Pages

Labels

Friday, 9 March 2012

نياڻين جي اغوا ٿيڻ ڪري هندن هولي جا رنگ وساري ڇڏيا

نياڻين جي اغوا ٿيڻ ڪري هندن هولي جا رنگ وساري ڇڏيا


ڪراچي/سکر (نمائندن وٽان): سنڌ جي ڪيترن ئي شهرن ۾ هندن سان ناانصافين خلاف احتجاج طور هولي سادگي سان ملهائي وئي، جنهن ڪري هر سال رنگن سان ڀرپور رهندڙ بي رنگ نظر آيو. هندو برادري جي هزارين ماڻهن ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي احتجاج ڪيو. ان ڏس ۾ مليل رپورٽن موجب گهوٽڪي ضلعي جي ننڍن وڏن شهرن ۾ هولي جو تهوار سادگي سان ملهايو ويو. جڏهن ته ڪٿي به هولي جي  تقريب نه ملهائي وئي. جروار، ڏهرڪي، حيات پتافي سميت ضلعي گهوٽڪي جي ننڍن وڏن شهرن ۽ ميرپور ماٿيلو جي هندو برادري طرفان هولي جي خوشي واري ڏينهن تي ڪاروبار بند ڪري ٻانهن ۽ وات تي ڪاريون پٽيون ٻڌي هندو پنچائت جي مکي ڊاڪٽر نند لعل، ڊاڪٽر منشا رام، ڊاڪٽر ميهر چند جي اڳواڻي ۾ هندو پنچائت هال کان هڪ وڏي ريلي ڪڍي وئي. ڌرڻو هنيو ويو. ان موقعي تي هندو پنچائت جي اڳواڻن ڊاڪٽر نند لعل صحافين کي ٻڌايو ته اسان جي ناري رنڪل ڪماري کي هٿيارن جي زور تي اغوا ڪري بندوق جي زور تي مسلمان ڪرايو ويو آهي. ڇا هندو سنڌ جا رهواسي نه آهن. سڄي سنڌ ۾ هندن سان زيادتيون ڪيون پيون وڃن ۽ اسان جي نياڻي کي اغوا ڪري مسلمان ڪرائڻ بعد اسان کي ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن. پر اسان هندن سان ڪيترو به ظلم ڪيو وڃي پر سنڌ نه ڇڏينداسين. هنن مطالبو ڪيو ته چيف جسٽس آف پاڪستان رنڪل ڪماري مسئلي جو نوٽيس وٺندي رنڪل کي دارالامان موڪليو وڃي جيئن هو مرضي جو بيان ڏئي سگهي. ڪوهستان جي شهرن ٿاڻو بولا خان، ٿاڻو احمد خان ، مول، ٿاڻو عارب خان، ڪلو کوهر ۾ سنڌ جي ٻين علائقن جيان هندو برادري طرفان هوليءَ جو ڏڻ سنڌ ۾ هندو برادري سان ٿيندڙ ناانصافين خلاف احتجاج طور سادگيءَ سان ملهايو ويو. ننڍڙن ٻارڙن گهٽين ۾ هڪ ٻئي کي رنگ هنيو. ٻئي طرف هتان جي هندو پنچائت جي اڳواڻن پاران چيو ويو آهي ته سنڌ ۾ هندن سان وڌندڙ ناانصافين خلاف احتجاج طور اسان هولي جو ڏڻ سادگيءَ سان ملهايو آهي. هنن چيو ته هندن سان زيادتيون بند ڪيون وڃن، اسان هتي سنڌ ۾ پاڻ کي غير محفوظ سمجهون ٿا ۽ هڪ سازش تحت ٽارگيٽ ڪري اسان کي سنڌ مان لڏائڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن. هٿونگي ۾ اقليتي برادري پاران وڌندڙ بدامني ڇوڪرين جي اغوا خلاف هولي جي ڏينهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي شهيد چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي اقليتي