Pages

Labels

Friday 6 April 2012

مذهب جي آڙ ۾ سنڌي هندن کي حراسان ڪرڻ بند ڪيو وڃي،مذهب تبديل ڪندڙن لاءِ قانونسازي ٿيڻ گهرجي: گول ميز ڪانفرنس

مذهب جي آڙ ۾ سنڌي هندن کي حراسان ڪرڻ بند ڪيو وڃي،مذهب تبديل ڪندڙن لاءِ قانونسازي ٿيڻ گهرجي: گول ميز ڪانفرنس
------------------------------------------------

حيدرآباد(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي سياسي سماجي اڳواڻن، قومپرستن، دانشورن، ليکڪن، اديبن ۽ هندو تنظيمن جي اڳواڻن مطالبو ڪيو آهي ته سنڌي هندو سنڌ جا حقيقي وارث آهن کين اقليت نه پر ڌرتي جا وارث يا سنڌي
هندو سڏيو وڃي، رينڪل ڪماري ۽ ڊاڪٽر لتا ڪماري سميت اغوا ٿيل سنڌي هندو نارين کي بازياب ڪرائي والدين حوالي ڪيو وڃي، مذهب جي آڙ ۾ سنڌي هندن کي حراسان ڪرڻ بند ڪري سنڌ ۾ موجود غير مسلمانن کي جاني، مالي ۽ سياسي تحفظ فراهم ڪيو وڃي، مذهب تبديل ڪندڙن لاءِ قانون سازي ڪري کين پنهنجي ۽ تسليم ڪندڙ جي مذهب جي مطابق ڄاڻ ڏني وڃي، سنڌي ماڻهو اهڙن عناصرن جو گهيراءُ ڪن جيڪي مذهبي نفرتون وڌائڻ جو سبب بڻجن ٿا،  هندو خاندانن جي شادين بابت قانون جوڙيون وڃي ڪالهه سنڌ هيومن رائيٽس ڪائونسل پاران حيدرآباد پريس ڪلب ۾ گول ميز ڪانفرنس ڪوٺائي وئي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي، سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته هندن کي مينارٽي وارو لفظ پنهنجي سوچ مان ختم ڪرڻ گهرجي، مينارٽي قبول ڪرڻ وطن جي مالڪي تان هٿ کڻڻ ۽ پنهنجي وڏڻن جي تهذيب کان زيادتي برابر آهي، هن چيو ته هندن سان ٿيندڙ ظلم جي ذميوار هي رياست آهي. هن چيو ته جڏهن سنڌ تي سنڌين جي مالڪي هئي تنهن وقت سنڌ ۾ هندو ۽ مسلمان جو ڪو به فرق نه هوندو هو، هندو درگاهن ۾ دعا گهرندا هئا ۽ مسلمان مندرن ۾ چپل لاهڻ کان سواءِ داخل نه ٿيندا هئا. هن چيو ته اسين نياڻين کي ست قرآن سمجهون ٿا ۽ اسان وٽ نياڻين لاءِ احترام آهي. هن چيو ته هاڻ جڏهن اسان کان وطن جي مالڪي کسجي وئي آهي ۽ اسين غلام آهيون تنهن وقت ئي هندن سان زيادتين جو سلسلو شروع ٿيو آهي ۽ ستن سالن جي معصوم نياڻين کي اغوا ڪري سندن زبردستي شاديون ڪيون وڃن ٿيون. هن چيو ته سنڌين کي اسلامآباد جو غلام بڻايو ويو آهي جنهن شخص کي بيگناهه ماڻهن کي مارڻ جي ڏوهه ۾ ڦاسي ملڻ گهرجي هان اهو اڄ سنڌ جو گورنر  ۽ جنهن شخص کي عمر قيد ملڻ گهرجي هان اهو اڄ صدر بڻيل آهي، ڊي سي ۽ ايس پي ڀنگ ڏئي ڌاڙيلن کان ماڻهو ڇڏرائين ٿا هن چيو ته اسان کي وطن جي وارثي ڪرڻي پوندي. عوامي تحريڪ جي صدر اياز لطيف پليجو چيو ته جيڪڏهن رينڪل اغوا نه ٿئي هان ته عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ آواز نه اٿارن هان ته هندو برادري تحرڪ ۾ نه اچي هان جيڪو ٿئي پيو سو سٺو پيو ٿئي ڇو ته رينڪل جي اغوا سان اهو ثابت ٿيو آهي ته رينڪل هندو برادري جي عورتن لاءِ وڙهندڙ بهادر عورت ٿي اڳيان آئي آهي. هن چيو ته دنيا جو ڪو به مذهب ڪنهن کي به مارڻ جي اجازت نه ٿو ڏئي ۽ نه ئي ڪنهن مذهب ۾ ڪنهن عورت کي اغوا ڪري سندس مذهب مٽرائڻ جي اجازت مليل آهي. هن چيو ته هندو برادري کي پاڻ سان ٿيندڙ ظلمن بابت خاموش نه ويهڻ گهرجي صرف رينڪل ۽ لتا واري معاملي حل ڪرائڻ پر لڳاتار جدوجهد جي ضرورت آهي.  