Pages

Labels

Sunday 25 March 2012

رنڪل ۽ لتا کي اڄ اسلام آباد نيو پيو وڃي

رنڪل ۽ لتا کي اڄ اسلام آباد نيو پيو وڃي
----------------------------------------------
سکر(رپورٽر) ميرپور ماٿيلي ۽ جيڪب آباد جي مبيناطور مذهب مٽائي مسلمان ٿيندڙ نارين رنڪل عرف فريال ۽ لتا عرف حفضا کي اڄ اسلام آباد نيو پيو وڃي جتي کين سڀاڻي چيف جسٽس سپريم ڪورٽ آڏو پيش ڪيو ويندو. ان ڏس ۾ سخت حفاظتي انتظام ڪيا ويا آهن جڏهن ته حفاظت جي خيال کان پوليس ٻنهي نارين توڙي انهن سان گڏ ويندڙ مرد توڙي عورت پوليس اهلڪارن ۽ عملدارن جون ٽڪيٽون به فرضي نالن سان ورتيون آهن. ٻئي طرف ٻنهي نارين جا وارث پڻ اسلام آباد پهچي رهيا آهن جڏهن ته سپريم ڪورٽ بار جي اڳوڻي صدر عاصما جهانگير سميت سول سوسائٽي سان تعلق رکندڙن جو وڏو انگ پڻ سڀاڻي سپريم ڪورٽ پهچندو. سپريم ڪورٽ ۾ ٻنهي نارين جي پيش ٿيڻ ۽ بيان ڏيڻ جي ڪوريج لاءِ نيو يارڪ ٽائمز ۽ بي بي سي سميت پرڏيهي ميڊيا سان تعلق رکندڙ ڪيترائي صحافي پڻ اسلام آباد پهچي رهيا آهن. رنڪل ۽ لتا جو معاملو انتهائي هاءِ پروفائيل ٿي وڃڻ ۽ ڀرچونڊي پيرن جي حامين جي وڏي انگ جي اسلام آباد پهچڻ جي اطلاعن بعد اسلام آباد پوليس شهر ۾ سخت حفاظتي انتظام ڪرڻ سان گڏ ريڊ زون ۾ داخلا لاءِ شناختي ڪارڊ رکڻ لازمي قرار ڏئي ڇڏيو آهي.

----------------------------------------------------------------
اميد آهي ته اسان جي نياڻي رنڪل اسان کي ملندي _ هندو پئنچات


ميرپور ماٿيلو (ن ع آ) ميرپور ماٿيلو سميت گهوٽڪي ضلعي ۾ امن امان برقرار رکڻ لاءِ گهرو کاتي پاران لڳايل قلم 144 بعد گهوٽڪي ضلعي ۾ هلندڙ مختلف قسم جي افواهن بعد صورتحال پيدا ٿيڻ تي هندو پنچائت جي مکي ڊاڪٽر نندل لعل، ڊاڪٽر منشا رام ۽ ٻين پريس ڪانفرنس ڪندي ٻڌايو ته 25 ۽ 26 مارچ تي ڪجهه اخبارن ۾ آيل خبرن جي ترديد ڪندي چيو آهي ته 25 ۽ 26 مارچ تي ميرپور ماٿيلو سميت گهوٽڪي ضلعي ۾ ڪاروبار ۽ بازارون کليل رهنديون ۽ اسان هندو برادري کي اپيل ٿا ڪيون ته هو پنهنجو ڪاروبار کليل رکن، ڪنهن جي به ڌمڪين ۾ نه اچن. هنن وڌيڪ چيو ته 26 مارچ تي اسان جي ناري سپريم جي حڪم تي اسان کي ئي ملندي، اسان کي اميد آهي ته اسان جي نياڻي رنڪل ڪماري اسان کي ملندي ۽ اسان کي سرعام ڌمڪيون ڏيندڙ ۽ رنڪل ڪماري کي اغوا ڪندڙن جي پت سپريم ڪورٽ جي فيصلي بعد وائکي ٿي ويندي. هن وڌيڪ چيو ته ڀلي اسان هندن کي ڪيتريون ئي ڌمڪيون ۽ ظلم ڪيو وڃي، مگر اسان پنهنجي ڌرتي نه ڇڏينداسون، اسان جو مرڻ جيئڻ سنڌ سان آهي


courtecy - awami awaz.

No comments:

Post a Comment