اڳواڻن دادا ليکراج گوبند ۽ ٻين چيو ته هڪ سازش تحت سنڌ ۾ هندن سان زيادتيون ڪيون پيون وڃن. سکر ۾ چڪ جي هندن پاران قربانيءَ واري ڏينهن بيگناهه قتل ٿي ويل ٽن هندن جي سوڳ ۽ مک جوابدار گرفتار نه ٿيڻ تي هولي جو ڏڻ نه ملهايو ۽ مندر ۾ سرڳواسي ڊاڪٽر اجيت ڪمار، نريش ڪمار ۽ اشوڪ ڪمار لاءِ  پرارٿنا ڪئي. واضح رهي ته انصاف مان مايوس ٿي مقتولن جي وارثن گذريل مهيني وفاقي وزير غوث بخش مهر ۽ اڳوڻي صوبائي وزير مير منظور پنهور جي سربراهي ۾ آيل ٽياڪڙ قافلي کي مان ڏيندي فيصلي تي راضپو ڏيکاريو هو پر ان کان پوءِ ٽياڪڙي ڪندڙن مان ڪنهن به انهن سان رابطو نه ڪيو آهي. ان ڏس ۾ خبر پئي آهي ته مير منظور پنهور ۽ مير بابل ڀيي وچ ۾ معاملا طي نه ٿي سگھڻ سبب فيصلي جي تاريخ مقرر ٿي نه سگھي آهي.  هوڏانهن  ناانصافين جي باوجود مختلف شهرن ۾ هندن هولي جو ڏڻ نهايت جوش ۽ جذبي سان ملهايو. هولي واري ڏينهن کي يادگار بڻائڻ لاءِ هندن هڪ ٻئي مٿان رنگن جي برسات وسائي مٺايون ورهايون ويون ۽ مندرن ۾ پوڄا پاٺ ڪري ملڪ جي خوشحاليءَ لاءِ دعائون گهريون ويون. عمرڪوٽ ۾ سماجي تنظيم سامي فائونڊيشن ۽ عالمي تنظيم رائيٽ ٽو پلي پاران عورتن جي عالمي ڏينهن ۽ هولي جي تهوار جي موقعي تي هڪ گڏيل تقريب منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ عورتن جي وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. تقريب ۾ عورتن جي حقن توڙي مذهبي ڀائيچاري جي موضوع تي هڪ اسٽيج ڊرامي ۾ هندو مسلم ڀائيچاري کي اجاگر ڪندي مذهبي نفرتون پيدا ڪرڻ جي ڪردارن جي نندا ڪئي وئي. تقريب ۾ نوجوان فنڪارن ٿري ۽ مارواڙي گيت پيش ڪري داد حاصل ڪيو. تقريب کي خطاب ڪندي ناليوارن اديبن، شاعرن، صحافين، مهيش ڪمار، جعفر ميمڻ، مير حسن آريسر، ارباب نيڪ محمد، عبدالحليم سومرو، آپا جا نڪي ديوي ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته مذهبي ڏهاڙا گڏجي ملهائڻ سنڌ جي قديمي روايتن جو حصو رهيو آهي ۽ اڄ جي تقريب سنڌ جي ان روايتن کي زندهه ڪيو آهي. هنن چيو ته اسان کي سنڌ جي ان روايتن کي زندهه ڪرڻ لاءِ ان قسم جون تقريبون ڪرائڻ گهرجن. نئون ڪوٽ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مڪيش لوهاڻو، راجو مالهي، پرديپ لوهاڻو چيو ته اڄ اسان جو هي ڏينهن اسان لاءِ وڏي خوشي جو ڏينهن آهي. ضلعي ملير جي لانڍي جيل ۾ قيد هندستاني ماهيگيرن پڻ پنهنجي هندو مذهبي طور تي هر سال ملهائجندڙ هولي ڏڻ وڏي جوش ۽ جذبي سان ملهايو ان ڏڻ جي موقعي تي جيل سپرنٽينڊنٽ نظير حسين شاهه صحافين ۽ قيدين سان مخاطب ٿيندي چيو ته هر اُن ماڻهو