Pages

Labels

Thursday 5 April 2012

مذهب کي رياستي معاملن کان ڌار ڪرڻ بنا سنڌ جي هندن سان ظلم بند نه ٿيندو: سماج سڌارڪ

مذهب کي رياستي معاملن کان ڌار ڪرڻ بنا سنڌ جي هندن سان ظلم بند نه ٿيندو: سماج سڌارڪ

حيدرآباد(بيورو رپورٽ) سنڌ جي سماج سڌارڪ اڳواڻن سنڌ ۾ سنڌي هندن خلاف هلندڙ پرتشدد ڪاررواين تي سخت ردعمل جو اظهار ڪندي مطالبو ڪيو آهي ته جيستائين مذهب کي رياستي معاملن کان ڌار ڪري پاڪستان کي سيڪيولر رياست نه بڻايو ويندو، تيستائين سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ مذهب جي نالي ۾ ٿيندڙ بنيادي انساني حقن جي لتاڙ ختم نه ٿيندي. ڪالهه سماج سڌارڪ اڳواڻن جو اجلاس حيدرآباد جي قاسم آباد واري وسندي ۾ ٿيو. اجلاس ۾ اڳواڻن پنهل ساريو، فادر ڊينيل، مقبول ملاح، تاج مري، حڪيم زنگيجو، جبار ڀٽي، شوڪت سومرو، جاويد سوز هالائي، ايم پرڪاش ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ سنڌ ۾ نياڻي رنڪل کي هٿيارن جي زور تي حراسان ڪري سندس مذهب تبديل ڪرائڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ويو ته جيئن ته رنڪل عدالت ۾ پنهنجي امڙ سان گڏ وڃڻ وارو بيان ڏئي چڪي آهي، تنهن ڪري بنا دير رنڪل کي سندس وارثن حوالي ڪيو وڃي ۽ رنڪل جي خاندان کي مڪمل طور تحفظ فراهم ڪيو وڃي. اجلاس ۾ چيو ويو ته سنڌي هندن ۽ ٻين مذهبي اقليتن کي تحفظ فراهم ڪرڻ رياست جي ذميواري آهي ۽ هن جمهوري حڪومت ۾ رياست کي ان ذميواري کي پورو ڪرڻ گهرجي ته جيئن مذهبي اقليتيون خوف مان نڪري سگهن. اجلاس ۾ اهو پڻ فيصلو ڪيو ويو ته ۹ اپريل تي حيدرآباد پريس ڪلب ۾ ”رياستي معاملن ۾ مذهبي مداخلت“ جي عنوان سان ٿيندڙ ڪانفرنس ۾ قومپرست اڳواڻن سيد جلال محمد شاهه، بشير خان قريشي، ابرار قاضي سميت سنڌ جي ناميارن وڪيلن، استادن ۽ سماج سڌارڪن کي دعوتون ڏنيون وينديون. اجلاس ۾ سيمينار جي تيارين جو جائزو ورتو ويو

courtecy - awami awaz.

No comments:

Post a Comment