Pages

Labels

Tuesday 27 March 2012

والدين سان وڃڻ جون دانهون ڪندڙ رنڪل ڊاڪٽر لتا سميت 18 اپريل تائين پناهه گهر حوالي


والدين سان وڃڻ جون دانهون ڪندڙ رنڪل ڊاڪٽر لتا سميت 18 اپريل تائين پناهه گهر حوالي


اسلام آباد (اي پي پي) سپريم ڪورٽ رنڪل ڪماري ۽ ڊاڪٽر لتا کي ٽن هفتن جي لاءِ ڪراچي جي شيلٽر هوم ڏانهن موڪليندي 18 اپريل تي سندن ٻيهر بيان وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جڏهن ته رنڪل ڪماري عدالت ۽ گاڏي ۾ ويهڻ وقت سخت احتجاج ڪندي ۽ روئندي چيو آهي ته آئون پنهنجي والدين ڏانهن وڃڻ چاهيان ٿي، مون کي پناهه گاهه نه موڪليو وڃي، اتي زندگي کي خطرو آهي، جڏهن ته رنڪل جي والدين پڻ احتجاج ڪندي چيو آهي ته رنڪل اسان جي حوالي ڪئي وڃي، پناهه گاهه موڪلڻ جو ڪو به جواز نه آهي. ڪالهه سومر ڏينهن چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري جي سربراهي ۾ جسٽس طارق پرويز ۽ جسٽس خلجي عارف حسين تي ٻڌل ٽه رڪني بئنچ هندو ڪائونسل طرفان داخل درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. ان موقعي تي رنڪل ۽ ڊاڪٽر لتا جا وڪيل عدالت ۾ پيش ٿيا، ان موقعي تي چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري رنڪل ۽ لتا جو بيان وٺڻ جي لاءِ عدالتي ڪمرو خالي ڪرائي ڇڏيو ۽ ٻنهي نياڻين جا اڪيلائي ۾ بيان ورتا، ٻڌڻي دوران چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري چيو ته ٻنهي ٻارڙين کي پنهنجي مستقبل جو فيصلو ڪرڻ لاءِ وڌيڪ وقت ڏيڻ جي ضرورت آهي. هو دٻاءُ جي هن ماحول ۾ فيصلو نه ٿيون ڪري سگهن، بيان وٺڻ دوران واضح ٿيو آهي ته ڇوڪريون دٻاءُ ۾ آهن ۽ هينئر صحيح فيصلو نه ٿيون ڪري سگهن. جسٽس طارق پرويز چيو ته غيرمسلم خاندانن ۾ اهڙا واقعا ٿين ٿا جتي ڇوڪرو ۽ ڇوڪري والدين جي مرضي جي خلاف شاديون ڪن ٿا. ٻڌڻي شروع ٿيڻ جي موقعي تي چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري رنڪل ڪماري سان سنڌي ۾ ڳالهايو ۽ کانئس پڇيو ته توهان جي تعليم ڪيتري آهي جنهن تي هن چيو ته مون انٽر ڪئي آهي ۽ آئون پنهنجي والده سان وڃڻ چاهيان ٿي جنهن تي رنڪل جي والد چيو ته منهنجي ڌيءَ کي زوري قيد ڪيو ويو آهي اها منهنجي حوالي ڪئي وڃي جنهن تي چيف جسٽس چيو ته هو ڪنهن کي به غيرقانوني طور تي قيد ۾ رکڻ جي خلاف آهي. اسان ڪنهن کي مجبور نه ٿا ڪري سگهون، ڇوڪرين کي آزاد فيصلي جي لاءِ وقت ڏينداسين. ان موقعي تي ڊاڪٽر لتا جي والد ڊاڪٽر رميش عدالت ۾ بيهي چيو ته اسان جي ٻارڙي اسان سان گڏ وڃڻ چاهي ٿي پر ان کي جبري طور تي قيد ڪيو ويو آهي. ان موقعي تي عدالت ٻنهي ٻارڙين کي مستقبل جو فيصلو ڪرڻ لاءِ ٽن هفتن تائين ڪراچي ۾ موجود شيلٽر هائوس ۾ رکڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته رنڪل ۽ ڊاڪٽر لتا جي حوالي سان اها ڳالهه چئي پئي وڃي ته سندن زوري مذهب تبديل ڪرايو ويو آهي. هن وقت ٻئي ٻارڙيون سخت دٻاءُ ۾ آهن، ان ڪئميرا بيان کانپوءِ عدالت اهو محسوس ڪيو آهي ته کين فيصلو ڪرڻ جي لاءِ وڌيڪ وقت ڏيڻ جي ضرورت آهي. عدالت پاران رنڪل جو بيان مجيب پيرزاده جي حوالي ڪيو ويو جنهن ۾ رنڪل ڪماري چيو ته هو پنهنجي والده سان گڏ وڃڻ چاهي ٿي، بعد ۾ ٻڌڻي 18 اپريل تائين ملتوي ڪئي وئي. جنهن بعد رنڪل ڪماري پناهه گاهه وڃڻ کان انڪار ڪندي عدالت ۾ دانهون ڪندي رهي، جڏهن ته بعد ۾ گاڏي ۾ ويهارڻ وقت پڻ هن گاڏي ۾ ويهڻ کان انڪار ڪيو ۽ چيو ته آئون پناهه گاهه وڃڻ نه ٿي چاهيان مون کي منهنجي مائٽن حوالي ڪيو وڃي پر پوليس رنڪل کي گاڏي ۾ ويهاري رواني ٿي وئي. ان موقعي تي صحافين سان رنڪل ڪماري جي والده سلڇڻي ٻائي، والد، جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض چانڊيو ۽ ٻين چيو ته رنڪل پنهنجو بيان ڏئي ڇڏيو آهي، ان کي اسان جي حوالي ڪرڻ گهرجي ها، اميد ته 18 اپريل تي اسان جي سوڀ ٿيندي. هنن چيو ته ڇوڪرين کي زوري اغوا ڪيو ويو آهي ۽ هاڻي اسلام قبول ڪري نڪاح ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي پئي وڃي. هنن چيو ته اسان کي اميد آهي ته عدالت حق ۽ سچ جو فيصلو ڪندي 18 اپريل تي نياڻيون اسان جي حوالي ڪندي.

No comments:

Post a Comment