کي جيڪو ڀل ڪنهن به مذهب سان واسطو رکندڙ هجي ان کي مذهبي طور پنهنجا ڏڻ ملهائڻ گهرجن جيڪي هر انسان کي پنهنجي طور ڏڻ ملهائڻ جي آزادي حاصل آهي. روهڙي ۾ جي ايم ڊي سوشل ويلفيئر روهڙي طرفان رام ديو مندر ڳوٺ صاحب خان جسڪاڻي علي واسڻ روهڙي ۾ غريب ٻارن ۾ ڪتاب ڪپڙا ۽ مٺايون ورهايون ۽ ايڊيشن جي رهنمائن اميتابچن عرف اميت ڪمار، پون ڪمار، ڪرشن لعل، رميش ڪمار جن خطاب ڪندي  چيو ته اسين خوشيءَ جي موقعي تي ڪوشش ڪري غريب ۽ مسڪين ٻارن کي ياد ڪندا آهيون. نئون ڪوٽ جي هندو ڪميونٽي سينٽر ۽ مندر پاڙي ۾ ينگ هندو پنچائت ۽ مهيشوري پنچائت پاران ٽن ڏينهن جي هولي تهوار جي پهرين ڏينهن ٽانڊن جي باهه ٻاري ان ٻاهران ڦيرا ڪڍيا ۽ خوشي جو اظهار ڪندي جهمريون هنيون. بوزدار وڏا ۽ آس پاس ۾ ٽالپر وڏا، نصير فقير جلالاڻي، ٻٻر وڏا ۽ ٻين ۾ اقليتي برادري پاران هولي ۽ ڌوڙيي جو ڏينهن انتهائي خوشي ۽ سادگي سان ملهايو ويو. نوجوانن هڪ ٻئي مٿان رنگ هاريا خوشي وچان جهمريون هنيون ٻئي طرف مينگهواڙ محلي ۾ مهاراج لعل ڏنو جي رهائش گاهه تي گڏجاڻي ٿي جنهن ۾ سنڌ اندر اقليتي برادري خلاف وڌندڙ ڪاررواين تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي صدر آصف علي زرداري کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو ويو. جساف جسمم جي سڏ تي مذهبي انتها پسندي کي روڪڻ ۽ هندو ڀائرن سان يڪجهتي طور مذهبي عيد هولي ملهائي وئي هولي جي ريلي دوران مڪيش ڪمار جي رهائشگاهه سوسائٽي تان نڪتي ۽ مختلف رستن کان ٿيندي گورنمينٽ ڊگري ڪاليج پهتي جتي اهو عهد ڪيو ويو ته سنڌ کي ڪنهن به مذهبي جنونيت جي ور چڙهڻ نه ڏنو ويندو. ۽ هندو ڀائرن جو مڪمل تحفظ ڪيو ويندو. ريلي سان گڏ جساف جسمم ۽ جيئي سنڌ متحده محاذ جسمم جا ڪارڪن گڏ هئا. هندن جي هولي تهوار ڏينهن تي ضلعي ٿرپارڪر جي چئني تعلقن مٺي، ڏيپلو، ننگرپارڪر، ڇاڇرو ۽ اسلام ڪوٽ ۾وڏي جوش ۽ جذبي سان ملهائي پئي وڃي. ان سلسلي ۾ مٺي شهر جي مختلف مندرن ۾ پوڄا پاٽ ۽ مندرن اڳيان هندو برادري خوشي ۾ هڪ ٻئي مٿان رنگ هاري جهمريون پائي جشن ڪري رهيا آهن جڏهن ته هندن تهوار هولي واري ڏينهن تي ضلعي ۾ عام موڪل ڪئي ويئي آهي. ڪوٽ غلام محمد شهر سميت مالهي ڳوٺ، گهمن ڪالرو ۽ ڍينگاڻ رستو ڪوٽ ميرس ڏهون ميل سميت مختلف ڳوٺن ۾هولي جي موقعي تي نوجوانن هڪ ٻئي تي رنگ هاري رقص ڪندي جهمريون هنيون. بدين ۾ هولي جي ريلي، امن رائس مل کان نڪرندڙ ريلي جي اڳواڻي پرڪاش ڪمار، نهيال ڪيسراڻي، ديا رام رستناڻي ۽ ٻين ڪئي. هنن ايوان صحافت آڏو هولي خوشي ۾ نعرا هنيا.

No comments:

Post a Comment