Pages

Labels

Saturday 10 March 2012

هندو نارين جي اغوائن جو وڌندڙ خوفناڪ سلسلو

هندو نارين جي اغوائن جو وڌندڙ خوفناڪ سلسلو
------------------------------------------------------
¨ اها انتهائي ساراهه جوڳي ڳالهه آهي ته آخرڪار سپريم ڪورٽ ٽن هندو نارين، ميرپور ماٿيلو مان مبينا طور اغوا ڪيل رنڪل ڪماري، جيڪب آباد مان اغوا ٿيل ڊاڪٽر لتا ۽ لاڙڪاڻي واسڻ پوجا ديوي کي بازياب ڪرائڻ جو حڪم ڏيندي کين 26 مارچ تي عدالت ۾پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.

¨ هندو برادري پاران ڄاڻايل ٽن هندو نارين جي بازيابي جي حوالي سان سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرايل درخواستن تي چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري جي سربراهي ۾ ٿيل ٻڌڻي کان پوءِ اهڙو حڪم ڏنو ويو آهي.

¨ هوڏانهن سکر هاءِ ڪورٽ به رنڪل ڪماري ۽ نويد شاهه کي 12 مارچ تي ڪراچي جي پرنسپل ڪورٽ ۾ حاضر ٿي بيان ڏيڻ جو حڪم ڏنو آهي.

¨ ٻئي پاسي هندو نياڻين جي اغوا خلاف عوامي تحريڪ جي سڏ تي پڻ احتجاج ٿي رهيا آهن ۽ بک هڙتالون ڪيو پيون وڃن،

¨ هندو برادري ظاهر آهي ته سراپا احتجاج آهي ۽ سندن صورت حال ”پٽڻ واريون ٻڌريون، ڳاڙها ڳل سندن، ٻيون ائين ئي هٿ هڻن، روئنديون روئڻ واريون“ واري آهي.

¨ هندو پنهنجين نياڻين جي اهڙي نموني اغوا ٿيڻ کي پنهجي خلاف ۽ سنڌ مان لڏڻ تي کين مجبور ڪرڻ جي 64 ورهين واري پراڻي سازش جو هڪ ڊگهو تسلسل سمجهن ٿا.

¨ ائين به ناهي ته ڪو اها سازش صرف هندن لاءِ آهي پر اسان ان کي مجموعي طور تي سنڌي قوم خلاف به سمجهندا رهيا آهيون ۽ اهو چوندا رهيا آهيون ته سنڌي هندو، سنڌ جا اصل وارث آهن، کين هتان لڏائي نه رڳو سنڌي قوم جي معاشي سگهه کي ختم ڪيو وڃي ٿو پر انکي اقليت ۾ پڻ تبديل ڪيو پيو وڃي.

¨ اهو ئي سبب آهي جو سنڌ جون روشن خيال، ترقي پسند، سيڪيولر، لبرل ڌريون، قوم پرست پارٽيون، سول سوسائٽي ۽ ميڊيا هندن سان ايڪتا جو مظاهرو ڪن ٿا.

¨ سنڌي هندن جي هتان لڏي وڃڻ سان حقيقت ۾ سڀ کان وڏو نقصان پ پ کي ئي ٿيندو رهيو آهي، ڇاڪاڻ ته سنڌي هندو ڪنهن ٻي پارلياماني پارٽي نه پر پ پ جا ئي سڀ کان وڏا ووٽر رهيا آهن.

¨ سو سنڌي هندن جي هتان لڏڻ سان پ پ جو ووٽ بينڪ به وڏي پئماني تي متاثر ٿئي ٿو پر لڳي ٿو ته پ پ کي ان جو ڪو احساس ئي ناهي.

¨ اهو ئي سبب آهي جو پ پ جي سنڌحڪومت هندو نارين جي اغوائن ۽ هندن جي احتجاجن جو ڪو نوٽيس ئي نٿي وٺي ۽ نه ئي انهن جي تحفظ جو ان کي ڪو اونو آهي. جيڪڏهن پ پ جي سنڌ حڪومت ايئن ئي پنهنجن ووٽر هندن کان لاتعلق رهي ته رنڪل ڪماري جي مامي جو ڏنل چتاءُ پ پ جي پيرن هيٺان زمين کسڪي وڃڻ جو سبب بڻجي سگهي ٿو.

¨ سو نوٽ ڪرڻ جي ڳالهه اها آهي ته رنڪل جي مامي راج ڪمار ميڊيا سان ڳالهائيندي انڪشاف ڪيو آهي ته ”سنڌ جي 60 لک هندن اهو فيصلو ڪيو آهي ته هو اڳتي سندن مسلئن کان ڪنهن به سياسي پارٽيءَ کي ووٽ نه ڏيندا.“

No comments:

Post a Comment