Pages

Labels

Monday 16 April 2012

رنڪل ڪماري جو ديوتا ڏانهن خط

رنڪل ڪماري جو ديوتا ڏانهن خط

پرهه منگي



اي ديوتا!

مون کي نه ٿو سمجهي ۾ اچي ته توکي مان پيارا ديوتا سڏيا يا وري هن سموري ڪائنات جو ديوتا چوان پر بهر حال مان توکي ديوتا ڪري سڏڻ چاهيندس، اميد ته تون صرف ديوتا سڏجڻ تي ناراض نه ٿيندين.


منهنجي خط توکي رنڪل ڪماري جي حيثيت سان نه بلڪل فقط رنڪل، هڪ سادي سنڌو جي نينگري سمجهي ٿي لکا، منهنجي خط جو مقصد صرف ڪجهه ڄاڻڻ آهي، جنهن کي سمجهڻ ۾ هي انسانيت ناڪام ٿي نظر اچي، اي ديوتا مان جنهن متعلق توکان پڇڻ گهران ٿي ان جو احوال بيان ڪرڻ کان پهرين توکي اهو ضرور ٻڌائيندي هلان ته اهو سڄو معاملو سنڌ جي سڀيتا سان جڙيل آهي، جنهن جو هن وقت مان پاڻ خاص حصو بڻيل آهيان، تنهن ڪري تون تاريخ جي طويل سفر کي مد نظر رکي فيصلو ٻڌائجان ۽ جيئن ته توکي خبر آهي ته منهنجو هن سنڌو ڌرتي سان رشتو صدين کان هلندو پيو، اچي سنڌو ماتا اها سر زمين آهي، جتي سنڌو سڀيتا جو اثر مذهب کان بالاتر رهيو آهي، پر گذريل اڌ صدي کان هن سر زمين کي مذهب ۽ پير پرستي جي ور چاڙهي هن کي پنهنجي قديم فلسفي کان پري ڪيو پيو وڃي، جنهن جي هينئرمون کي پنهنجي وجود جي بلي پئي گهري وڃي ۽ تون ڄاڻين ٿو اها بلي ڪا نئين ناهي هن جي قيمت اڌ صدي کان هر رنڪل ۽ ان جو پريوار ادا ڪندو پيو اچي.

تون پنهنجي دنيا جي ستمظر في ڏس جيڪو اسا ن کي بلي جو نمون ٿو بڻائي اهي، اسان جي زمين تي ڪجهه صدين کان قابض آهن پر اسان ته انهن کان ڪڏهن به انهن جي وجود جي بلي ته نه گهري آهي، انهن اسان جي گهرن ڌرتي ۽ سنڌو درياءَ جي امرت تي قبضو ڪري هر شيءَ کسي ڇڏي، پر ان جي باوجود به اسين تنهنجي ڪائنات ۽ سنڌو سان جڙيل قديم فلسفي جي پيروي ڪندا پيا اچون ڪڏهن به انهن جي وجود کي ڪنهن به قسم جي تڪليف پهچائڻ جو تصور نه ڪيو آهي.

