Pages

Labels

Thursday 5 April 2012

چڪ سانحي“ کي 150 ڏينهن مڪمل، اجيت،نريش ۽ اشوڪ جا قاتل اڃا تائين آزاد


چڪ سانحي“ کي 150 ڏينهن مڪمل، اجيت،نريش ۽ اشوڪ جا قاتل اڃا تائين آزاد




سکر(رپورٽ؛ جاويد ميمڻ) شڪارپور ضلعي جي شهر ۾ ٽن هندن کي بيگناهه قتل ڪرڻ واري واقعي کي 150 ڏينهن مڪمل ٿي ويا پر بااثر مک جوابدار قانون جي پڪڙ ۾ اچڻ بدران آزاديءَ جو مزو ماڻي رهيا آهن. گذريل سال 7 نومبر تي قربانيءَ واري عيد جي ڀلاري ڏينهن هڪ انتها پسند مذهبي جماعت سان واڳيل مولوي قاضي غلام محمد ڀيو جي بڇ تي سندس ٻين انتها پسند ساٿين ڀتو نه ڏيڻ تي حلال جانورن جي قرباني ڪري سنت ابراهيمي تي عمل ڪرڻ بدران ٽن بيگناهه هندو جوانن ڊاڪٽر اجيت ڪمار، نريش ڪمار ۽ اشوڪ ڪمار کي بيدرديءَ سان قتل ڪري ڇڏيو جڏهن ته هڪ ڊاڪٽر ستياپال شديد زخمي ٿي پيو. جانورن بدران انسانن جي قرباني ڪرڻ بعد وحشي درندا فرار ٿي ويا. ان دردناڪ واقعي کي ڏيڍ سئو ڏينهن گذري ويا آهن پر شڪارپور پوليس مک جوابدار قاضي غلام محمد ڀيو، اقبال عرف فوجي، رمضان ڀيو ۽ حسين ڀيو کي گرفتار ڪري نه سگھي آهي. واقعي جو نبيرو ڪرڻ لاءِ حڪومتي اختيارين جي وچ ۾ پوڻ بعد وفاقي وزير غوث بخش مهر جي اڳواڻيءَ ۾ هڪ منٿ ميڙ قافلو مقتولن جي وارثن ڏانهن ويو هو ۽ وارثن انصاف کان مايوس ٿي ۽ موتمار ڌمڪين جي نتيجي ۾ فيصلي تي راضپو ڏيکاريو هو پر ان کي به ڳچ ڏينهن گذرڻ باوجود فيصلي جي تاريخ مقرر نه ٿي آهي. ان حوالي سان عوامي آواز کي مليل اطلاعن موجب وفاقي وزير غوث بخش مهر گذريل هفتي چڪ جي ڪچي ۾ هڪ شاديءَ ۾ شرڪت بعد چڪ جي اڳوڻي يوسي ناظم عبدالقادر سيٺار جي اوطاق تي گڏ ٿيل چڱن مڙسن کي هدايتون ڏيندي چيو هو ته فيصلي تائين الزام هيٺ آيل چئن ئي مک جوابدارن ۽ ڏياري واري ڏينهن ناري سيما ڀيو سان پڪڙيل هندو نوجوان سنديپ ڪمار جي چڪ شهر ۾ اچڻ تي پابندي لڳائي وئي آهي باقي انهن جا مٽ مائٽ شهر ۾ اچي رهائش ۽ ڪاروبار ڪري سگھن ٿا. وفاقي وزير جي اهڙي هدايت بعد چڪ واقعي جو ڪارڻ ڄاڻايل ناري سيما ڀيو جي گھر سامهون سنديپ جي بند پيل ميڊيڪل اسٽور کي سندس سئوٽ کولي ڪاروبار شروع ڪري ڏنو آهي جڏهن ته ڀيا برادري جا ماڻهو به شهر ۾ آزاديءَ سان ڪم ڪار ڪري رهيا آهن..
cortecy awami awaz

6 comments:

  1. I absolutely love your blog and find many of your post's to be just what I'm looking for.
    Would you offer guest writers to write content
    to suit your needs? I wouldn't mind producing a post or elaborating on many of the subjects you write in relation to here.
    Again, awesome web log!

    Here is my webpage ... dermalogica ultra calming

    ReplyDelete
  2. Crissement,épuisé matinée d'ailleurs saisir au-delà
    volont� pirater un compte facebook gratuitement. faire sauter pendant que
    Capricorne creation compte facebook.fr.

    Check out my homepage :: comment pirater un compte facebook

    ReplyDelete
  3. Excellent post. I was checking continuously this blog and I'm
    impressed! Extremely helpful info particularly the remaining part :) I handle such info a lot.

    I used to be seeking this certain information for a long time.
    Thank you and best of luck.

    Here is my weblog :: funny baby onesies amazon ()

    ReplyDelete
  4. Ԝe are а group of volunteers aand starting a neew scheme in our
    cοmmunity. Yoour website offered us with valuable information to worκ on. You have done an imjpressive job and our
    entire community wјll Ƅе thankful to you.

    Also visit my site; modern furniture yahoo answers

    ReplyDelete
  5. I love your blog.. very nice colors & theme. Did
    you design this website yourself or did you hire someone to
    do it for you? Plz respond as I'm looking to create my own blog and
    would like to know where u got this from. kudos

    Here is my web page; NFL Jerseys Cheap

    ReplyDelete
  6. Every weekend i used to pay a quick visit this web page, because i want enjoyment, since this this site conations truly fastidious funny stuff too.


    Also visit my blog call of duty hack tool no survey

    ReplyDelete