Pages

Labels

Tuesday 10 April 2012

هندو نياڻين جي اغوا ۽ مذهب تبديل ڪرائڻ مذمت جوڳو آهي، ظلم خلاف احتجاج ڪبو: جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي

هندو نياڻين جي اغوا ۽ مذهب تبديل ڪرائڻ مذمت جوڳو آهي، ظلم خلاف احتجاج ڪبو: جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي

اهور (رپورٽ : دوست حفيظ چنو) : جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي رنڪل ڪماري، آشا ڪماري ۽ لتا ڪماري سميت سنڌ مان هندو نياڻين جي اغو ا۽ زوري مذهب تبديل ڪرائڻ جي مذمت ڪندي 12 مارچ تي لاهور پريس ڪلب آڏو احتجاج ۽ اهڙي ظلم خلاف پريس ڪانفرنس ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. سپريم ڪورٽ بار جي اڳوڻي صدر ۽ انساني حقن لاءِ جاکوڙيندڙ عاصمه جهانگير جي آفيس ۾ ٿيل گڏجاڻي جي صدارت ميڊيم شاهه تاج ڪئي. جنهن ۾ عورت فائونڊيشن ۽ هيومن رائيٽس ڪميشن ڪارڪنن سميت سول سوسائٽي جي ڪارڪنن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ مذهبي حلقن طرفان اڄ اسلام آباد ۾ سڏايل سيمينار کي غير ضروري قرار ڏيندي چيو ويو ته جڏهن رنڪل ڪماري ملڪ جي سڀ کان وڏي عدالت ۾ پنهنجو موقف کلي عام ڏئي چڪي آهي، ان بعد معاملي کي ٻيو رنگ ڏيڻ جو ڪو به جواز نه آهي. اجلاس ۾ هي به فيصلو ڪيو ويو ته 18 اپريل تي رنڪل ڪماري ۽ ڊاڪٽر لتا ۽ آشا ڪماري جي سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي دوران جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي جا ڪارڪن به موجود هوندا



courtecy - awami awaz

No comments:

Post a Comment