Pages

Labels

Monday 26 March 2012

ڪوٽن ۾ قيد ڪيل رنڪل ڀٽائيءَ جي سورمي آهي:ادبي سنگت اسلام آباد

ڪوٽن ۾ قيد ڪيل رنڪل ڀٽائيءَ جي سورمي آهي:ادبي سنگت اسلام آباد


اسلام آباد (اي پي پي) اسلام آباد جي سنڌي اديبن ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي کي امر ڪردار قرار ڏيندي چيو آهي ته ڪامريڊ سوڀو ڪنهن اعزاز ۽ زندگي کي سکيو ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي جنم ڀومي نه ڇڏي، سوڀو گيانچنداڻي جهڙن ڪردار کان سکڻ جي ضرورت آهي، اسان کي نظر انداز ڪرڻ واري پاليسي کي ختم ڪرڻو پوندو، ڪامريڊ جي علاج لاءِ حڪومت جو ڪردار واکاڻ جوڳو آهي، سنڌي ادبي سنگت شاخ اسلام آباد جي گڏجاڻي نامياري اديب مبارڪ لاشاري جي صدارت ۾ ٿي، جنهن ۾ ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي جي شخصيت تي روشني وڌي وئي، ان موقعي تي ڳالهائيندي سنڌي ادبي سنگت شاخ اسلام آباد جي سيڪريٽري سرواڻ سنڌي چيو ته ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي امر ڪردار آهي جنهن گهڻن آڇن باوجود پنهنجي جنم ڀومي نه ڇڏي، سوڀو گيانچنداڻي تاريخ جو نه وسرندڙ باب آهي، سندس علاج لاءِ حڪومتي قدم ساراهه جوڳو آهي، هن چيو ته ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻي اعزاز حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڪڏهن به نه لکيو ۽ نه ئي وري پنهنجي لکڻين ۽ پنهنجو پاڻ کي وڪرو ڪيو، اسان کي پنهنجي امر ڪردارن کي تعظيم ڏيڻي پوندي، هن چيو ته اهڙين ڏکين حالتن باوجود هو پنهنجي جنم ڀومي ڇڏي  ٻئي ملڪ ته ٺهيو پر ڪنهن وڏي شهر به نه ويو آهي، جيڪو سندس هڪ ٻيو ڪارنامو آهي، نامياري اديب مبارڪ لاشاري چيو ته ڪامريڊ سوڀو سنڌ جي زنده جاويد تاريخ آهي، ڪجهه ماڻهو قول ۽ فعل جي حوالي سان پڪا رهيا آهن، سوڀو گيانچنداڻي جيڪو به لکيو اهو پنهنجي هر لفظ تي قائم رهيو، ڪامريڊ کي سنڌ ڇڏڻ جي لاءِ به چيو ويو پر هن انڪار ڪيو، ڪامريڊ جي سنڌ سان محبت اڻمئي آهي، نوجوان شاعر شاهجهان سميل چيو ته ڪامريڊسوڀو گيانچنداڻي اسان جو وڏو سرمايو آهي، هن چيو ته حڪومت جو ڪردار ساراهه جوڳو آهي پر اسان کي به هاڻي ڪجهه ڪرڻو پوندو، نامياري ترجمي نگار ۽ اديب علي قاضي چيو ته ڪامريڊ اڏول عزم جو زنده مثال آهي، سوڀو گيانچنداڻي ڀٽائي جي شاعري جو امر ڪردار آهي، عمر جي هن حصي ۾ کيس پنهنجو ڪرڻ جي ضرورت آهي، سنڌ حڪومت اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، سنڌي ادبي بورڊ ۽ سنڌي ادبي سنگت سميت مختلف ادبي ادارن کي سوڀي گيانچنداڻي جو مواد گڏ ڪري ڇپائڻ گهرجي، نوجوان شاعر روپ راهي چيو ته ڪامريڊ سوڀو سنڌ جي وڏي شخصيت آهي، دعا آهي ته شال سندس خواب سچا ٿين، اياز لاکو چيو ته سوڀي گيانچنداڻي جي صحت لاءِ اسان سڀ دعاڳو آهيون، اميد ته ڪامريڊ صحتياب ٿي اسان جي رهنمائي ڪندو، شاعر سارنگ سنڌي چيو ته ڪامريڊ سوڀو هڪ تحريڪ جونالو آهي، جڏهن هندوئن خلاف ڌرتي تپائي وئي تڏهن به هن پنهنجي جنم ڀومي ڇڏڻ کان انڪار ڪيو، علم ۽ ڌرتي وارن ڪامريڊ سوڀي کي اڻميو پيار ڏنو آهي، ان موقعي تي اديبن چيو ته سنڌ ۾ هندوئن سان ڏاڍايون وڌي ويون آهن ۽ نياڻين کي زوري پنهنجو مذهب مٽائڻ لاءِ هيسايو پيو وڃي. هنن چيو ته رنڪل اصل ۾ ڀٽائي جي سورمي آهي، جنهن کي کڻي ڪوٽن ۾ قيد ڪيو ويو آهي، هنن چيو ته اسان مسلمان اڃا سيد ۽ امتي جي متڀيد ۾ ڦاٿل آهيون، جڏهن ته اسلام ۾ اهڙا ڪي به ويڇا ناهن ۽ ڪو به ننڍو وڏو نه آهي پر اسلام جي نالي تي ڪارروايون ڪندڙ پنهنجو پاڻ کي ايترو اتم سمجهن ٿا جو هو مسلمان جي ٻي ذاتين کي پاڻ سان گڏڻ لاءِ تيار نه آهن جيستائين اسان پاڻ هڪٻئي کي پنهنجي برابر نه سمجهنداسين تيستائين اسلامي تعليم اڳتي وڌي نه سگهندي.
courtecy - awami awaz

No comments:

Post a Comment