Pages

Labels

Monday 23 April 2012

چيف جسٽس صاحب نوٽس وٺندوء؟ رنڪل ڪماري ۽ آشا ڪماري سان ڇا ٿيو؟

چيف جسٽس صاحب نوٽس وٺندوء؟
رنڪل ڪماري ۽ آشا ڪماري سان ڇا ٿيو؟

وينگس

چيف جسٽس صاحب سنڌ توهان کان اهو نه ٿي پڇي ته توهان سنڌ کي سوني پڳ پهرايو ۽ نه ئي سنڌ توهان کان هينئر ڪجهه گهُرَ ڪري پئي ته سنڌ جي ڪالاباغ ڊيم کان وٺي ڪراچي يونيورسٽين ۾ داخلائن جا سمورا مسئلا حل ڪيو، سنڌ توهان کان اهو به نه ٿي پڇي ته توهان 18 اپريل 2012 تي سنڌ جي نياڻين کي ٻڌڻ بينا بندوق جي هيٺان بيان ڇا لاءِ وٺڻ ڏنو انهن کي اوپ ڪورٽ ۾ ڇو نه ٻڌو ويو؟
سنڌ هاڻي پنهنجي حيثيت ڄاڻي ورتي آهي هن رياست ۾ انصاف سڀ لاءِ برابر پر سنڌ ۽ بلوچستان لاءِ انصاف ناهي اتي سڀ ڪجهه تبديلي ٿي وڃي پيو.
سنڌ سان ڪيتري ناانصافي ٿيندي آئي آهي جيڪڏهن سنڌ پنهنجي ناحق جو ڪيس هلائي ته شايد اهڙي ڪا ڪورٽ هجي جيڪا سنڌ جي درد کي ٻڌڻ جي سگهه رکي سگهي.
سنڌ درد برداشت ڪيو ۽ هي ٻه اکر لکڻ تائين سنڌ برداشت ڪري رهي آهي.
سنڌ توهان جو قميتي وقت وٺڻ لاءِ گهڻي معذرت خواه آهي ۽ هٿ ٻڌي معافي گهري پئي ته جيڪڏهن توهان انصاف پسند اعليٰ معتبر چيف جسٽس جي شان ۾ ڪا گستاخي ٿي وڃي ته معاف ڪجو جيتوڻيڪ پاڻ کي سو فيصد يقين آ ته اسان توهان جي شان ۾ ڪجهه نه ڳالهائي سگهنداسين پر توهان جي شاهي ڪورٽ مان 18 اپريل 2012 تي هندن نارين جي ڪيس سان جيڪو ڪجهه ڪيو ويو هاڻي اهو تاريخ جي سيني ۾ ائين رهندو جيئن رنڪل ۽ آشا ڪماري پڻ لتا جي مائيرن جي سينن ۾ کاٽ هڻي رهندو. جڏهن جڏهن انصاف ۽ حقن جهڙا لفظ انهن جي ڪنن تي پوندا اهي پهرين توهان کي ياد ڪنديون جڏهن توهان انهن سان انصاف ڪرڻ پري جي ڳالهه رهي انهن کي توهان ٻڌڻ به پسند نه ڪيو.
پر توهان جي فيصلي ۽ حڪم تي انهن هر قدم تي ايمانداري سان پروي ڪئي جڏهن ته ٻئي ڌر توهان جي فيصلي جي ڀڃڪڙي ڪندي رهي، اڄ هي سڀ ڪجهه لکڻ جو مقصد ته توهان نوٽس ۾ آڻيون جيتوڻيڪ ايترو ضرور يقين آهي ته توهان کي ان بابت سڀ خبر هوندي جيڪو ڪجهه اسان توهان کي ٻڌائڻ وڃي رهيا آهيون، ٻيو وري هي ڳالهه آن دي رڪارڊ هجي ته توهان جي حڪم جي توهين ڪئي وئي پر توهان ان توهين تي نوٽس نه وريو، ائين ڇو ماءِ لارڊ؟ ائين به ٿي سگهي ٿو توهان کي خبر نه هجي ان ڪري توهان جي نوٽس ۾ ڳالهه آڻڻ انتهائي ضروري آهي.
