Pages

Labels

Monday 19 March 2012

سنڌ جا هندو ظالمن کي ڀتو ڏيڻ بند ڪن: راج ڪمار

سنڌ جا هندو ظالمن کي ڀتو ڏيڻ بند ڪن: راج ڪمار

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ميرپورماٿيلي مان اغوا ڪيل رنڪل ڪماري جي مامي راج ڪمار سنڌ جي هندن ۽ خاص طور گهوٽڪي ضلعي جي شهرن ڏهرڪي، ميرپورماٿيلي، گهوٽڪي، جروار، سرحد ۽ ٻين ننڍن وڏن شهرن ۾ اهڙن هندن کي اپيل ڪئي آهي ته اهي علائقي جي ظالم قوتن کي ڀتو ڏيڻ بند ڪن. هن وڌيڪ چيو ته علائقي جون ظالم قوتون، هندن کان ورتل ڀتي واري رقم کي ئي هندن تي ظلم ڪرڻ ۽ ڌمڪائڻ لاءِ استعمال ڪري رهيون آهن. ان ڪري واپاري ۽ زندگي جي ٻين شعبن سان تعلق رکندڙ هندو پنهنجي خلاف ظلم ۽ زيادتين لاءِ پاڻ ئي رقم فراهم ڪرڻ بند ڪن. هن سنڌ جي اقليتين، سماجي، قومي ۽ سياسي جماعتن سان گڏ ۽ انساني حقن وارين تنظيمن کي اپيل ڪئي ته اهي سنڌ ۾ نياڻين جي اغوا ۽ طاقت جي زور تي مذهب تبديل ڪرائڻ واري عمل خلاف مزاحمت ڪن
.

No comments:

Post a Comment