبو ڪيو ته هو ان معاملي جو پاڻمرادو نوٽيس وٺي، انساني حقن جي ڪميشن طرفان جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ته پيپلز پارٽي جي هڪ قومي اسيمبلي ميمبر ميان مٺو پاڻ وٽ رکيو آهي. هندو برادري جي احتجاج تي ڇوڪريءَ کي 25 فيبروري تي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو هو، هن پنهنجن گهر ڀاتين سان گڏ وڃڻ جي خواهش ظاهر ڪئي هئي پر عدالت ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي، جڏهن ته ايندڙ ٻڌڻي 7 فيبروري تي ٿي، جنهن ۾ اغوا ٿيل رنڪل جي خاندان سميت ڪنهن به هندو کي عدالت ۾ وڃڻ نه ڏنو ويو. ايڇ آر سي پي دعويٰ ڪئي ته ڇوڪري هڪ ڀيرو وري والدين وٽ وڃڻ جو بيان ڏنو پر اتان جي هڪ جاگيردار رنڪل کي جج سامهون چماٽ وهائي ڪڍي ۽ چيو ته ” تون هاڻي مسلمان آهين ۽ هاڻي مڙس جو گهر ئي سندس گهر آهي“

رنڪل ڪماري ڪيس کي ايتري اهميت نه ڏني وئي جيتري وحيده شاهه ڪيس کي ملي. ڇاڪاڻ جو وحيده شاهه ڪيس سياسي سطح تي گهڻو کنيو ويو.
سنڌ ۾ هڪ حڪمت عملي سان اصل سنڌين کي تنگ ڪري انهن کي سنڌ ڇڏڻ لاءِ مجبور ڪيو پيو وڃي، پهرين انهن چڪ ثانحي کي جوڙي معصوم بيڏوهين کي قتل ڪيو، مٿان وري ان ڪيس تي نوٽس به نه ورتو، صدر پاڪستان نوٽس ورتو ان کي ڪنهن به نه ٻڌو. هاڻي صدر آصف زرداري صاحب چيف ناهي جنهن جي نوٽس کي ڪير اهميت ۽ موٽ ڏئي سگهي.

رنڪل ڪماري سان جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي، ان کي ڪير ڪيئن بيان ڪندو؟ جيڪا چماٽ چيف جسٽس جي اوطاق ۾ رنڪل ڪماري کي لڳي آهي، ان کي چيف جسٽس ڪيترو سنگين ڏوهه قرار ڏيندو؟

اسان هن ملڪ جي عدليه کان مطالبو ڪنداسين ته توهان جي انصاف پسند اوطاق ۾ رنڪل ڪماري ڪيس تي نوٽس وٺو ۽ هڪ مظلوم ناريءَ کي انصاف ڏيو ڪيستائين بندوق جي زور تي مذهب تبديل ڪرائڻ ۽ هن ڌرتي تي رهڻ جي لاءِ سزا ڏني ويندي؟ 
ڇا هن ملڪ ۾ رنڪل ڪماري جي لاءِ انصاف به ناهي؟

published in DailyIbrat on March/4/2012

No comments:

Post a Comment