26 مارچ فيصلي مطابق ته رنڪل ڪماري دارا العمان ۾ رهندي ۽ هن سان ڪير به نه ملندو. رنڪل ڪماري جي ماءُ ۽ مامي راج ڪماري توهان جي حڪم جو احترام ڪندي رنڪل سان نه ملايا. پر توهان جي حڪم جي توهين ڪئي وئي، رپورٽ موجب ته دارالمان جي سپر وائيزر جي مدد سان نويد شاهه جي رنڪل ڪماري سان اڍائي ڪلاڪ ملاقات ڪرائي وئي، ذريعن موجب نامعلوم ماڻهو رنڪل سان ملڻ آيا ۽ اهي ماڻهو رات جو لاڳيتو 4 ڏينهن دارالمان ۾ رنڪل سان ملڻ لاءِ ايندا هئا ۽ کيس ڌمڪايو ويو ته جيڪڏهن هن نويد شاهه جي حق ۾ بيان نه ڏنو ته کيس به قتل ڪيو ويندو ۽ پوري خاندان کي به، رنڪل کي ڌمڪايو ويو ته هو سپريم ڪورٽ ۾ پنهنجو بيان تبديل ڪندي.
ڇا ماءِ لارڊ توهان ان تي نوٽس وٺندوء ته انهن توهان جي فيصلص جي توهين ڇو ڪئي؟ جڏهن وزيراعظم کي توهين عدالت ڪيس ۾ گهرايو وڃي ٿو ته پوءِ ڇا نويد شاهه ۽ اهي 4 نامعلوم ماڻهو وزيراعظم کان وڏي حيثيت رکندڙ آهن؟
ايترو ئي نه پر آشا ڪماري لاءِ پئسه ورتا ويا ڇا اها خبر توهان جي نظر مان نه گذري.
آشا ڪماري جي ڀيڻ توهان شاهي عدالت ٻاهريان بيهي ڪري چيو ته اسان سڄو ڏينهن بک تي آهيون ۽ اڄ اسان ان اُميد سان هتي آياسين، جيئن اسان سان انصاف ٿي سگهي، پر هن جج پئسه ورتا آهن ۽ اسان سان انصاف نه ڪيو. هاڻي اسان سڄي زندگي ڪيئن گذارينداسين؟
چيف آف جسٽس صاحب جيڪڏهن ملڪ جي صدر آصف زرداري کان مک به ماري وڃي ته توهان ان تي نوٽس وٺو ٿا پوءِ هن هيڏي وڏي ڪيس ۾ جتي توهان جي ڪيس جي توهين ٿئي ٿي اتي نوٽس ڇو نه ورتو ويو، سنڌ هن فيصلي کي انصاف جي بنياد تي ڪيئن ڏسي جڏهن هن جي هر پاسي ۾ ناانصافي ملي ٿي.
آشا ڪماري جي ڀيڻ جو بهادراڻو بيان تي هن ملڪ جو نظام انصاف ڪندي ان ننڍڙي ٻارڙي کي تسلي ڏيندوء ته هتي به تنهنجي لاءِ انصاف آهي.
چيف جسٽس صاحب توهان اسان کي واضح ڪريو ته ڇا هاڻي جيڪو به اغواه ۽ ان سان ڏاڍ ٿئي پوءِ اهي مذهب جو سهارو وٺن ته توهان انهن کي ائين ئي آزاد ڪندو ۽ توهان توهين عدالت تي نه نوٽس نه وٺندوء؟

published in Daily ibrat on 21 April 2012 in News Review Section

1 comment:

  1. ME TO KAHTA HUN K CHIEF JUSTICE KI BETI KA RAPE KAREN TAB JAKE ISKO PATA CHALEGA YAR HUM HINDU BHI AJ BAGHAIRAT QOAM BAN CHKE HAI EK KISI PARTY KA ALAN HOTA HAI TO DUKAN BAND KAR DETE HAI MAGAR JAB NA INSAFI TAB KHUSH HO KAR APNE GHAR CHALE JATE HAI BEGHARET NHN TO AUR KIYA HAI SIRF COMMENT KARNE SE KUCH NHN HOGA AJ NIKALNA HOGA AB KUCH KARNA PAREGA AB LARNA PAREGA mithu ki biwi ko chodna parega

    ReplyDelete