Pages

Labels

Friday 9 March 2012

هاءِ ڪورٽ سکر بئنچ رنڪل معاملو چيف جسٽس ڏانهن اماڻي ڇڏيو

هاءِ ڪورٽ سکر بئنچ رنڪل معاملو چيف جسٽس ڏانهن اماڻي ڇڏيو




سکر (رپورٽ: جاويد ميمڻ) رنڪل عرف فريال ۽ نويد شاهه پوليس پهري هيٺ سکر هاءِ ڪورٽ ۾ پيش، ايس ايس پي گھوٽڪي کي جوڙي کي سخت سيڪيورٽي هيٺ 12 مارچ تي سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. تفصيل موجب ميرپورماٿيلي سان واسطو رکندڙ ۽ پيار خاطر اسلام قبول ڪري پرڻو ڪندڙ رنڪل عرف فريال بيبي ۽ نويد شاهه تحفظ واري ڪيس ۾ ايس ايس پي گهوٽڪي پير محمد شاهه جي اڳواڻي ۾ پوليس سخت پهري هيٺ جوڙي کي سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بئنچ جي جسٽس احمد علي شيخ جي عدالت ۾ پيش ڪيو ان موقعي تي عدالت رنڪل کان سندس نالو پڇيو ته هن پنهنجو نالو فريال ٻڌايو، عدالت ناري کان پڇيو ته هوءَ ڪٿي رهندي آهي ته هن عدالت کي ٻڌايو ته هوءَ پنهنجي مڙس سيد نويد شاهه سان رهندي آهي. جوڙي جي وڪيل آچر گبول عدالت کي رنڪل عرف فريال بيبي جو بيان رڪارڊ ڪرڻ جي درخواست ڪئي ته هندو برادري پاران نامياري وڪيل شبير شر پيش عدالت آڏو چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران جاري ٿيل نوٽيس جي ڪاپي ڏيندي چيو ته معاملو پرنسپل سيٽ تي چيف جسٽس وٽ 12 مارچ تي رکيل آهي ان ڪري هن موقعي تي ناري جو بيان رڪارڊ ڪرڻ مناسب نه آهي ، عدالت وڪيل شبير شر جي دليلن ٻڌڻ بعد جوڙي پاران داخل ڪرايل پٽيشن به چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ جي بئنچ ڏانهن اماڻڻ جي هدايت ڪندي ايس ايس پي گھوٽڪي پير محمد شاهه کي حڪم ڏيندي چيو ته جوڙي کي 12 مارچ تي ڪراچي هاءِ ڪورٽ ۾ باحفاظت پيش ڪرڻ جو بندو بست ڪيو وڃي ۽ ان لاءِ ليڊيز پوليس سميت سخت حفاظتي انتظام ڪيا وڃن. بعد ۾ عدالتي اڱڻ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي رنڪل عرف فريال چيو ته هن پنهنجي مرضي سان اسلام قبول ڪري نويد شاهه سان شادي ڪئي آهي کيس اغوا نه ڪيو ويو هو. هن وڌيڪ چيو ته کيس سندس مائٽن مان جان جو خطرو آهي ان جي ڪري ئي هن عدالت ۾ تحفظ لاءِ درخواست ڏني آهي. جنهن بعد پوليس سخت پهري هيٺ جوڙي کي ميرپورماٿيلي وٺي ويا. رنڪل عرف فريال بيبي کي عدالت ۾ پيش ٿيڻ وقت ڪارو برقعو پهريل هو ۽ رنڪل پيشي بعد عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڪلمو پڙهڻ کانپوءِ ڳالهه ٻولهه ڪئي واضح رهي ته رنڪل عرف فريال سان گڏ سندس مڙس نويد شاهه ۽ ڀرچونڊي درگاهه سان واسطو رکندڙ پيرن ۽ مريدن ۽ پ پ ڪارڪنن جو وڏو انگ به سکر پهتو هو جنهن لاءِ سکر پوليس اڳواٽ سخت حفاظتي اپاءَ ڪري رکيا هئا ۽ ڪنهن به هٿيار بند کي عدالتي اڱڻ ۾ داخل ٿيڻ نه ڏنو ويو هو.

1 comment:

  1. LANGOOR KE MUH ME ANGOOR, WO BHI FORCEBLY BETE QATUWE TERI EDUCATIONAL QUALIFICATION TO BATA.

    ReplyDelete