Pages

Labels

Sunday 1 April 2012

هندن سان ظلم خلاف لڳاتار جدوجهد جي ضرورت آهي، رنڪل سميت اغوا ٿيل نياڻيون والدين حوالي ڪريو: حيدرآباد اي پي سي

هندن سان ظلم خلاف لڳاتار جدوجهد جي ضرورت آهي، رنڪل سميت اغوا ٿيل نياڻيون والدين حوالي ڪريو: حيدرآباد اي پي سي




حيدرآباد(رپورٽ: امتياز چانڊيو) سنڌ جي سياسي، سماجي، قومپرست اڳواڻن، دانشورن، ليکڪن، اديبن ۽ هندو تنظيمن جي اڳواڻن چيو آهي ته سنڌي هندو سنڌ جا حقيقي وارث آهن، کين اقليت نه پر ڌرتي جا وارث يا سنڌي هندو سڏيو وڃي، رنڪل ڪماري ۽ ڊاڪٽر لتا ڪماري سميت اغوا ٿيل سنڌي هندو نارين کي بازياب ڪرائي والدين حوالي ڪيو وڃي، مذهب جي آڙ ۾ سنڌي هندن کي حراسان ڪرڻ بند ڪري سنڌ ۾ موجود غير مسلمانن کي جاني، مالي ۽ سياسي تحفظ فراهم ڪيو وڃي، مذهب تبديل ڪندڙن لاءِ قانون سازي ڪري کين پنهنجي ۽ اهو مذهب  جنهن کي هو اپنائي رهيو آهي، تنهن بابت کيس ڄاڻ جي سهولت ڏئي، فيصلي ڪرڻ جو اختيار ڏنو وڃي، هندو خاندانن جي شادين بابت قانون جوڙيو وڃي. ڪالهه سنڌ هيومن رائيٽس ڪائونسل پاران حيدرآباد پريس ڪلب ۾ گول ميز ڪانفرنس ڪوٺائي وئي. ڪانفرنس کي خطاب ڪندي سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته هندن کي اقليت وارو لفظ  ۽ احساس پنهنجي ذهن مان ختم ڪرڻ گهرجي، اقليت وارو لفظ قبولڻ وطن جي مالڪي تان هٿ کڻڻ ۽ پنهنجي وڏڙن جي تهذيب ۽ ورثي سان ناانصافي ڪرڻ برابر آهي. هن چيو ته هندن سان ٿيندڙ ظلم جي ذميوار هي رياست آهي، جڏهن سنڌ تي سنڌين جي مالڪي هئي، تنهن وقت سنڌ ۾ هندو ۽ مسلمان جو ڪو به فرق نه هوندو هو، هندو درگاهن ۾ دعا گهرندا هئا ۽ مسلمان مندرن ۾ چپل لاهڻ کان سواءِ داخل نه ٿيندا هئا. هن چيو ته اسان وٽ نياڻين لاءِ احترام آهي ۽ اسان جي نظر ۾ نياڻين جي عزتن تي حملو قوم جي غيرت تي حملي ڪرڻ برابر آهي. هن چيو ته هاڻ جڏهن اسان کان وطن جي مالڪي کسجي وئي آهي ۽ اسين غلام آهيون، تنهن وقت ئي هندن سان زيادتين جو سلسلو شروع ٿيو آهي ۽ ستن سالن جي معصوم نياڻين کي اغوا ڪري سندن زبردستي شاديون ڪرايون وڃن ٿيون. هن چيو ته سنڌين کي اسلام آباد جو غلام بڻايو ويو آهي، جنهن شخص کي بيگناهه ماڻهن کي مارڻ جي ڏوهه ۾ ڦاسي ملڻ گهرجي ها اهو اڄ سنڌ جو گورنر آهي ، ڊي سي ۽ ايس پي ڀنگ ڏئي ڌاڙيلن کان ماڻهو ڇڏرائين ٿا، اسان کي وطن جي وارثي ڪرڻي پوندي. عوامي تحريڪ جي صدر اياز