Pages

Labels

Friday 9 March 2012

رنڪل جي وارثن کي فون ڪيو (ميان مٺو)، ناري کي هٿيارن جي ڇانو ۾ ڇو آندو ويو: رميش ڪمار

رنڪل جي وارثن کي فون ڪيو (ميان مٺو)، ناري کي هٿيارن جي ڇانو ۾ ڇو آندو ويو: رميش ڪمار

ڪراچي (م ڊ) ميرپورماٿيلي واسڻ رنڪل ڪمار جي واقعي تي ميان مٺو چيو آهي ته انهن وارثن کي اطلاع ڪيو هو، جڏهن ته هندو اڳواڻ رميش ڪمار چيو ته پوءِ ناري هٿيارن جي ڇانو ۾ ڇو آندي وئي. خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي ڀرچونڊي پير ميان مٺو چيو ته درگاهه تي ٻن صدين کان مسلمان ٿيڻ لاءِ ماڻهو اچن ٿا. هن چيو ته اسلام قبولڻ لاءِ ايندڙن کي قبول نه ڪرڻ اسلام کان خارج ٿيڻ جو سبب بڻجندو. هندو اڳواڻ رميش لال چيو ته سپريم ڪورٽ جو جج جاچ ڪري ته ناري کي ڪهڙي شيءَ متاثر ڪيو. اسلام قبول ڪندڙ ڪهڙي ڪتاب جو مطالعو ڪيو آهي. هن چيو ته هندو واپاري آهن. امن پسند آهن، ڪنهن سان به جهيڙو نه ٿا چاهين ۽ شادي شده مرد سان ناري ڇو فرار ٿيندي. ميان مٺو چيو ته خواجا اجمير کان پوءِ سندن درگاهه تي هندو مسلمان ٿيا آهن. نامياري مذهبي عالم جاويد غامدي چيو ته ڪنهن کي به زبردستي اسلام قبول نه ٿو ڪرائي سگهجي. اسلام ڪنهن به مرضي بنا مذهب مٽائڻ جي اجازت نه ٿو ڏئي. ڏسڻو پوندو ته رنڪل ڪهڙين حالتن ۾ اسلام قبول ڪيو آهي. سماجي مسئلا آهي. ان کي مذهبي مسئلو نه بڻايو وڃي، ڇوڪري کان پڇڻ گهرجي ته هوء ڪهڙي شيءَ کان متاثر ٿي آهي. هن تي ڪنهن جو دٻاءُ ته ناهي.

رنڪل دٻاءُ جو شڪار لڳي، آواز جهيڻو لڳو

ڪراچي (م ڊ) خانگي ٽي وي جي پروگرام ۾ ٽيليفون لائن تي رنڪل ڪماري جو آواز جهيڻو لڳو ۽ هو دٻاءُ جو شڪار لڳي. رنڪل ڪماري پسند جي شادي تي هلڪي آواز ۾ ڳالهايو ته هن صرف ها جو لفظ ڪڍيو، جڏهن خانگي ٽي وي ميزبان سوال ڪيو ته اسلام جي ڪهڙي ڳالهه تو کي متاثر ڪيو ته هن جو جواب نه آيو. ناري ڪنهن به سوال جو جلد جواب نه ڏنو. محسوس ايئن ٿيو ته ڪنهن جي ٻڌائڻ تي آواز ڏيندي رهي.

رنڪل ۽ لتا جي اغوا خلاف جسم جو سڀاڻي مظاهرن جو اعلان

ڪراچي (پ ر) جيئي سنڌ محاذ جي مرڪزي باڊيءَ جو هنگامي اجلاس چيئرمين رياص چانڊئي جي صدارت هيٺ مرڪزي سيڪريٽريٽ سنڌ هائوس، ڪراچيءَ تي ٿي گذريو. اجلاس ۾ گڏيل طور رنڪل ڪماري ۽ ڊاڪٽر لتا جي اغوا ۽ جسقم آريسر جي سينئر وائيس چيئرمين ڊاڪٽر مير عالم مريءَ جي رياستي ادارن پاران کنڀي گم ڪرڻ وارن عملن جي مذمت ڪندي ان خلاف 11 مارچ تي جيئي سنڌ محاذ پاران سڄي سنڌ اندر مظاهرا ۽ احتجاج ڪرڻ جو فيصلو ۽ اعلان ڪيو ويو. اجلاس کي خطاب ڪندي جسم چيئرمين چيو ته سنڌ هن وقت قومي لحاذ کان جبر ۽ ڏاڍ مان گذري پئي، جنهن ۾ زندگيءَ جي سڀني شعبن سان واسطو رکندڙ ماڻهو سڌيءَ طرح نه فقط قومي حقن کان محروم ٿيل آهن پر سندن معدني، معاشي ۽ اقتصادي وسيلا ڦريا پيا وڃن. رياض چانڊيي چيو ته هندو نياڻين کي اغوا ڪرائي، کين زوريءَ مسلمان بڻائي پرڻائڻ نهايت نندا جوڳو عمل آهي. هن چيو ته سنڌ جي ماڻهن لاءِ انتهائي تڪليف واري ڳالهه آهي ته سنڌي هندو پنهنجي خوشي واري ڏينهن هولي ڏڻ ملهائي نه سگهيا، انهن جا رنج ۽ اهنج دور ڪرڻ ڪاڻ اهو نهايت ضروري آهي ته سنڌ هاءِ ڪورٽ رنڪل ڪماريءَ ۽ ڊاڪٽر لتا کي مڪمل تحفظ فراهم ڪري ته جيئن هو عدالت اندر بي خوف ٿي بيان رڪارڊ ڪرائين. هن چيو ته قومي ڪارڪنن ۽ قومپرست اڳواڻن کي کنڀي گم ڪري اونداهن ٽارچر سيلن اندر ساڻن عقوبتون ڪيون پيون وڃن، جنهن جي جيتري نندا ڪجي، اوتري گهٽ آهي. اجلاس جي آخر ۾ جسقم آريسر گروپ پاران ڏنل عام هڙتال واري سڏ جي حمايت ڪئي وئي.
Awami Awaz

1 comment:

  1. Peeran Khe Arz Aahe T Khawaja Ajmer Hon Ya Dosre Vale darvesh - Vahan Pe Jis Ne Mazhab Change Kiya Voh Sara apne Piyar Men Kiya Na Ke Gun Point par .Aaj Bhi Duniya Men Kisi Sufi Darvesh Ke Mele Lagte hain To Sare Ek sath Hote Hain - Chahe Kisi Bhi Mazhab Ka Ho - Un Ko Vahan Pe Koee dar Naheen Hota Chahe Voh jaise Hi Un Ki dargah Pe Hazri Dene jaen Kiyunke Religion Bhi To Hamen Piyar Hi Sikhata hai - Baki aap Jis Tarike Se Kisi Ko apne Mazhab Men lana Chahte hain Na Voh Bhi 16 Ya 17 Sala Girls Ko Kidnap Karke Aor Bhi Gun Point Pe Kiya aap Is Ko Islam Ki Khidmat kahete Ho - Is Ka Faida Aap Ko To Mil Raha Hoga Islam Kabhi naheen Barhe ga - Aap Ne Khud Ko Draoni Chahera Banaya Hua hai - aor aap Apna Example Valiyon Se Match Kar rahe Ho - Shame aani chahiye

    ReplyDelete