Pages

Labels

Sunday 1 April 2012

آمريڪي جنرلن به رنڪل معاملي تي نوٽس ورتو..!

آمريڪي جنرلن به رنڪل معاملي تي نوٽس ورتو.

ناجائزيون اڄ جون ناهن.



وينگس

----------------------------------
24 فيبروري کان وٺي 26 مارچ تائين رنڪل ڪماري ڪيس عوام جو مرڪز رهيو پر سپريم ڪورٽ فيصلو ڏيڻ بجاءِ رنڪل ڪيس کي 18 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏيو. هينئر تائين ملڪ جي مهذب سول سوسائٽي هن جي ڪيس تي آواز اُٿاريندي نظر ناهي آئي ايترو ئي نه جيڪي آواز پهرين مختياران مائي جي آواز اُٿاري ملڪ کي مٿي تي کڻي ڇڏيو اهي سڀئي پهرين ڊاڪٽر شازيه تي ۽ پوءِ رنڪل ڪماري ڪيس تي پڻ خاموش رهيا آهن. 
انساني حقن جي تنظيمين ۽ قومي ميڊيا لاءِ رنڪل ڪماري ڪيس انساني حقن ۽ ميڊيا تي اُٿارئڻ لائق ناهي؟ 
رنڪل جي خاندان مسلسل ڪوشش ڪندا پيا اچن، انهن پنهنجا پير جهڪاء نه ڪيا ۽ جدوجهد ڪندي رنڪل ڪماري ڪيس کي عدالت تائين پهچايو افسوس رنڪل جي ماءُ سان ملڪ جي ڪنهن قومي پارٽي ساٿ به نه ڏنو. رنڪل ڪماري ڪيس ۾ منجهارو ڪهڙو آهي؟ هر هڪ جا آواز ٻڌڻ ۾ نه آيا؟
رنڪل ڪماري ڪيس لاءِ پهرين ڏينهن کان چيوسين ته هي اغواه ڪيس ۽ پردي پٺيان وارن جي رچيل راند آهي ته جيئن اصل ڌرتي ڌڻين کي هتان ڪڍي ٻاهرين کي آباد ڪيو وڃي، پوري مڪمل سازش جي ڪڙي آهي.
رنڪل جي ڪيس تي آمريڪي جنرلن، آرمي چيف جنرل اشفاق ڪياني سان ملندي چيو ته رنڪل واقعي سان پاڪستان جي اقليتن کي زوري مذهب تبديلي جو خوف ٿيو، رپورٽ مطابق ته رنڪل واقعي کي هندن، عيسائين ۽ ٻين اقليتن کي ملڪ ڇڏرائڻ جي سازش قرار ڏني. 
ٻئي طرف سنڌ جي ڏاهي سوڀو گيانچنداڻي چيو ته سنڌ ڇڏڻ جون ڌمڪيون پهرين به مليون پر نه ڇڏي، هي ناجائزيون اڄ جون ناهن، اسان جدوجهد ڪنداسين.
جيتوڻيڪ 26 مارچ تي رنڪل جيڪو ڪجهه عدالت ۾ چيف جسٽس آڏو ڳالهايو ۽ جيئن سڌيون کرو موقف رکيو ان کي يقينن ميڊيا آڏو رپورٽ ڪرڻ مشڪل هجي، جڏهن رنڪل چيف جسٽس کي سڌو چيو ته مون کي چڱي ريت خبر آهي ته مون هندو لاءِ انصاف هن ملڪ ۾ ناهي، مون کي قتل ڪري ڇڏو پر مان داراالعمان نه ويندس، رپورٽ ۾ لکيل آهي.
چيف جسٽس آف سپريم ڪورٽ افتخار چوڌري ڇا محسوس ڪيو؟ پر معصوم عوام ايترو ضرور محسوس ڪيو ته 26 ۽ 27 انگ اسان لاءِ ڳرا آهن جڏهن به انصاف لاءِ اسلام آباد ڏانهن نياڻين پنڌ ڪيا، انهن جا 27 ڊسمبر2007 جيان جنازا مليا يا وري 26 مارچ تي فيصلو ڏيڻ بجاءِ ملتوي ڪيو.
هاڻي رنڪل ڪماري ڪيس عالمي سطح تائين پهچي چڪو آهي جڏهن آمريڪا جي مهرباني سان آمريڪي جنرل رنڪل ڪماري لاءِ آواز اُٿارين ٿا ۽ زوريءَ مهذب مٽائڻ واري مسئلي تي ڳالهايو ان مان ظاهر ٿيو ته رنڪل ڪماري ڪيس تي هر هڪ جي اک آهي. سوال اُٿي پيو ته 18 اپريل 2012 تي رنڪل ڪماري جي جهول ۾ ڇا ايندو؟ هوءَ زور زبردستي سان داراالعمان موڪلي وئي ۽ هينئر ان سان ڇا ٿي ئي پيو ۽ هوءَ ڪهڙي حال ۾ آهي؟ ڪير به نه ٿو ڄاڻي؟ 
يقينن آمريڪي جنرلن جي رنڪل ڪماري ڪيس تي نظر کانپوءِ هن ملڪ جي اسٽبلشمينٽ ڇا پئي سوچي؟ اهو هڪ سوال آهي ته جيڪي ناانصافيون مسلسل ٿينديون پيون اچن ۽ انهن کان خود اسٽبلشمينٽ اڻڄاڻ ناهي انهن کي خبر آهي ته ڪير ڪهڙا قدم کڻي پيو ۽ سنڌ ۾ اغواه ٿيندڙ ناريون پهريون ڀيرو ناهي، جڏهن اسٽبلشمينٽ کي سڀ خبر هجڻ باوجود به اهي هاڻي ڪيئن موٽ ڏيندا؟
ڏسون! ڇا آمريڪي جنرلن جي نوٽس وٺڻ کانپوءِ به انصاف رنڪل ڪماري ۽ هن جي ماءٌ جي جهول ۾ نصيب ٿيندو؟ جيتوڻيڪ رنڪل ڪماري اڪيلي داراالعمان ۾ آهي جنهن ڏانهن وڃڻ لاءِ هوءَ گهڻي خوفزده هئي ان جي باوجود به هن کي سپريم ڪورٽ موڪلي ڇڏيو. 
اسان صرف ايتري گذارش ڪنداسين ته هن ملڪ جا شهري ۽ محب وطن صرف رجعت پرست ناهن پر اهي به آهن جيڪي رجعت پرستن جي دائري ۾ نه ٿا اچن ۽ رنڪل ڪماري پڻ هن جي ماءُ جيڪي انصاف جي اوسيئڙي ۾ عدالت ٻاهريان بيٺل آهن اهي به هن ملڪ جو شهري آهن.

published in DailyIbrat on Saturday31/march/2012

No comments:

Post a Comment