Pages

Labels

Sunday 1 April 2012

رنڪل ڪماري ۽ لتا ڪماري جي بهادري

A Truth
رنڪل ڪماري ۽ لتا ڪماري جي بهادري

چيف جسٽس جي فيصلي کي ڇا سمجهجي؟

----------------------------------------------- 

وينگس

چوڻ وارا گهڻو ڪجهه چئي ويندا پر ڪير آهي جيڪو سچ جو ساٿ ڏئي؟ سچ جو ساٿ ڏيڻ لاءِ بهادري گهرجي ۽ اهو ڪم آسان ناهي هن ڌرتي جي عجيب فطرت ۽ مزاج آهي جتي انسان صرف ٻن راهن تي هلي ٿو هڪ سچ ۽ ٻيو پيار بهادرائپ.
جيڪي انسان انهن کان هٽي ڪري هلن ٿا اهي هن ڌرتي جا سپوت ٿي نه ٿا سگهن. 
اها ئي هن ڌرتي جي روايت، مذهب ۽ ايمان آهن، جيڪڏهن ڪنهن کي ياد ناهي ته اسان ياد ڪرائيندا هلون جڏهن عبرت جي هن ئي سيشن ۾ لکندا رهياسين ته ڪنهن به نياڻي جي اغواه ٿيڻ کي پيار جي شادي جو ناءُ نه ڏيو. ڇا ڪجي عوام کي نچائڻ لاءِ ڊمڪي وڃائي وڃي ٿي ۽ سڀئي وڄندڙ ڊمڪي تي جهمريون پاڻ شروع ڪن ٿا. پيار جا مام ڇا آهي؟ ان کي سمجهڻ لاءِ دل ۽ ذهن گهرجي ۽ اهو سائين شاهه اعبدالطيف مان ئي سکي سگهجي. اڄڪلهه هر گناهه کي بهترين ليبل هڻي ڏوهاري کي آزاد ڪرايو وڃي ٿو. 
ائين ئي هندو يعنيٰ سنڌ جي اصل ڌرتي ڌڻين جي نياڻين سان ٿيندو آيو آهي ڊگهي عرصي کان معصوم ٻارڻين کي صليب تي چاڙهيو ويو پر هڪ نه هڪ ڏينهن بند ٽٽندو آهي، جيڪو بند رنڪل ڪماري سنڌ جي موجوده مارئي بڻجي ٽوڙي ٿي. 
اسان پنهنجن لکڻين ذريعي چوندا رهياسين ته توهان عمر جي روايت کي کڻي سنڌ جي مارئين کي انهن جي گهرن ڏانهن وڃڻ ڏيو، انهن مان ڪنهن هڪ نه ٻڌي.
رنڪل ڪماري 26 مارچ 2012 چيف جسٽس افتخار چوڌري آڏو بيان ڏيندي چيو، مان پنهنجن والدين سان وڃڻ چاهيان ٿي، مون کي ڌمڪايو ويو آهي ته جيڪڏهن مان پنهنجن والدين جي حق ۾ بيان ڏنو ته اهي منهنجي سڀني گهر ڀاتين کي ماري ڇڏيندا، انهي دوران لتا ڪماري پڻ پنهنجن والدين سان گڏ وڃڻ لاءِ بيان ڏنو. جيتوڻيڪ رنڪل ڪماري جي ماءُ لڇمڻي ٻائي چيف جسٽس آڏو هٿ ٻڌي روئيندي رهي ته اسان کي ڪجهه پلن لاءِ پنهنجي ڌيءَ سان ملڻ ڏنو وڃي جيڪو ملڻ نه ڏنو ويو. 
چيف جسٽس افتخار چوڌري فيصلو ڏيندي فيصلي کي 18 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏيو ۽ رنڪل ڪماري ۽ لتا ڪماري کي چيو ته توهان دٻاءُ ۾ آهيو توهان جا پهرين بيان متضاد آهن ان ڪري هينئر توهان کي بيان نه ٿو وٺي سگهجي. توهان کي واپس ڪراچي پناهه شلٽر هائوس ۾ موڪليو وڃي ٿو. ان وقت مجيب پيرزادي عدالت کان گذارش ڪئي ته انهن جي زندگين کي خطرو آهي ان ڪري انهن کي اسلام آباد جي شلٽر هائوس ۾ رهڻ ڏنو وڃي پر چيف جسٽس آف انصاف ان جي ان گذارش کي به ٿڏيندي نينگرين کي واپس ڪراچي شلٽر هائوس ۾ موڪلڻ جو حڪم ڏنو.
عبرت جي رپورٽر نمائيندي اصغر اسلام آباد مطابق ته عدالت ٻاهريان جڏهن لتا ۽ رنڪل ڪماري ٻاهر اچي رهيون هيون ته صحافين رڙ ڪندي پڇيو توهان مان رنڪل ڪماري ڪهڙي آهي؟ ان دوران رنڪل چادر مٿي ڪندي چيو مان آهيان. صافين سوال ڪندي پڇيو تون ڪنهن سان وڃڻ چاهين ٿي جنهن دوران رنڪل جواب ڏيندي چيو مان پنهنجي ماءُ ۽ پيءُ سان وڃڻ چاهيان ٿي. انهي دوارن پوليس صحافين کي ڌڪاڏيندي پري ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ رنڪل ۽ لتا کي زور سان پوليس گاڏي ۾ وهاريو ويو.
رپورٽ ايندي ئي هميشه جيان چيف جسٽس صاحب سنڌ کي مايوس ڪيو آهي. سڀ ڪجهه نظر ايندي به ماءِ لارڊ ڪنهن جي حق ۾ بيان ڏيڻ پيا چاهين؟
هن ملڪ جي ٻار ٻار کي خبر آهي ته بندوقن جي ڇانوَ ۾ بيان ڏياريا ويندا آهن، پنهنجي مرضي سان ڏنا ناهن ويندا، پوءِ به ماءِ لارڊ ٻنهي نينگرين کي امتحان ۾ وجهندي انهن جي ڪيس کي 18 اپريل تائين ملتوي ڪيو ۽ مٿان وري ڪراچي جي شلٽر هائوس ۾ رهڻ جي لاءِ حڪم ڏنو.
ڇا سنڌ هاڻي اهو ئي سمجهي ته ماءِ لارڊ وٽ سنڌي عوام لاءِ انصاف منفرد آهي؟ جڏهن نينگريون چئي رهيون آهن ته پوءِ انهن کي پنهنجن والدين سان وڃڻ ڇو نه ڏنو ويو؟ جيڪڏهن ماءِ لارڊ جي نظر ۾ اهي دٻاءُ ۾ آهن ته انهن کي اسلام آباد ۾ ترسائڻ جو حڪم ڏئي ها، جيڪو چيف جسٽس صاحب نه ڏنو.
عوام هن سڄي فيصلي کي ڇا سمجهي؟ ڇا 18 اپريل تي لتا ۽ رنڪل ڪماري پنهنجي ماءُ ڏانهن واپس وينديون؟ 
هاڻي هن سوال پنهنجي لاءِ گهڻا ئي خديشا ڇڏيا آهن ته چيف جسٽس صاحب جنهن تي رنڪل ڪماري جي ماءُ جو ايمان هو ان کي 26 مارچ تي مايوس ڪيو آهي.
ڇا رنڪل ۽ لتا جي بهادري کي پاڪستان جي عدالت مانَ ڀريو فيصلو ڏيندي يا وري رجعت پرستن جي حقن ۾ ويندو؟  

No comments:

Post a Comment