Pages

Labels

Saturday 21 April 2012

عدالتي فيصلو- هيرو ۽ فري ول

عدالتي فيصلو- هيرو ۽ فري ول

-------------------------------------------------------


نواز شريف حڪومت جو تختو اونڌو ڪري پاڻ کي ماڊريٽ ۽ لبرل ظاهر ڪندي جنرل پرويز مشرف ملڪ جون واڳون سنڀالي ورتيون هيون. انهيءَ وقت عام طور اهو پئي سمجهيو ويو ته جنرل مشرف نواز شريف پاران پاڻ کي اميرالمومنين بڻائڻ واري عمل ۾ رڪاوٽ بڻيو آهي.
دنيا بعد ۾ ڏٺو ته ماڊريٽ جنرل ملڪ سان ڇا ڪيو. نسلي، لساني ۽ مذهبي بنيادن کي مضبوط ڪيو ويو. پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ايم ايم اي جي پليٽ فارم تان ڪيترائي ميمبر صوبائي ۽ قومي اسيمبلين ۽ سينيٽ جي ايوانن ۾ پهتا. جن خاص ۽ ڪيترن ئي موقعن تي جنرل جي اقتدار کي طاقت بخشي. ظاهري طور تي جنرل مشرف ۽ ايم ايم اي جا ميمبر هڪ ٻئي جا مخالف نظر ايندا رهيا. هر ماڻهو جو پنهنجو وقت ۽ ڪردار هوندو آهي. شطرنج جي راند وانگر ڪهڙو مهرو (ڪردار) ڪهڙي ٽائيم تي اڳتي پوئتي ڪرڻو آهي. اهو هڪ خاص فن ۽ راند آهي.
وقت جو ڦيٿو هلندو رهي ٿو. هڪ خاص ٽائيم تي سپريم ڪورٽ جي هاڻوڪي چيف جسٽس صاحب کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ ميدان تي اچڻو پوي ٿو. پاڪستان جهڙي ملڪ ۾ هڪ جنرل جي اقتدار ۾ هوندي چيف جسٽس ”انڪار“ کي پنهنجو مقدر بنائي ٿو ته پاڪستان سميت سموري دنيا ۾ واهه واهه ٿي وڃي ٿي. جمهوريت پسند، انصاف پسند حلقا افتخار چوڌري کي مسيحا سمجهڻ شروع ڪن ٿا.
مون کي چڱي طرح ياد آهي ته عهدي کان هٽڻ بعد چيف جسٽس افتخار چوڌري جڏهن حيدرآباد آيو هو ته سڄي سنڌ مان هزارين ماڻهو سندس هڪ جهلڪ ڏسڻ لاءِ آتا هئا. جيڪي ماڻهو سندس هڪ جهلڪ ڏسڻ لاءِ آتا هئا، انهن ۾ ڪولهي، ڀيل، مينگهواڙ، هندو برادري توڻي مسلمان سڀ شامل هئا. مسڪين منو ڀيل جي گم ٿيل ڪٽنب جي بازيابي لاءِ ورتل نوٽيس چيف جسٽس کي پوئتي پيل هن ڪميونٽي ۾ هيرو بڻائي ڇڏيو هو.
جج سياست ۾ حصو نه وٺندا آهن، پر مون کي ان وقت حيدرآباد پريس ڪلب کان ٻاهر بک هڙتال تي ويٺل ڀيل ڪميونٽي جي ماڻهن رڙيون ڪندي چيو هو ته اسان جسٽس چوڌري کي ووٽ ڏئي صدر بڻائينداسين. تاريخ جي بي رحمي چئجي جو ساڳيو منو ڀيل پاڻ ڪيترن ئي ڪيسن ۾ ڦاسي پيو ۽ گم ٿيل ڪٽنب اڃا سوڌو گم آهي ۽ محترمه بينظير ڀٽو جو ور ملڪ جو چونڊيل صدر بڻجي ويو. گهرن جي ديوارن ۾ قيد ڪيل ۽ ماڻهن جي دلين ۾ هيرو بڻيل افتخار چوڌري ٻيهر ۽ ٽيهر ملڪ جي وڏي عدالت جو چيف جسٽس بڻجي انصاف جي ڪرسي تي اچي ويٺو.
شطرنج جي راند جا پنهنجا قانون آهن. بادشاهه کي بچائڻ لا پيادا (سپاهي) قرباني ڏيندا رهندا آهن. سنڌ جيڪو پيار ۽ امن جو خطو آهي. صوفين جي سرزمين آهي. صوبي جي ڪجهه علائقن ۾ اوچتو اغوا جون وارداتون وڌي وڃن ٿيون. نياڻيون اغوا ٿيڻ شروع ٿين ٿيون. پر ڪوبه نوٽيس نه ٿو ورتو وڃي. ميرپور ماٿيلو مان رنڪل عرف فريال، ڪراچي جي علائقي مان ڊاڪٽر لتا ۽ جيڪب آباد مان آشا ڪماري گم ٿين ٿيون. سڄي سنڌ مان آواز اٿي ٿو ته هندو ڪميونٽي جون نياڻيون اغوا ڪيون ويون آهن. ٽن مان ٻه ناريون رنڪل ۽ لتا ميرپور ماٿيلو جي هيٺين عدالت ۾ پيش ٿين ٿيون. هيٺين عدالت ۾ ناريون ڪهڙي طريقي سان پيش ٿيون. انتظاميه ۽ پوليس جو ڪردار ڇا رهيو، اهو هڪ وڏو قصو ۽ ڪهاڻي آهي. پر جڏهن هي ڪيس ماڻهن جي دلين جو هيرو بڻيل چيف جسٽس وٽ پهچي ٿو ته ماڻهن کي ڪجهه آٿت ملي ٿي. هر طرف کان اهو آواز اچي ٿو ته هاڻ ضرور انصاف ٿيندو. مختلف اخبارون ۽ چينل هن اشو تي بحث مباحثا ڪرائين ٿيون. جنهن ۾ اهو نقطو نڪري ٻاهر اچي ٿو ته هي ڪيس صرف نارين جي شادي ڪرڻ جو نه آهي. پر هن ڪيس ۾ مذهب تبديل ڪرڻ وارو معاملو به آهي. جماعت اسلامي جي مولوي اسد الله ڀٽو، عامر لياقت سميت ڪيترن علماءَ اڪرام جو اهو موقف سامهون آيو ته اسلام بندوق جي زور تي نه ڦهليو آهي.
سپريم ڪورٽ ۾ پهرين پيشي جي موقعي تي رنڪل ۽ لتا کي پيش ڪيو ويو، سڄي ڪارروائي رڪارڊ ٿيل آهي. نارين جا مائٽ اهو زور ڀريندا رهيا ته فري ول (مرضي) سان نارين کان بيان ورتا وڃن. جيڪڏهن هو آزادانه نموني مذهب مٽائڻ ۽ شاديون ڪرڻ جو بيان ڏين ٿيون ته اسان پنهنجن هٿن سان کين ميندي لڳائي جهمريون پائي رخصت ڪنداسين. سمجهيو پئي ويو ته نارين کي آزاد نموني ڪنهن هنڌ ترسائي مائٽن سان ملاقات ڪرائي پوءِ آزاد نموني بيان ورتا ويندا پر اهو نه ٿيو. مختلف وسوسا ۽ افواهه ڦهلجڻ شروع ٿيا. خود مون کي ڪيترائي فون آيا جن ۾ اهڙن خدشن جو اظهار ٿيل هو. 18 اپريل تي ٻيهر سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪرڻ جو آرڊر پاس ڪري نارين کي واپس ڪراچي موڪليو ويو.
18 اپريل تي سپريم ڪورٽ ۾ ڇا ٿيو آهي، اهو سڄو معاملو هاڻي منظر تي اچي رهيو آهي. پر سماج مان اهو سوال پڻ ضرور  اٿيو آهي، جنهن جو جواب درڪار آهي.
ڇا 18 اپريل تي سپريم ڪورٽ ۾ ٿيل سڄو مامرو نارين جي فري ول وارو فيصلو آهي؟ جيڪڏهن واقعي اهو فري ول تي ٿيل فيصلو هجي ها ته سماج مان ايڏي رڙ نه اچي ها ۽ انهيءَ فيصلي تي نظرثاني جي اپيل داخل ڪرڻ سان گڏ عالمي عدالت ۾ وڃڻ جون ڳالهيون ٿي رهيون آهن. قومي اسيمبلي جي مذهبي هم آهنگي بابت اسٽينڊنگ ڪاميٽي فيصلي کي زيادتي قرار ڏنو آهي. قومي اسيمبلي ۽ صوبائي اسيمبلي جي ڪيترن ميمبرن سان گڏ سنڌ جي لبرل ماڻهن اهي سوال پڇڻ شروع ڪيا ته آخر سپريم ڪورٽ رنڪل کان ”ان ڪورٽ“ بيان ڇو نه ورتو؟ وڪيلن کي ڪيس پيش ڪرڻ ڇو نه ڏنو ويو؟ رنڪل طرفان چيف جسٽس کي ڏنل پرچي ڪنهن جي ڏنل هئي؟ نارين جي مائرن سميت ڪنهن به مائٽ يا ميڊيا سان ڳالهه ڇو نه ڪرائي وئي؟ آشا ڪماري هڪ مهيني کان ڪٿي ۽ ڪنهن وٽ گم هئي؟
اهو به هڪ سوال آهي ته عدليه ۽ حڪومت وچ ۾ هلندڙ تڪرار هن ڪيس تي اثرانداز ته نه ٿيو آهي، صدر آصف علي زرداري ڪجهه ڏينهن اڳ اهو بيان ڏنو هو ته پارليامينٽ سپريم آهي. ان سان گڏ پارليامينٽ جي انساني حقن جي ڪاميٽي ۾ مٿين ڪيسن بابت ڪجهه فيصلا ڪيا ويا هئا. پر سپريم ڪورٽ ڪاميٽي جي ڪيل فيصلن کي مڪمل نظرانداز ڪري ڇڏيو. عوام منجهه هن ڪيس بابت ان ئي پسمنظر ۾ سوال اٿي رهيا آهن ته ڇا سپريم ڪورٽ ۽ پارليامينٽ ۾ سپرميسي (برتريءَ) تي هلندڙ جنگ هن ڪيس تي پنهنجا اثر ڇڏيا آهن. اهڙين حالتن ۾ آيل فيصلو ڇا نارين جي فري ول ثابت ڪري ٿو؟
جيستائين سماج مان اٿيل سوالن جا جواب نه ايندا تيستائين ماڻهن جي دلين ۾ هيرو بڻيل چيف جسٽس، عدالتي فيصلي ۽ فري ول جو سوال پڙاڏا بڻجي گونجندو رهندو.


مهيش ڪمار




No comments:

Post a Comment