Pages

Labels

Thursday 12 April 2012

مسلمان پاڻ ئي اسلام کان واقف ناهن، ڇوڪرين کي ڦاسائي مذهب تبديل ڪرائڻ حرام آهي: مولانا ڀٽو


مسلمان پاڻ ئي اسلام کان واقف ناهن، ڇوڪرين کي ڦاسائي مذهب تبديل ڪرائڻ حرام آهي: مولانا ڀٽو



گلشن ٽائون (انٽرويو : عبدالحميد جويو ۽ شفقت نوناري) : جمعيت علماءِ سنڌ جي صدر مولانا عبيدالله ڀٽو چيو ته 47ع ۾ مليل آزادي دوران اهڙو ڪو به معاهدو نه هو ته ڪا مذهب جي بنياد تي لڏپلاڻ ٿيندي پر هڪ سازش تحت سرمائيدار طبقي  سنڌ مان ڪاروباري هندن کي لڏپلاڻ ڪرائي ته جيئن هو انهن جي ڪاروبار تي قبضو ڪري سگهن پر ديني عالم ان ڳالهه کان مطمئن ڪو نه هئا ۽ مولانا ابو الڪلام هندستان ۾ شاهي مسجد، لال قلعي ۽ ٻين جڳهن تي مسلمانن کي للڪاريندي لڏپلاڻ کان منع ڪيو. هن چيو ته حضرت عمر فاروق جي دور ۾ غير مسلمن جي جان مال، عزت جي حفاظت ڪئي ويندي هئي نه صرف ايترو پر اقليتن جي عبادت گاهن کي بيت المال جي پئسن مان مدد ڪري تحفظ ۽ ترقي ڏني ويندي هئي. مذهب جي بنياد تي انهن کي خارج نه پر انهن جي تحفظ کي يقيني بڻايو ويندو هو. اهو اسلام جو اهم پهلو آهي. مولانا چيو ته اسين ٻه قومي نظريي جا مخالف آهيون ڇو ته ملڪ فطري ٺهندا آهن، ٻه قومي نظرين تي نه. اسان وٽ اسلام نالي ماتر آهي. جنهن سبب فرسوده رسمن ۽ رواجن جنم ورتو آهي. غير مسلم (اقليت) مسلمانن جي ذمي هوندا آهن. انهن جي جان، مال، عزت جي حفاظت رياست سان گڏ مسلمانن تي به فرض آهي. سنڌ ۾ هندو ڇوڪرين کي زبردستي مسلمان بڻائڻ واري سوال جي جواب ۾ مولانا عبيدالله ڀٽو چيو ته اڄ ڪلهه خود مسلمان اسلام کان واقف نه آهن ته پوءِ هو جڏهن اهڙي صورتحال ۾ ڪنهن هندو يا غير مسلم ڇوڪري کي عشق ۽ شادي جي چڪر ۾ ڦاسائي مذهبي ماڻهن يا درگاهن تي وٺي مذهب تبديل ڪرائي مسلمان بڻائين ٿا، جيڪو حرام آهي. ڇو ته مذهب کي عشق، شادي، يا هوس لاءِ استعمال ڪرڻ خود مذهب جي توهين آهي. رسول ڪريم جن جي دور ۾ حديبيه جي مقام تي صلح حديبيه نالي هڪ معاهدو قريشين جي سردار سهيل بن عمر ۽ رسول ڪريم جي وچ ۾ ٿيو. جنهن ۾ قريشين جو جيڪڏهن مسلمانن وٽ ماڻهو ايندو ان کي واپس ڪيو ويندو هو ۽ جيڪڏهن مسلمانن جو ماڻهو قريشين وٽ ويو ته ان کي واپس نه ڪيو ويندو هو. ان معاهدي دوران قريشين جي سردار جو پٽ ابو جندل بن سهيل جيڪو مسلمان هو، مڪي کان مديني آيو ته ان کي معاهدي موجب واپس ڪيو ويو  ۽ هڪ دفعي قريشين جون عورتون مڪي کان مديني مسلمانن وٽ آيون ته پوءِ ان وقت الله طرفان آيت نازل ٿي ته انهن کان امتحان وٺو، جيڪڏهن هو پاس ٿين ۽ يقين ٿئي ته پوءِ واپس نه ڪريو. انهي لاءِ ضروري آهي ته جيڪڏهن ڪابه غير مسلم عورت مسلمانن وٽ اچي ته ان کي مسلمان ڪرڻ کان اڳ هڪ شفاف ۽ غير جانبدار ماڻهن جي ڪميٽي ٺاهي وڃي جيڪا ان کي تحفظ ڏئي بغير دٻاءَ جي سوال جواب ڪري، جيڪڏهن هو ان تي پوري لهي ته پوءِ جائز آهي ته ان کي مسلمان ڪيو وڃي. هن وڌيڪ چيو ته هڪ دفعي امام انقلاب مولانا عبيدالله سنڌي وٽ اهڙو هندو عورت جي مسلمان ٿيڻ جو مسئلو سامهون آيو ۽ سڀني پڇيو ته اهڙي مسئلي ۾ ڇا ڪجي؟! ته مولانا سنڌي فرمايو ته اهڙي صورتحال ۾ سچن مومن مسلمانن جي انجمن ٺاهي وڃي ۽ ان اڳيان ڇوڪريءَ کي پيش ڪيو وڃي جيڪي ان کان ايمان جي پختگي بابت پڇن پوءِ جيڪڏهن اها ان ۾ ڪامياب ٿي ته ان کي مسلمان ڪجي، ٻي صورت ۾ ان کي واپس ڪيو وڃي.
courtecy - awami awaz

No comments:

Post a Comment