Pages

Labels

Friday 20 April 2012

سپريم ڪورٽ طرفان هڪ ڀيرو ٻيهر ڪارو ڏينهن..! رنڪل ڪماري! اسان سان قهر ٿيو..!

سپريم ڪورٽ طرفان هڪ ڀيرو ٻيهر ڪارو ڏينهن..!
 رنڪل ڪماري! اسان سان قهر ٿيو

وينگس
..................................

اسان کي ٻڌايو ويو هو ته انصاف سڀني لاءِ برابر، انصاف آڏو ڪير به ننڍو وڏو ناهي ۽ انصاف مذهب جي بنياد تي فيصلو نه ٿو ڪري ان سان گڏ ئي ياد ڪرايو ويو ته انصاف جي ديوي انڌي ٿيندي آهي پر اسان قدرت ۽ تاريخ جي عدالت تي يقين رکندي چيو جيڪڏهن انصاف جي ديوي وٽ اکيون ناهن ته ڇا ٿيو ان وٽ ڪن ۽ سچ کي محسوس ڪرڻ جي سگهه آهي، اسان کي بس ايترو ئي گهرجي.
ان وقت سڀ ڪجهه ڪافور جيان ختم ٿي ويو جڏهن يقين ٿيو ته انصاف جي ديوي وٽ صرف اکيون ئي ناهن پر ان وٽ ڪن ۽ سچ کي محسوس ڪرڻ واري سگهه به ناهي. سپريم ڪورٽ جي حيثيت ملڪ ۾ انصاف جي ماءُ جيان جائي رکي ٿي ملڪ جي ڪنهن ڪنڊ ڪڙڇ مان انصاف نه ملي ان باوجود به ملڪ جي هڪ اداري سپريم ڪورٽ مان اميد هوندي آ ته ٻيلي شل انصاف پنهنجي حصي ۾ اچي. رنڪل ڪماري ڪيس ۾ اسان اها ئي اُميد رکي هئي ته شايد ڪٿي انصاف جي ديوي جي من ۾ رحم جاڳئي پوي ۽ هو پنهنجي حصي مان انصاف جا ٻه داڻا رنڪل ڪماري جي جهول ۾ ڏئي، ڪيترا نه بدنصيب هئاسين ته جن جي جهول صدين کان انصاف کان خالي هجي ان کي ڪيئن انصاف جا ٻه داڻا ملي سگهندا؟
هي اها ئي سپريم ڪورٽ آ جتان 4 اپريل 1979 ذوالفقار علي ڀٽو ڪيس ۾ ناانصافي نصيب ٿي ۽ انهي ساڳئي مهيني جي 18 اپريل 2012 تي رنڪل ڪماري ڪيس ۾ ناانصافي نصيب پلي پئي.
سنڌ ڪيترا نه گهاوَ پنهنجي مٿان کنيا، سنڌ کي خبر هئي ته هن جي نياڻي جڏهن به پنڊي ڏانهن صرف ڪيو آهي ان جو سنڌ ڏانهن جنازو ئي آيو آهي. 18 اپريل تي به رنڪل ڪماري جو زنده لاش سنڌ ڏانهن موڪليو ويو هن جي دانهه کي ٻڌو ئي نه ويو جڏهن 26 مارچ تي رنڪل رڙيون ڪري چيف آف جسٽس کي چيو ته مان پنهنجي والدين ڏانهن وڃڻ چاهيان ٿي ان وقت چيف آف جسٽس چيو ڇوڪريون پريشر ۾ آهن اسان فيصلو 18 اپريل 2012 تي ٻڌنداسين، جڏهن 18 اپريل جو ڏينهن آيو ان وقت چيف آف جسٽس چيو ته ڇوڪريون آزاد آهن پر اهي پنهنجو فيصلو رجسٽرار کان لکرائين پوءِ اهي ڪيڏانهن به وڃڻ چاهين وڃي سگهين ٿيو. رنڪل ڪماري کي پوليس عدالتي ڪمري ۾ گهيلي وٺي اچي رهي هئي جنهن دوران چيف جسٽس چيو هي ان کي ڪيئن وٺي اچو پيا ڇا هوءَ ڪا ڏوهاري آهي؟ رنڪل ڪماري پوليس جي گهيري ۾ هئي، جنهن دوران رنڪل انتهائي سهميل نظر آئي پر چيف آف جسٽس کي هن ڀيري هوءَ پريشر ۾ نظر ڪونهه آئي. ان دوران رنڪل ڪماري کي پنهنجي والدين سان به ملڻ نه ڏنو ويو ايترو ئي نه پر رنڪل ڪماري جو فيصلو وٺڻ لاءِ رجسٽرار وٽ به پوليس موجود هوندي ان وقت والدين مان ڪو به موجود نه هوندو. اها ئي پوليس جنهن کي چيف جسٽس چيو ته هن کي ڪيئن وٺي اچو پيا، ڇا هوءَ ڪا ڏوهاري آهي؟ ان دوارن رنڪل ڪماري هٿ ٻڌي چيف آف جسٽس ڏانهن ڏٺو ۽ خط ان ڏانهن ڪيو. هاڻي ان خط ۾ ڇا هو ۽ رنڪل جو خط ڪيترو اثر ڇڏيندو؟ رنڪل ڪماري جو عدالت ۾ پيش ٿيڻ کان اڳ هڪ خبر آئي ته رنڪل ڪماري سان هڪ ڪلاڪ تائين ميان مٺو مليو آهي. چيف جسٽس ان تي ڪو نوٽس نه ورتو، ائين ڇو؟
رنڪل جو مامو راج ڪماري فيصلي اچڻ کانپوءِ چيو ته هتي انڌو قانون آهي ۽ رنڪل جي ماءُ ماتم ڪندي روئيندي رهي.
چيف جسٽس صاحب کي خبر آهي ته هي ڪيس ڪيترو نازڪ ۽ حساس آهي ان کي رجسٽرار ڏانهن ڪيئن موڪليو؟
ڇا هي ڪيس موبائيل فون جي چوري جو ڪيس هو؟ جسٽس آف جسٽس کي نويده شاهه جي چماٽ وڏي ڀاري لڳي ٿي ته پوءِ رنڪل ڪماري جي ماءُ جي دانهه ۽ رنڪل ڪماري جو رڙيون وڏيون ڇو نه ٿيون لڳن؟
رنڪل ڪماري سان ئي نه پر سڄي سنڌ سان قهر ٿي ويو. رنڪل ڪماري لاءِ انصاف ملڻ جو مقصد هو ته ناحق کي انصاف ملي پر پنهنجي حيثيت کان مٿي اُميد رکندي سوچيو ته انصاف جا ٻه داڻا ملندا. رنڪل! انصاف جي ديوي پنهنجي نصيب ۾ ناهي. هي نه اسان جو انصاف آ، هي نه توهان جو انصاف آهي اهو انصاف ان جو آهي جنهن وٽ جنرل ضياء جي انتهاء پسندن جي طاقت آهي.
سپريم ڪورٽ هڪ ڀيرو ٻيهر ڪارو ڏينهن سنڌ جي نصيب ۾ ڏنو.
Published in Daily Ibrat on 19 April 2012 Section Daily News Review

No comments:

Post a Comment