Pages

Labels

Wednesday 14 March 2012

سنڌ هاءِ ڪورٽ ڊاڪٽر لتا ڪماريءَ کي به تحفظ لاءِ ”پناهه گهر“ موڪلي ڇڏيو

سنڌ هاءِ ڪورٽ ڊاڪٽر لتا ڪماريءَ کي به تحفظ لاءِ ”پناهه گهر“ موڪلي ڇڏيو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر): سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس انور باجوه ڊاڪٽر لتا ڪماريءَ کي ”پناهه گهر“ موڪلي ڇڏيو آهي، جنهن کي 26 مارچ تي سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس افتخار محمد چوڌريءَ جي روبرو پيش ڪيو ويندو. جڏهن ته ماتحت پوليس کي ڊاڪٽر لتا جي تحفظ جو حڪم ڏيندي چيو آهي ته ان عرصي ۾ سندس والدين ۽ مڙس سميت ڪنهن به مٽ مائٽ کي ملڻ جي اجازت نه هوندي. ڊاڪٽر لتا جي والدين طرفان داخل ڪرايل اغوا ڪيس ۾ مئجسٽريٽ آڏو بيان ڏيندي. لتا پنهنجي مرضي سان پرڻو ڪرڻ جو موقف اختيار ڪيو هو، جڏهن ته ڊاڪٽر لتا جي والدين جو موقف آهي ته نينگري به سندن اغوا ٿي آهي ۽ ڪيس به اسان جي مٿان ئي داخل ڪيو ويو آهي، جيڪڏهن لتا پنهنجي مرضيءَ سان ڪو به بيان ڏئي ٿي ته کين ڪو به اعتراض نه آهي.

No comments:

Post a Comment