Pages

Labels

Tuesday 10 April 2012

آشا ڪماريءَ جو ڏس نه مليو، جيڪب آباد ۾ شهري سراپا احتجاج، ڌرڻو

آشا ڪماريءَ جو ڏس نه مليو، جيڪب آباد ۾ شهري سراپا احتجاج، ڌرڻو


جيڪب آباد ( رپورٽ ولي محمد سومرو) جيڪب آباد جي سول لائين ٿاڻي جي حد غريب آباد پاڙي لڳ ڪينجهر چوڪ وٽان  بيوٽي پارلر کان گهر طرف ايندي نامعلوم جوابدارن هٿان اغوا ٿيل هندو ناري آشا ڪماري 37 ڏينهن گذرڻ باوجود هن  مهل تائين بازياب نه ٿي سگهي، جڏهن ته پوليس پاران روايتي ڪردار موجب مختلف ماڻهن کي شڪ جي بنياد تي ٻڌ ڇوڙ جو سلسلو تيزي سان جاري آهي، شهرين هندو ناري جي هن مهل تائين ظاهر نه ٿيڻ تي ڳڻتي ظاهر ڪئي آهي، شهرين جو ان ڏس ۾ چوڻ آهي ته هندو ناري آشا ڪماري جي اغوا ۾ ڪهڙا هٿ ملوث آهن جو هن مهل تائين هن جو ڪو ڏس پتو ظاهر نه ٿو ٿئي ته هندو ناري آهي ڪٿي ان سلسلي ۾  ناري جي آزادي  لاءِ شهري اتحاد، چيمبر آف ڪامرس، هندو جنرل پئنچائت، صرافه يونين ۽ سنڌ ترقي پسند پارٽي، جماعت اسلامي ۽ ٽريڊ يونين سميت ڪاروباري تنظيمن پاران شهر جي صرافه بازار چوڪ کان هڪ احتجاجي ريلي ڪڍي مختلف رستن کان ٿيندا  پريس ڪلب پهتا ۽ پريس ڪلب ٻاهران مظاهرو ڪرڻ بعد ڊي سي آفيس جي گيٽ ٻاهران ٻن ڪلاڪن تائين ڌرڻو هڻي ويهي رهيا. جنهن سبب ڊي سي آفيس ۽ پريس ڪلب ڏانهن ٻنهي طرفن کان ايندڙ ويندڙ روڊ بلاڪ ٿي ويو ۽ مظاهرو ڪندڙن انتظاميه خلاف سخت نعريبازي ڪئي، ان موقعي تي سٽي پوليس جي ڊي ايس پي حبيب الرحمان پوليس جي مدد سان مظاهرين کي روڪڻ چاهيو ته مظاهرين مڇرجي پيا، جنهن ڪري پوليس اهلڪارن ۽ مظاهرو ڪندڙن ۾ چڪريون ٿيون، ان کان اڳ ڌرڻي کي خطاب ۾ چيمبر آف ڪامرس جي صدر احمد علي بروهي، سنڌ ترقي پسند پارٽي جي صدر علي محمد لاشاري، صرافه يونين جي اڳواڻ سميع سرهيو، هندو پئنچائت جي صدر بابو مهيش ۽ اڳواڻن ڊاڪٽر بي ايڇ خرانا، فتح چند ڪارڙا، ڪريانه ايسوسيئشن جي مانڌو مل چاوله ۽ منور لال چاوله چيو ته  هندو ناري آشا ڪماري کي 37 ڏينهن گذري چڪا آهن پر هڪ با اثر جيڪو حڪمران جماعت جي صوبائي وزير جو ڀاءُ آهي  ان جي نا اهلي جو وڏي ۾ وڏو ثبوت هي آهي ته هو هن مهل تائين اهو ثابت ناهي ڪري سگهيو ته آشا ڪماري آهي ڪٿي سندن اغوا پويان هٿ ڪهڙا ملوث آهن، اڳواڻن چتاءُ ڏيندي چيو ته هاڻي وقت اچي ويو آهي جو جيڪب آباد جي هندو ڪميونٽي جو عورتون وڏي تعداد ۾ گڏ ٿي سندن ڀرپور احتجاج ڪن، هنن چيو ته کان وڏي انگ ۾ عورتون سراپا احتجاج بڻبيون

courtecy - awami awaz

No comments:

Post a Comment