لطيف پليجو چيو ته جيڪڏهن رنڪل اغوا نه ٿئي ها ۽ عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ آواز نه اٿارين ها ته هندو برادري تحرڪ ۾ نه اچي ها، جيڪو ٿئي پيو سو سٺو پيو ٿئي ڇو ته رنڪل جي اغوا سان اهو ثابت ٿيو آهي ته رنڪل هندو برادري جي عورتن لاءِ وڙهندڙ بهادر عورت ٿي اڳيان آئي آهي. هن چيو ته دنيا جو ڪو به مذهب ڪنهن کي به مارڻ جي اجازت نه ٿو ڏئي ۽ نه ئي ڪنهن مذهب ۾ ڪنهن عورت کي اغوا ڪري سندس مذهب مٽرائڻ جي اجازت مليل آهي. هن چيو ته هندو برادري کي پاڻ سان ٿيندڙ ظلمن بابت خاموش نه ويهڻ گهرجي نه رڳو رنڪل ۽ لتا وارو معاملو حل ڪرائڻ جي ضرورت آهي، پر هندن سان ٿيندڙ ظلم بابت لڳاتار جدوجهد جي ضرورت آهي. سنڌ جي اڳوڻي ايڊووڪيٽ جنرل محمد يوسف لغاري چيو ته جتي قانون جي حڪمراني نه هوندي آهي ۽ ادارا غلام هوندا آهن ، اتي ماڻهن سان ظلمن جو سلسلو وڌي ويندو آهي. هن چيو ته سنڌ ۾ قانون جي حڪمراني ناهي، تنهن ڪري ماڻهو بيوس بڻيل آهن، هتي اسٽبلشمينٽ ۽ وڏيرن جا قانون پيدا ٿيل آهن، ضلعا جاگيردارن جي اسٽيٽ بڻيل آهن، اهڙي صورتحال ۾ انصاف ملڻ مشڪل آهي. هن چيو ته هندن سان ٿيندڙ ظلمن بابت هر ڌر کي ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض چانڊيو چيو ته رياستي ادارا ۽ سنڌي قوم ٽڪراءَ ۾ آهي، سنڌي قوم کي غلامي خلاف بغاوت ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته اسٽبلشمينٽ سنڌ جي ماڻهن کي ذاتين ۽ برادرين ۾ ورهائي مذهبي باهه ٻاري ڇڏي آهي. هن چيو ته هتي جمهوريت ۽ مذهب جي نالي ۾ ماڻهن کي هيسايو ۽ لٽيو پيو وڃي. هن چيو ته رنڪل ڪماري سان وڏو ظلم ٿيو آهي، کيس زبردستي مذهب مٽرائي قيد ڪري سندس شادي ڪرائي وئي. هن چيو ته وطن پرست ماڻهن جو فرض آهي ته هو هندو ڀائرن مٿان ٿيندڙ ظلمن خلاف آواز اٿارين. سنڌ هيومن رائيٽس ڪائونسل جي اڳواڻ رميش گپتا چيو ته هندن جون ڇوڪريون اغوا ڪري وڪرو ڪيون پيون وڃن، سندن زبردستي مذهب مٽرايو وڃي ٿو. هن چيو ته سنڌ جي قومپرستن جهڙي طرح ڪالا باغ ڊيم جي اشو تي آواز اٿاريو کين هندو نياڻين واري مسئلي تي به اهڙي ئي طرح آواز اٿارڻ گهرجي. سنڌ اسيمبلي جي ميمبر پيتامبر سيوهاڻي چيو ته 1939ع ۾ رڪ اسٽيشن تي ڀڳت ڪنور رام مٿان گولي هلائي ڌرتي ڌڻي هندن خلاف سازش جو بنياد رکيو ويو، ورهاڱي کان پوءِ هزارين هندن کي ماريو ۽ لڏايو ويو، سکر ۾ مندر ساڙيا ويا ۽ ڪراچيءَ ۾ 70 لک هندن کي زوريءَ سنڌ مان تڙي ڪڍي ويو، جنهن کانپوءِ ظلم جو سلسلو جاري آهي. هن چيو ته هندو برادري کي ٻين پارٽين ڏانهن وڃڻ بجاءِ متحد ٿي هڪ ئي پليٽ فارم تي پنهنجي حقن لاءِ آواز اٿارڻ گهرجي. هن چيو ته هن رنڪل معاملي سميت هندو برادري سان ٿيندڙ هر مسئلي تي آواز اٿاريو آهي ۽ هو يقين ٿو ڏياري ته هو هر پليٽ فارم تي هندو برادري سان ٿيندڙ ظلمن خلاف ويڙهه وڙهندو رهندو. ڪامريڊ ڄام ساقي چيو ته  12 يا 14 سالن جي عمر ۾ شادي ڪرائڻ جي ڪو به مذهب اجازت نٿو ڏئي. هن چيو ته هٿيارن جي زور تي مذهب مٽرائي ڇوڪرين کي ڌمڪيون ڏئي کانئن زبردستي پنهنجي حق ۾ بيان ورتا وڃن ٿا. هن چيو ته هندن جي ملڪيتن تي قبضا ڪرڻ لاءِ کين ڀڄائڻ جي سازش ٿي رهي آهي، جنهن کي قبول نه ڪيو ويندو. سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي اڳواڻ دودو مهيري چيو ته رنڪل سان وڏو ظلم ٿيو آهي، هن عدالت ۾ پنهنجن مائٽن سان وڃڻ لاءِ رڙيون ڪيون آهن، تنهنڪري کيس جلد ئي مائٽن حوالي ڪيو وڃي. سنڌي عورت تنظيم جي اڳواڻ نظير قريشي چيو ته هر مذهب انسانيت دوستي جو درس ڏئي ٿو ۽ ڪنهن به مذهب ۾ ڪنهن کي به گهٽ نه ڄاڻايو ويو آهي. هن چيو ته پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ ان کي اسلامي رياست بڻائي هندو ۽ مسلمانن ۾ ويڇو وڌايو ويو. هن چيو ته اسين فرقيواريت  ۾ يقين نٿا رکون، اسين انسان دوست ماڻهو آهيون. هن چيو ته سنڌ ۾ علم جو بنياد وجهندڙ هندو آهن. سنڌ سورمي موومينٽ جي اڳواڻ سحر رضوي چيو ته سنڌ جا هندو اصل ڌرتي ڌڻي آهن، کين اقليت چوڻ ناانصافي آهي. هن چيو ته هندو درياهه جا پوڄاري رهيا آهن. هن چيو ته عشق ۽ شادي ڪنهن به مذهب جي محتاج ناهي، فرد ان سلسلي ۾ آزاد آهي. هن چيو ته هڪ دفعو ٻيهر سنڌ کي ورهائڻ جي سازش ٿي رهي آهي، سنڌ مزاحمت ڪندي، ڪراچي تي قبضو ٿيڻ نه ڏينداسين. سينيئر صحافي جي اين مغل چيو ته سنڌ جا مسلمان ۽ هندو هڪ ئي قوم رهيا آهن ۽ سندن ڪلچر به هڪ ئي آهي، سنڌ جي دانشورن ۽ قومپرستن کي اها تحقيق ڪرڻ گهرجي ته هندن ۽ مسلمانن کي ڪهڙي سازش تحت الڳ ڪيو ويو. انعام شيخ چيو ته پاڪستان ٺهڻ کان اڳ سنڌ انسان دوست سماج هو، پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ سنڌ کي مذهب جي نالي ۾ فسادن جي ورچاڙهيو ويو آهي. عوامي آواز جي نيوز ايڊيٽر  ۽ نامياري صحافي اسد چانڊيو چيو ته هندن سان