سنڌ جي ايڊووڪيٽ جنرل محمد يوسف لغاري چيو ته جتي قانون جي حڪمراني نه هوندي آهي ۽ ادارا غلام هوندا آهن اتي ماڻهن سان ظلمن جو سلسلو وڌي ويندو آهي. هن چيو ته سنڌ ۾ قانون جي حڪمراني ناهي تنهنڪري ماڻهو بيوس بڻيل آهن هتي اسٽبلشمينٽ ۽ وڏيرن جا قانون پيدا ٿيل آهن، ضلعه جاگيردارن جي اسٽيٽ بڻيل آهن عدليه جي ڪا به پوزيشن نه آهي اهڙي صورتحال ۾ انصاف ملڻ مشڪل آهي. هن چيو ته هندن سان ٿيندڙ ظلمن بابت هر ڌر کي ڪردار ادار ڪرڻ گهرجي. جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض چانڊيو ته رياستي ادارا ۽ سنڌي قوم ٽڪراءُ ۾ آهي سنڌي قوم کي غلامي خلاف بغاوت ڪرڻ گهرجي، هن چيو ته اسٽبلشمينٽ سنڌ جي ماڻهن کي ذاتين ۽ برادرين ۾ ورهائي مذهبي باهه ٻاري آهي. هن چيو ته هتي جمهوريت ۽ مذهب جي نالي ۾ ڦر لٽ ڪئي پئي وڃي، هن چيو ته رينڪل ڪماري سان وڏو ظلم ٿيو آهي کيس زبردستي مذهب مٽرائي قيد ڪري سندس شادي ڪرائي وئي. هن چيو ته وطن پرست ماڻهن جو فرض آهي ته هو هندو ڀائرن مٿان ٿيندڙ ظلمن خلاف آواز اٿارن. سنڌ هيومن رائيٽس ڪائونسل جي اڳواڻ رميش گپتا چيو ته هندن جون ڇوڪريون اغوا ڪري وڪرو ڪيون پيون وڃن سندن زبردستي مذهب مٽرايو وڃي ٿو. هن چيو ته سنڌ جي قومپرستن جهڙي طرح ڪالا باغ ڊيم جي اشو تي آواز اٿاريو کين هندو نياڻين واري مسئلي تي به اهڙي طرح ئي آواز اٿارڻ گهرجي.سنڌ اسيمبلي جي ميمبر پيتامبر سيوهاڻي چيو ته 9 3 9 1 ع ۾ رڪ اسٽيشن تي گولي هلائي هندن خلاف سازش ڪئي وئي، هزارين هندن کي ماريو ويو، سکر ۾ مندر ساڙيا ويا ۽ ڪراچيءَ ۾ 0 7  لک هندن کي ڀڃايو ويو، جنهن کانپوءِ ظلم جو سلسلو جاري آهي، هن چيو ته هندو برادري کي ٻين پارٽين ڏانهن وڃڻ بجاءِ متحد ٿي هڪ ئي پليٽ فارم تي پنهنجي حقن لاءِ آواز اٿارڻ گهرجي. هن چيو ته هن رينڪل معاملي سميت هندو برادري سان ٿيندڙ هر مسئلي تي آواز اٿاريو آهي ۽ هو يقين ٿو ڏياري ته هو هر پليٽ فرام تي هندو برادري سان ٿيندڙ ظلمن خلاف ويڙهه وڙهندو رهندو. ڪامريڊ ڄام ساقي چيو ته 2 1  يا 4 1  سالن جي عمر ۾ شادي ڪرائڻ جي ڪو به مذهب اجازت نه ٿو ڏئي. هن چيو ته هٿيارن جي زور تي مذهب مٽرائي ڇوڪرين کي ڌمڪيون ڏئي کانئن زبردستي پنهنجي حق ۾ بيان ورتا وڃن ٿا. هن چيو ته هندن جي ملڪيتن تي قبضا ڪرڻ لاءِ کين ڀڃائڻ جي سازش ٿي رهي آهي جنهن کي قبول نه ڪيو ويندو. سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي اڳواڻ دودو مهيري چيو ته رينڪل سان وڏو ظلم ٿيو آهي، هن عدالت ۾ پنهنجن مائٽن سان وڃڻ لاءِ رڙيون ڪيون تنهنڪري کيس جلد ئي مائٽن حوالي ڪيو وڃي. سنڌي عورت تنظيم جي اڳواڻ نظير قريشي چيو ته هر مذهب انسانيت دوستي جو درس ڏئي ٿو ۽ ڪنهن به مذهب ۾ ڪنهن کي به گهٽ نه ڄاڻايو ويو آهي، هن چيو ته پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ ان کي اسلامي رياست بڻائي هندو ۽ مسلمان ۾ فرق پيدا ڪيو ويو. هن چيو ته اسين فرقيواريت نه پر انسانيت دوست ماڻهو آهيون. هن چيو ته سنڌ ۾ علم جو بنياد وجهندڙ هندو آهن. سنڌ سورمي موومينٽ  جي اڳواڻ سحر رضوي چيو ته سنڌ جا هندو اصل ڌرتي ڌڻي آهن کين اقليت چوڻ ناانصافي آهي هن چيو ته هندو درياهه جا پوڄاري رهيا آهن. هن چيو ته عشق ۽ شادي هندو سان ڪري سگهجي ٿي ان لاءِ مذهب مٽرائڻ جي ڪا به ضرورت ناهي. هن چيو ته سنڌي هندو اسان جا ڀائر آهن سندن تحفظ ڪيو ويندو.