Pages

Labels

Saturday 14 April 2012

سنڌين جي خاموشي، اڃا گهڻين رنڪلن ۽ آشائن کي تباه ڪرڻ بعد، ٽُٽندي.......!؟ اسد چانڊيو

سنڌين جي خاموشي، اڃا گهڻين رنڪلن ۽ آشائن کي تباه ڪرڻ بعد، ٽُٽندي.......!؟ اسد چانڊيو
--------------------------------------------------------
آشا ڪماري، جنهن کي ميان طوطي جي پلونگڙن سپريم ڪورٽ ۾ ،”پسند جو پرڻو ڪندڙ“ ۽ ”مسلمان ٿيل“ قرار ڏنو آهي..!! ان ظلم جون ڪجه حقيقتون هيٺ ڏجن ٿيون:1- آشا کي 3- مارچ تي جيڪب آباد جي هڪ اهڙي بيوٽي پارلر تان اغوا ڪيو ويو، جتي کيس ڪو نه ڪو گهر جو ڀاتي شام جو ڇڏي ويندو هو، ۽ ڪجه ڪلاڪن بعد، واپس وٺڻ ايندو هو. بيوٽي پارلر جي مالڪ شاه عورت واپسي وقت، گهر جي دروازي تي آيل ماڻهوءَ کي چيڪ ڪرڻ بعد، آشا کي گهر مان نڪرڻ جي اجازت ڏيندي هئي، پر 3- مارچ تي جڏهن شام جو آشا کي وٺڻ لاءِ گهران ماڻهو پهتو ته، شاهياڻي مائي هن کي ٻڌايو ته، آشا ته گهر وڃي چڪي آهي...!! کائنس پڇيو ويو ته، آشا جي گهر وڃڻ جو ٽائيم ته هي آهي، پوءِ تو کيس وقت کان اڳ ڇو ڇڏيو..!؟، ۽ ڪنهن سان ڇڏيو...!؟ انهن سوالن جو بيوٽي پارلر جي مالڪياڻيءَ وٽ ڪو به جواب نه هو!“

آشا جي اغوا جو معاملو، جيئن جيئن وڌندو ويو، تيئن تيئن، جوابدارن جي پريشاني به وڌندي وئي. انهن پهرين جيڪب آباد شهر جي صحافين جو هڪ ڌڙو خريد ڪيو، ۽ ان ذريعي اخبارن ۾ مهم شروع ڪئي ته:”آشا پنهن مرضيءَ سان گهر ڇڏي، بلوچستان جي شهر جعفر آباد ۾ هڪ هندو نوجوانَ سان پرڻو ڪيو آهي، ۽ اُتي رضا خوشيءَ جي زندگي گهاري رهي آهي. اهڙيون خبرون شايع ٿيڻ بعد، هڪ وفد فوري طور جعفر آباد پهتو، پر اتي ڪاريءَ وارا ڪکَ هئا....!!ايئن خبر پئي ته، آشا جي اغوا ۾ ملوث طاقتور ڌرين، آشا جي گهر ڀاتين ۽ پوري سنڌ کي گمراهُ ڪرڻ جي هڪ سازش ڪئي هئي، جيڪا ناڪام ٿي وئي.

هاءِ ڪورٽ ۽ سپريم ڪورٽ طرفان، آشا، رنڪل ۽ لتا کي پيش ڪرڻ لاءِ پوليس کي حڪم ڏيڻ بعد، جيڪب آباد جو ڊي ايس پي حد جي ايس ايڇ او سميت آشا جي وارثن وٽ پهتو(22 مارچ)، ۽ کين چيو ته :” آشا کي اغوا ڪندڙن، آشا جي واپسيءَ لاءِ، 35 - لک رپيا ڀُنگ گهريو آهي. جيئن ته پوليس تي دٻاءُ آهي، ان ڪري، اهڙي ڀُنگ جا 15 لک رپيا پوليس ڀريندي، باقي پئسن جو بندوبست اوهان ڪريو ته، آشا آزاد ٿي ويندي“.آشا جي وارثن، پوليس طرفان گهريل رقم، هڪ ڪلاڪ اندر ڊي ايس پي وٽ پهچائي ڇڏي، پر بعد ۾ کين ٻڌايو ويو ته:” ڌاڙيل آشا کي آزاد ڪرڻ لاءِ تيار نه آهن....!!“