ٿيندڙ ظلم  سنڌ خلاف وڏي سازش آهي، جنهن جو هاڻ حساب ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته هندن سان وڏو ظلم ٿي رهيو آهي، ڪشمور، ڪنڌڪوٽ ۽ جيڪب آباد ۾ مخصوص ٽولا هندو ٻارن ۽ نارين کي اغوا ڪري هندن کي ڌرتي ڇڏرائڻ چاهين ٿا. هن چيو ته صورتحال ان حد تائين خراب آهي، جو هندن جا ٻار دڪان تان شيءَ وٺڻ ۽ اسڪول به نٿا وڃي سگهن. هن چيو ته ڊاڙن هڻڻ ۽ تقريرن ڪرڻ بجاءِ عملي جدوجهد ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته چڪ ۾ ٽن ماڻهن کي ماريو ويو خوف وچان سندن وارث روئي به نٿا سگهن، پر اسين پنهنجي ڀائرن جي واهر ڪرڻ لاءِ تيار ناهيون. هن چيو ته رنڪل معاملو پسند جو پرڻو نه هو پر کيس اغوا ڪري هٿيارن جي ڇانو ۾ سندس زبردستي مذهب مٽرايو ويو. رنڪل واضح طور پنهنجن مائٽن سان وڃڻ جو عدالت ۾ بيان ڏئي چڪي آهي، کيس باحفاظت پنهنجي مائٽن حوالي ڪيو وڃي.پروفيسر اعجاز قريشي چيو ته تاريخ ۾ سنڌ امن جو گهر رهي آهي، پر ملڪ ٺهڻ کانپوءِ صورتحال خراب ٿي، جاگيردارن جي رٽ قائم ڪرڻ لاءِ مسئلا پيدا ڪيا ويا، سنڌ کي ڌٻڻ ۾ ڦاسائي ماڻهن کي ويڙهائڻ جي سازش ٿي. پروفيسر بدر سومرو چيو ته ماڻهو مذهب سان نه پر ماڻهو سان ماڻهو شادي ڪندو آهي ته پوءِ مذهب کي وچ ۾ ڇو آندو ويو. دليپ دولتاڻي چيو ته پيار جو پرڻو ڪرڻ جا هو مخالف ناهن، پر اغوا ڪري مذهب تبديل ڪرائڻ واري ناانصافي قبول نه ڪئي ويندي. جمعيت علماءِ اسلام جي اڳواڻ تاج محمد ناهيو چيو ته ڪو به مفتي جبري ڪلمو پڙهائڻ جي فتويٰ نٿو ڏئي ۽ ڪنهن کي به زبردستي مسلمان نٿو ڪري سگهجي، هن چيو ته سنڌ ۾ هندو برادري سان ٿيندڙ ظلمن خلاف اسيمبلين ۾ ويٺل هندو برادري جي نمائندن کي آواز اٿارڻ گهرجي. سماجي اڳواڻ مصطفيٰ بلوچ چيو ته هندن کي اسين اقليت نه پر سنڌ جو ڌرتي ڌڻي سمجهون ٿا، هو اسان کان الڳ ناهن. هن چيو ته عشق جو مذهب سان ڪو به تعلق ناهي. عوامي جمهوري پارٽي جي اڳواڻ مختيار عباسي چيو ته هندو برادري سان پاڪستان ٺهڻ کان وٺي هڪ مخصوص ٽولي ظلمن جو سلسلو شروع ڪيو. هن چيو ته هندن سان ظلم ڪرڻ کين سنڌ ڇڏائڻ جي سازش آهي. ان موقعي تي ڪانجهي مل، ڊاڪٽر ٽريڪچند، ڊاڪٽر گلزار جماڻي، وهاب منشي، عطا محمد بلوچ، رخسانه ميرجت، حسن مسرت ۽ ايڊووڪيٽ جڳديش ڪمار  ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.

courtecy - awami awaz

No comments:

Post a Comment