Pages

Labels

Thursday 19 April 2012

سپريم ڪورٽ رنڪل،آشا ۽ لتا جا کليل عدالت ۾ بيان نه ورت

سپريم ڪورٽ رنڪل،آشا ۽ لتا جا کليل عدالت ۾ بيان نه ورتا،رجسٽرار آفيس ۾ آڻڻ بعد مڙسن حوالي

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ رنڪل، ڊاڪٽر لتا ۽ آشا کي پنهنجي قسمت جو فيصلو ڪرڻ لاءِ رجسٽرار آفيس موڪلي ڇڏيو، کليل عدالت ۾ بيان نه ورتا ويا، سنڌ پوليس جي عملدارن جو چوڻ آهي ته رجسٽرار آفيس ۾ ٽنهي نارين پنهنجن مڙسن سان گڏ وڃڻ جو فيصلو ڪيو ۽ انهن کي مڙسن حوالي ڪيو ويو آهي، ٽنهي نارين جون مائرون ۽ ٻيا وارث عدالت اندر ۽ ٻاهر روئندا رهيا، هنن جو چوڻ آهي ته ملڪ جي سڀ کان وڏي عدالت مايوس ڪيو آهي، کليل عدالت ۾ نارين جا بيان نه ورتا ويا، جنهن ڪري هاڻي هن ملڪ ۾ رهڻ نٿا چاهيون، ڪالهه چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري جي سربراهي ۾ جسٽس خلجي عارف حسين ۽ جسٽس طارق پرويز تي ٻڌل سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بينچ ٽن هندو نارين جي ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، ٻڌڻي شروع ٿي ته نارين جي وارثن جا وڪيل روسٽرم تي آيا ته چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري نويد شاهه جي وڪيل مجيب پيرزادي کي چيو ته اوهان ڳالهايو ۽ ٻين وڪيلن کي چئو ته ويهي رهن، جنهن تي ٻيا وڪيل ويهي رهيا، نويد شاهه جي وڪيل مجيب پيرزادي چيو ته 24 فيبروري تي نويد شاهه خلاف ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي ۽ الزام هنيو ويو ته هن رنڪل ڪماري کي اغوا ڪيو آهي، ايف آءِ آر داخل ٿيڻ بعد رنڪل ڪماري جو 146 جو بيان ميرپورماٿيلو جي عدالت ۾ رڪارڊ ڪيو ويو، جنهن ۾ هن بيان ڏنو ته اسلام قبول ڪيو آهي ۽ مرضي سان نويد شاهه سان پسند جي شادي ڪئي آهي، چيف جسٽس چيو ته رنڪل ڪنهن جي حراست ۾ هئي؟ مجيب پيرزادو چيو ته پوليس جي حراست ۾ هئي، مئجسٽريٽ آرڊر ڏنو هو ته اي پي جوڙي کي تحفظ فراهم ڪري، جسٽس خلجي عارف حسين رمارڪس ڏيندي چيو ته ڇوڪريون هن ملڪ جون شهري آهن، سندن حق جو خيال ڪرڻ ضروري آهي، وڪيل مجيب پيرزادي چيو ته ڇوڪريون بالغ ۽ عاقل آهن، کين آزاد ڪيو، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته عدالت ڇوڪريون ڪنهن جي حوالي نه ڪندي پر اهو ڇوڪرين جي مرضي تي آهي، جنهن سان وڃڻ چاهين هليون وڃن، چيف جسٽس چيو ته معاملو حساس آهي، اسان هتي ڪو فيصلو نه ڪنداسين، اهي پنهنجو فيصلو پاڻ ڪن، لتا خاندان جي وڪيل منير پراچا عدالت کي استدعا ڪئي ته گذريل ٻڌڻي تي عدالت ڇوڪرين کي آزاداڻا طور تي سوچڻ جو 15 ڏينهن جو موقعو ڏنو، هاڻي سندن مرضي پڇي وڃي، رنڪل ڪماري جي وارثن جي وڪيل منير اي ملڪ چيو ته عدالت کي به خبر آهي ته شهري ڪيترا آزاد آهن، ان معاملي جي به خبر آهي اقليتن کي ڪمزور طبقو سمجهيو ويندو آهي ۽ سندن تحفظات آهن، جسٽس خلجي عارف حسين چيو ته اسان ته ڇوڪرين کي سوچڻ لاءِ مناسب وقت ڏنو، هاڻي جيڏانهن چاهين، هليون وڃن، چيف جسٽس چيو ته پوليس موجود آهي، ڇوڪريون جيڏانهن وڃڻ چاهين انهن کي تحفظ ڏنو وڃي، ڇوڪرين جي وارثن چيو ته ڇوڪريون اسان جو ڪل