۽ پوءِ، آشا مسلسل غائب رهي. سنڌ پوليس عدالتن ۾ قرآن کڻندي رهي ته”اُها، آشا کي آزاد ڪرڻ لاءِ، ڏينهن رات هڪ ڪري رهي آهي، پر اڄ ميان طوطي جي ٻن پٽن، اڄ اوچتو ئي اوچتو سپريم ڪورٽ پهچي انڪشاف ڪيو ته، آشا ته وٽن هئي، هو پسند جو پرڻو ڪرڻ سان گڏ مسلمان به ٿي چڪي آهي، جنهن ڪري کين پوليس کان تحفظ ڏنو وڃي....!!“طوطي جي پلونگڙن مطابق، آشا کي هڪ کوسَي نوجوان سان پيارُ ٿي ويو هو، جنهن لاءِ هوءَ، گهران نڪتي، مسلم ٿي، ۽ شادي ڪري ڇڏي...!!، پر حقيقت ڇا آهي، اچو ته ڏسون:

آشا جي اغوا ۾ ملوث سيدن ۽ وڳڻن، ميان

طوطي جي پلونگڙن موجب:هڪ نابالغ هندونينگري آشا کي جيڪو نوجوانُ وڻي ويو هو، سو چئن ٻارن جو پيءَ آهي.2- اهو همراهُ ٺلَ شهر جو رهواسي آهي.3- ٺل شهر ۽ جيڪب آباد ۾ ايترو مفاصلو ضرور آهي جو، آشا گهر کان پارلر ايندي ۽ ويندي، ٺل شهر جو چڪر لڳائي اچي نٿي سگهي. (جڏهن ته گهر ڀاتي کيس ڇڏڻ به ايندا هئا ته، وٺڻ به)4- جنهن چئن ٻارن جي پيءَ کي آشا اڳ ڪڏهن ڏٺو ئي نه هو، هوءَ اُن جي عشق ۾ وڪوڙجي، پنهنجو سکيو ستابو گهر ڇڏي وئي.....!!، ڳاله سمجهڻ کان ٻاهر آهي.)

معاملو انتهائي وڌي وڃڻ بعد، پاڻ بچائڻ لاءِ، پ پ ايم اين اي ميان طوطي جو سهارو ورتو. ۽ هاڻي ميان طوطو پنهنجن پلونگڙن سميت، ”پنهنجي بد پيشي“ کي لڳي ويو آهي“رنڪل معاملي تي، ميان طوطو هر هنڌ دليل ڏيندو آ ته، رنڪل جيئن ئي وٽس پهتي هئي ته، مسلمان ڪرڻ کان اڳ، هُن سندس گهر ڀاتين کي اطلاع ڪيو هو.....!!ڇا، طوطو، هن ڀيري ”هڪ وڌيڪ هندو نينگري ڦٻائڻ جي شوق ۾، مسلمان ڪرڻ کان اڳ، وارثن کي اطلاع ڪرڻ جو اصول وساري ڇڏيو هو....!!“

ٻه حقيقتون بلڪل واضح آهن:1- آشا اغوا ٿيل آ، جيڪا پهرين جيڪب آباد جي سيدن جي مدد سان، وڳڻن جي ”پاٿاريءَ“ تي پهچائي وئي هئي. سنڌي ڪاٽڪن جو جيئن ته اصول رهيو آهي ته، دٻاءُ وڌي وڃڻ بعد، چوريءَ جي سامان کي، ”وڏي پاٿاريءَ“ تي پهچايو ويندو آهي،سو آشا ڪماري، رنڪل ڪماريءَ جيان پيپلز پارٽيءَ جي ايم اين اي ميان عبدالحق عرف طوطي جي ”بدنام پاٿاريءَ تي پهچائجي چڪي آهي“.2- اُهي سنڌي مري ويا، جيڪي ”ننگن تان نثار“ ٿيندا هئا.....!!اسان ”ننگَ فروش يا ننگَ فروشن جا مددگار سنڌي“ آهيون......!!ٻي حالت ۾، ايئن ممڪن ڪيئن هو ته، سنڌُ ۾ معصوم سنڌي ڇوڪرين کي اغوا ڪندڙن ۽ وڪرو ڪندڙن جو وجود به هجي آ


1 comment:

  1. Dear Asad Chandio bhai
    aju je faisle khan poi iho confirm thee chuko aahe ta hindun khe pakistaan me kadahin bi insaaf na milando ain jeko hindu pak judiciary te vishwas rakhe tho uho maha bewkoof aahe.

    ReplyDelete