پوءِ انهن اسان کي ڇا سمجهي عذاب ڏيڻ جو سلسلو جوڙيو آهي؟ ڇا هن ڀيانڪ ڪڙي جو ڪو انت آهي؟ اي ديوتا! اسان جي وجود جو سوال تڏهن کان شروع ٿيو، جڏهن ننڍي کنڊ جو ورهاڱو ٿيو جنهن جي نتيجي ۾ منهنجن ڪيترن پيارن کي سنڌو ماتا کان ڌار ڪيو ويو پر جيڪي هتي بهادري سان رهيا، جيڪي پنهنجي ڌرتي جا سپوت هجڻ خاطر هتي رهيا تن کي سزا طور تي هن ملڪ جي نظام سندن لاءِ لفظ اقليت جو استعمال ڪري اسان جي پيشانين تي اهڙي ڇاپ هنئي آهي جنهن اسان کي پنهنجي ئي سر زمين تي اجنبي ڪري ڇڏيو آهي ۽ ان ڇاپ کي مٽائڻ خاطر پنهنجي جان ۽ مال جون قربانيون پيا ڏيندا رهون، مان نه ٿي مڃان اهڙي نظام جي جوڙ جڪ کي جيڪو پنهنجي ڌرتي سان صدين جي رشتي کي اڻڄاڻ بڻائي ڇڏي، اڄ مذهب جا رکوالا منهنجي وجود تي هڪ ٻئي ڇاپ هڻي، منهنجي سڃاڻپ کي پنهنجي ئي مذهب جو هڪ نئون ناءُ ڏنو آهي. جنهن سبب اڄ هي رکوالا مونکي فريال ڪري پيا ڪوٺين پر منهنجي ڪائنات ته پهرين ڏينهن کان وٺي رنڪل جي وجود سان جڙيل آهي، مان اڄ به اهائي رنڪل آهيان جيڪا مندرن جي کنڀن جي چوگرد ڊوڙندي وڏي ٿي آهي، منهنجي آتما هينئر به مندرن جي چوکٽ تي موجود آهي، اي ديوتا منهنجي آتما ان مڙهيل نئين روپ کي ڪيئن قبول ڪري جيڪو ڪاري رات جي گههگهه اوندهه ۾ منهنجي گهر ۾ گهڙي مون کي پاڻ سان کنڀي کڻي ويو. ۽ ان بيرحم روپ مذهب جي اخلاقن جو قتل ڪري مون کي بندوق جي زورتي مذهب قبول ڪرڻ لاءِ زور ڀريو، تون پاڻ به ته ان وقت بندوق کي ڏٺو هوندو، جن جا ريخ منهنجي پيارن ڏانهن وڌي رهيا هئا جيڪڏهن ان بندوق جو رخ صرف منهنجي طرف هجي ها ته مان هن پوري انسانيت جو قسم کڻي چوان مان هر گز هن ڏاڍ تي خاموش رهان ها پر جيئن ته مون پنهنجي گيتا ۾ پڙهيو آهي ته جيوت جو خيال ۽ احترام جيوت جي ئي ذميواري آهي ۽ اهو ئي سنڌو ماٿري جو فلسفو اهي ۽ پوءِ اي ديوتا هاڻي تون ئي ٻڌاءِ ته مون لاءِ ڪيئن ممڪن هو ته مان هڪ جيوت جو قتل ڪري پوءِ ڪهڙي جيوت جي رکوالي ڪيا ها؟ تنهن ڪري مان زندگي خاطر هن مڙهيل روپ تي خاموشي اختيار ڪري هر الزام پنهنجي سر تي کنيو آهي مون کي اها بيرحم رات نه وسرندي جنهن پل مون تي حملو ڪري کنڀي کنيو ويو، ان پهر منهنجي تصور ۾ سيتا ديوي جو منظر ڦري آيو، جڏهن رواڻ هن کي اغوا ڪري پنهنجي لنڪا ۾ قيد ڪيو، هو پر سيتا ديوي مون کان ان لحاط کان خوشقسمت هئي جو هن وٽ ايترو بي رحم راوڻ نه هو سيتا جي قسمت مون جهڙي نه هئي ۽ نه ئي هن جي حصي ۾ مون جهڙا عذاب آيا، جيئن مان هينئر ڀوڳي رهي آهيان، منهنجي عذابن ۽ ظلم جي ڪهاڻي گهڻي تڪليف ده ثابت ٿي آهي ۽ مون کي اندازو ٿي رهيو آهي، ته تون به هن سچائي کان انڪاري نه هوندين.

اي ديوتا!

تون ڏس پنهنجي دنيا جي رکوالن کي جيڪي مون تي اهو الزام هڻڻ کان نه پيا ڪيبائين ته مان ڪنهن ڇوڪري جي جي پيار ۾ پنهنجن کان الڳ ٿي وڃان اهو قطئي ئي ممڪن ناهي جو مان هڪ فرد خاطر پنهنجي پيارن سان دوکو ڪيان مون کي هر گز خبر ناهي ته منهنجي ڀر ۾ بيٺل شخص ڪري آهي؟ مون کي ته ڪڏهن ڪڏهن هن شخص تي به رحم ايندو آهي ته ڪهڙي سبب هڪ انصافي جو غلام بڻيل آهي.

ڇا تون عدالت ۾ نه ڏٺو هو جتي مان انهن بيحس غلام گهيري ۾ قيد هوس جتي مون کي پنهنجي ماءُ کي به ڏسڻ جي اجازت نه ڏني وئي، مان صرف هڪ جهلڪ ڏسڻ پئي چاهيان پر هاڻي ته مان ڏسڻ ۽ ڳالهائڻ جي به قيد آهيان، مان اهو ڏسندي ۽ ڳالهائيندي آهيان جيڪي اهي طئي ڪندا آهن، ڇا تنهنجي دنيا ۾ اهڙو نظام ۽ انسانيت زنده آهي، جيڪو منهنجي احساسن کي نئين زندگي ڏئي سگهي؟ ڇا تون منهنجي خاموشي جي گهرائي کي نه ٿو ٻڌي سگهين، جو مون سان انصاف ڪرڻ ۾ ايڏو وقت لڳايو اٿئي؟

جيڪڏهن تون منهنجي هن خط تي ناراض ٿين ته مون کي سمجهائي ۽ مون سان انصاف ڪر، مون کي تون ئي ٻڌاءِ ته تنهنجو مذهب ڇا ٿو چئي ڇو جو دنيا وارا مون کي ٻيو ڪجهه ٻڌائي رهيا آهن، جيڪو ڪجهه تون پنهنجن پاڪ ڪتابن ۾ ناهي لکيو.

اي ديوتا!

مون کي تنهنجي جواب جو جيون ڀر انتظار رهندو.

تنهنجي رنڪل.........شايد صرف رنڪل

Pirahmangiku@yahoo.Com





No comments:

Post a Comment