اثاثو آهن، ڌيئرن کي اسان جي حوالي نه ڪيو ويو ته پاڻ ساڙينداسين، رنڪل ڪماري جي وارثن جي وڪيل يوسف لغاري عدالت کي استدعا ڪئي ته ڇوڪرين کي پوليس حوالي نه ڪيو وڃي پر بيان ورتو وڃي، چيف جسٽس چيو ته ڇوڪرين کي دارالامان انهيءَ موڪليو جتي معتبر عورت انچارج آهي، چيف جسٽس چيو ته عدالت ۾ انهن جي نه ماءُ نه ڀاءُ ۽ نه ڪنهن ٻئي وارث کي ٻڌنداسون، صرف ڇوڪرين جي ڳالهه ٻڌنداسون، آشا ڪماري جي وارثن جي وڪيل شبير شر دليل ڏيندي چيو ته آشا کي اغوا ڪيو ويو ۽ سوا مهيني تائين بازياب نه ٿي، آشا جي بازيابي لاءِ ڀنگ جا 18 لک پڻ گهريا ويا، هن عدالت کي تصوير ڏيکاريندي چيو ته هوءَ بلوچستان جي جبلن ۾ رهائي وئي، تصويرون به موجود آهن، آشا کي عدالت ميان مٺو وٺي آيو آهي، جنهن بعد عدالت آشا کي سڏائي سوال ڪيو ته توهان جو نالو ڇا آهي؟ هن جواب ڏنو حليمه بي بي، جسٽس خلجي عارف حسين کانئس پڇيو توهان کي هتي ڪير وٺي آيو آهي، هن چيو ته پاڻ آئي آهيان، عدالت چيو ته پوليس نارين کي وٺي وڃي، اهي جنهن سان وڃڻ چاهين وڃن، پوليس عملدار حفاظت سان کين ڇڏي اچن، ڇوڪرين کي ڪجهه ٿيو ته ان جي ذميوار پوليس هوندي، جنهن تي نارين جي وارثن اعتراض ڪيو، ان موقعي تي منير اي ملڪ ڳالهائڻ چاهيو ته عدالت کيس روڪي ورتو، ان بعد ايڊووڪيٽ نور ناز آغا عدالت کي استدعا ڪئي ته پوليس آزاد ڪونهي، ان تي اعتبار ڪئين ڪجي، جنهن بعد عدالت حڪم ڏنو ته نارين جا بيان رجسٽرار آفيس سپريم ڪورٽ وٽ رڪارڊ ڪرايا وڃن، چيف جسٽس ليڊي پوليس آفيسر کي ڇنڊ پٽيندي چيو ته اوهان رنڪل کي هٿ کان وٺي روسٽرم تي ڇو ٿا آڻيو، ڇا هوءَ قيدي آهي؟ چيف جسٽس نارين کي چيو ته اوهان وڃڻ چاهيو وڃو، پوليس اوهان کي تحفظ ڏيندي، آئين جي آرٽيڪل 9 تحت شهرين تحفظ ڏيڻ رياست جي ذميواري آهي، نارين جي اغوائن وارو ڪيس اڪلائجي ٿو، باقي هندو ڪائونسل جي درخواست تي ٻن هفتن ۾ رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪئي وڃي، انهي آرڊر بعد رجسٽرار آفيس ۾ نارين جا بيان رڪارڊ ڪيا ويا، ٽن ڪلاڪن بعد ايس پي ليگل جيڪب آباد غلام احمد اعواڻ صحافين کي ٻڌايو ته ٽنهي نارين پنهنجي مڙسن سان گڏ وڃڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ پوليس بڪتربند گاڏين ۾ کين مڙسن حوالي ڪرڻ لاءِ رواني ٿي وئي، ان کان اڳ جڏهن عدالت نارين جا بيان رجسٽرار آفيس ۾ بند ڪمري ۾ وٺڻ جو حڪم جاري ڪيو ته نارين جون مائرون، پيئر ۽ ڀائر ساڻن ملاقات لاءِ اڳتي وڌيا ته سيڪيورٽي اهلڪارن کين روڪي ورتو، آشا ڪماري جي ماءُ رڙيون ۽ دانهون ڪري ججن کي التجا ڪئي ته صرف هڪ ملاقات ڪرايو، عدالت جي حڪم تي سيڪيورٽي اهلڪارن نارين جي وارثن کي زبردستي ٻاهر ڪڍيو ته نارين جي مائرن اوڇنگارون ڏئي روئيندي ماتم ڪرڻ شروع ڪري ڏنو ۽ چوڻ لڳيون ته اسان سان ظلم ٿيو آهي، اسان جون ڇوڪريون زبردستي اغوا ڪيو ويون آهن، انصاف ناهي ٿيو، ميڊيا سان ڳالهائيندي هنن چيو ته ملڪ جي اعليٰ عدالت انصاف ناهي ڪيو، ڇوڪرين کي کليل عدالت ۾ فيصلو ڪرڻ جو حق ئي نه ڏنو ويو، مطمئن ناهيون، هاڻي اسان هن ملڪ ۾ رهڻ نٿا چاهيون، ڇو ته جتي انصاف نه ٿئي اتي رهڻ جو ڪهڙو فائدو آهي.