سينيئر صحافي جي اين مغل چيو ته مسلمان ۽ هندو هڪ ئي قوم رهيا آهن ۽ سندن ڪلچر به هڪ ئي آهي سنڌ جي دانشورن ۽ قومپرستن کي اها ريسرچ ڪرڻ گهرجي ته هندن ۽ مسلمانن کي ڪهڙي سازش تحت الڳ ڪيو ويو.  انعام شيخ چيو ته پاڪستان ٺهڻ کان اڳ سنڌ انسان دوست سماج هو، پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ سنڌ کي مذهب جي نالي ۾ فسادن جي ور چاڙهيو ويو آهي. عوامي آواز جي نيوز ايڊيٽر اسد چانڊيو چيو ته هندن سان ٿيندڙ ظلم  سنڌ خلاف وڏي سازش آهي جنهن جو هاڻ حساب ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته هندن سان وڏو ظلم ٿي رهيو آهي، ڪشمور، ڪنڌڪوٽ ۽ جيڪبآباد ۾ مخصوص ٽولا هندو ٻارن ۽ نارين کي اغوا ڪري هندن کي ڌرتي ڇڏرائڻ چاهن ٿا. هن چيو ته صورتحال ان حد تائين خراب آهي جو هندن جا ٻار دوڪان تان شيءَ وٺڻ ۽ اسڪول به نٿا وڃي سگهن. هن چيو ته ڊاڙن هڻڻ ۽ تقريرن ڪرڻ بجاءِ عملي جدوجهد ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته چڪ ۾ ٽن ماڻهن کي ماريو ويو خوف وچان سندن وارث روئي به نٿا سگهن ۽ اسين پنهنجي ڀائرن جي واهر ڪرڻ لاءِ تيار ناهيون. هن چيو ته رينڪل معاملو پسند جو پرڻو نه هو پر کيس اغوا ڪري هٿيارن جي ڇانو ۾ سندس زبردستي مذهب مٽرايو ويو. رينڪل واضع طور پنهنجن مائٽن سان وڃڻ جو عدالت ۾ بيان ڏئي چڪي آهي.  کيس باحفاظت پنهنجي مائٽن حوالي ڪيو وڃي.پروفيسر اعجاز قريشي چيو ته تاريخ ۾ سنڌ امن جو گهوارو رهيو آهي پر ملڪ ٺهڻ کانپوءِ صورتحال خراب ٿي، جاگيردارن جي رٽ قائم ڪرڻ لاءِ مسئلا پيدا ڪيا ويا، سنڌ کي دٻڻ ۾ ڦاسائي ماڻهن کي ويڙهائڻ جي سازش ٿي. پروفيسر بدر سومرو چيو ته ماڻهو مذهب سان نه پر ماڻهون سان ماڻهو شادي ڪندو آهي ته پوءِ مذهب کي وچ ۾ ڇو آندو ويو. دليب دولتاڻي چيو ته پيار جو پرڻو ڪرڻ جي هو خلاف ناهن پر اغوا ڪري مذهب تبديل ڪرائڻ واري ناانصافي قبول نه ڪئي ويندي. جمعيت علماءِ اسلام جي اڳواڻ تاج محمد ناهيو چيو ته ڪو به مفتي جبري ڪلمو پڙهائڻ جي فتوه نٿو ڏئي ۽ ڪنهن کي به زبردستي مسلمان نٿو ڪري سگهجي، هن چيو ته سنڌ ۾ هندو برادري سان ٿيندڙ ظلمن خلاف اسيمبلين ۾ ويٺل هندو برادري جي نمائندن کي آواز اٿارڻ گهرجي. سماجي اڳواڻ مصطفيٰ بلوچ چيو ته هندن کي اسين اقليت نه پر سنڌ جو ڌرتي ڌڻي سمجهون ٿا هو اسان کان الڳ ناهن. هن چيو ته عشق جو مذهب سان ڪو به تعلق ناهي. عوامي جمهوري پارٽي جي اڳواڻ مختيار عباسي چيو ته هندو برادري سان پاڪستان ٺهڻ کان وٺي هڪ مخصوص ٽولي ظلمن جو سلسلو شروع ڪيو. هن چيو ته هندن سان ظلم ڪرڻ کين سنڌ ڇڏائڻ جي سازش آهي.ان موقعي تي ڪانجهي مل، ڊاڪٽر ٽريڪچند، ڊاڪٽر گلزار جماڻي، وهاب منشي، عطا محمد بلوچ، رخسانه ميرجت، حسن مسرت ۽ ايڊووڪيٽ جڳديش ڪمار پڻ خطاب ڪي

No comments:

Post a Comment