ٽنهي نارين جون مائرون اوڇنگارون ڏئي روئي پيون، رڙيون

اسلام آباد: آشا، لتا ۽ رنڪل جا بيان کليل عدالت ۾ نه وٺڻ ۽ انهن سان ملاقات نه ڪرائڻ تي ٽنهي ڇوڪرين جون مائرون عدالت ٻاهران روئنديون رهيون، هنن رڙيون ۽ ماتم ڪيو، اتي موجود سڀ ماڻهو کين آٿتون ڏيندا رهيا پر هنن چيو ته انهن سان انصاف نه ڪيو ويو آهي، پنهنجي نياڻين سان ملڻ به نه ڏنو ويو، سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بينچ هندو نارين جي مذهب مٽائڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران جڏهن فيصلو ڏنو ته کليل عدالت بدران رجسٽرار آفيس ۾ نارين جا بيان رڪارڊ ڪيا وڃن، ان موقعي تي نارين جي وارثن ۽ هندو برادري سان تعلق رکندڙن سخت احتجاج ڪيو، عدالتي ڪمري مان اٿي عدالتي احاطي ۾ اچي سخت احتجاج ڪيو، ان موقعي تي هنن زوردار آواز ۾ نعرا هنيا، ان بعد سپريم ڪورٽ ٻاهران شاهراهه دستور تي ڌرڻو هڻي ويهي رهيا، ڌرڻي ۾ نارين جا وارث ايم اين اي ڊاڪٽر لال چند، رميش ڪمار، ڊاڪٽر درشن ۽ سليم خورشيد ڊوگر به شامل هئا، آشا ڪماري جي والدين زوردار آواز ۾ نعرا هڻندي ۽ روئندي چيو ته اسان خلاف سازش ٿي رهي آهي ته جيئن ملڪ ڇڏي وڃون، هاڻي اسان هتي نه رهنداسين، انڊيا هليا وينداسون، ڀلي ويزا نه ملي ته به هليا ويندا، شاهراهه دستور تي ڌرڻي ۽ سخت نعريبازي دوران پوليس سان هنن جي جهڙپ به ٿي، انتظاميا اضافي نفري سڏائي ڌرڻو ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته مظاهرين ۽ پوليس جي وچ ۾ جهڙپ ٿي پئي، پوليس مظاهرين کي ڇڙوڇڙ ڪري شاهراهه دستور تي ٽريفڪ بحال ڪئي وئي، جڏهن ته عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائڻ دوران ٽنهي ڇوڪرين جون مائرون پار ڪڍي روئي رهيون هيون ۽ دانهون ڪري رهيون هيون ته رنڪل جي امڙ چيو ته وڏي مايوسي ٿي آهي.

نارين جي وارثن کي هٿن کان وٺي عدالت کان ٻاهر ڪڍيو ويو:پ پ جا اقليتي ايم اين ايز

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پيپلز پارٽي جي ايم اين ايز ڊاڪٽر لالچند ۽ رميش لال چيو آهي ته سپريم ڪورٽ هر ننڍي وڏي شيءِ تي پاڻمرادو نوٽيس وٺي ٿي پر سنڌ ۾ اقليتن جي اغوا تي پاڻمرادو نوٽيس نٿي وٺي، نارين جي ڪيسن ۾ به وڏي مايوسي ٿي، سپريم ڪورٽ ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي ايم اين اي ڊاڪٽر لالچند چيو ته سپريم ڪورٽ مان انصاف جي اميد هئي پر کليل عدالت ۾ بيان وٺڻ بدران پوليس حوالي ڪرڻ سان سخت مايوسي ٿي آهي، اسان جون مائرون ۽ ڌيئرون سپريم ڪورٽ جي اڱڻ ۾ روئي رهيون آهن، رميش لال چيو ته چيف جسٽس هر ڳالهه تي نوٽيس وٺي ٿو پر سنڌ ۾ اقليتن جي اغوا تي نوٽيس نٿو ورتو وڃي، نواز ليگ ايم اين اي ڊاڪٽر درشن لال چيو ته نارين کي وارثن سان ملائڻ به نه ڏنو ويو، وارثن کي هٿ کان پڪڙي عدالت کان ٻاهر ڪڍيو ويو، جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض چانڊيو چيو ته 26 مارچ تي عدالت ۾ رنڪل ماءُ سان گڏ وڃڻ جو بيان ڏنو هو ۽ چيف جسٽس به انهي بيان کي ورجايو هو، فيصلي سان اقليتي برادري ۾ عدم تحفظ جو احساس وڌيو آهي، ان سان پوليس، ڏوهارين ۽ اغوا ڪندڙن کي هٿي ملندي.

ميان مٺو سپريم ڪورٽ ۾ موجود رهيو، فيصلو اچڻ بعد مبارڪون وصول ڪيون

اسلام آباد: پ پ ايم اين اي ميان مٺو سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي دوران موجود رهيو، جڏهن ٻڌڻي مڪمل ٿي ته هن ماڻهن کان مبارڪون به وصول ڪيون، جڏهن ته هو رجسٽرار آفيس ٻاهران به بيٺو رهيو، جتي سپريم ڪورٽ نارين کي موڪليو هو،فيصلي اچڻ بعد مٺائي به ورهائي وئي.

The Kawish Group of Publication

No comments:

Post a Comment