Pages

Labels

Wednesday 21 March 2012

سنڌ جي قومي وحدت ۽ رواداريءَ تي ٿيل تازو وارُ - Rinkal Story By Abdul Khalique Jonejo

سنڌ جي قومي وحدت ۽ رواداريءَ تي ٿيل تازو وارُ
عبدالخالق جوڻيجو
------------------------------------------
رنڪل، منهنجي ڀيڻ! تنهنجي شاديءَ جو پڙاڏو سڄي سنڌ ۾ گونجي رهيو آهي. پر تنهنجي اِها ڪهڙي شادي آهي جيڪا تنهنجي گهر وارن کي، تنهنجي امڙ کي، تنهنجي ڀائرن ۽ تنهنجي ڀينرن کي خوشيءَ جي کِل مهيا ڪرڻ بجاءِ رت جا ڳوڙها روئاري رهي آهي. تنهنجي فرشتن کان وڌيڪ مقدس ۽ متبرڪ ماءُ توکي زندگيءَ جون دعائون ڏيڻ بجاءِ تنهنجي زندگيءَ لاءِ دعائون گهُري رهي آهي، تنهنجي ڀائرن جي چهرن تي خوشي ۽ فخر جون ريکائون چمڪڻ بجاءِ ڏک، مايوسي ۽ بيوسيءَ جا ليڪا صاف نظر اچي رهيا آهن ۽ تنهنجون هم پلئه ڀينرون مينديءَ جي خوشبوءِ سان مهڪندڙ ڳيچ ڳائڻ جي بجاءِ وڇوڙي ۽ وِرهه جا آلاپ ڪڍي رهيون آهن.
نه رڳو هڪ چؤديواري اندر رهندڙ يا تنهنجا هم مذهب ڀاءُ ڀيڻ ڳوڙها ڳاڙي رهيا آهن پر سنڌ ڌرتيءَ جا ڄاوا ڪروڙين تنهنجا هم قوم، هم زبان ڀاءُ ڀيڻ به غم، فڪر ۽ افسوس ۾ وڪوڙيل آهن. تنهنجو گهر رڳو چند سئو والن تي انساني هٿن سان ٺهيل عمارت ناهي پر اٺونجاهه هزار چورس ميلن تي ڦهليل ۽ فطرت جي تخليق ڪيل سنڌ جي ڌرتي به تنهنجو گهر آهي. هنن گهر جي عزت ۽ وقار تي حملو ڪيو آهي، انهن تنهنجي پوتر پوتيءَ جي بي حرمتي ڪري سنڌ جي تهذيب ۽ تمدن جي تقدس کي داغدار ڪيو آهي پر اي منهنجي معصوم ڀيڻ! هن ڌرتيءَ تي اهو انياءُ پهريون دفعو ڪو نه ٿيو آهي. تاريخ تنهنجي ۽ منهنجي ماءُ سنڌ ڌرتي ۽ ان جي اولاد تي اهڙيون آزمائشون اڳ ۾ به آڻيندي رهي آهي. اڄ جڏهن مان توکي اغوا ڪندڙن جي بندوقن جا ٺڪاءَ ٻڌان ٿو تڏهن اڄ کان پورا تيرهن سئو سال اڳ ۾ هن ڌرتيءَ تي هلان ڪندڙ لٽيرن جي گهوڙن جي سنبن جا آواز منهنجي ڪنن ۾ گونجن ٿا جيڪي ان وقت به ائين ئي تو وانگر منهنجي معصوم ڀينرن ۽ هن ڌرتيءَ جي سونهن ديوين کي اغوا ڪري ويا هئا. مان جڏهن تنهنجي چوڌاري ’هٿياربند‘ جوابدارن جا ڊگها جلوس ڏسان ٿو تڏهن ’طاقتور‘ ٽولن جا اُهي قافلا منهنجي اکين آڏو گهمي رهيا آهن جن تنهنجي منهجي ڀينرن کي دمشق جي بازارن ۾ گهمائي انهن جي نيلاميءَ جا هوڪا ٿي ڏنا.
اڄ ڏينهن تائين مسلسل مذهب جي هٿيار سان مون کي (سنڌيءَ کي) مارڻ جون ڪوششون ٿينديون پيون رهن، وري وري منهنجي (قومي) وجود تي وار ٿيندا ٿا رهن. 65 سال اڳ ۾ به مذهب جي نالي تي تنهنجي منهنجي ٻنڌڻ کي ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي ۽ ان کانپوءِ به مختلف شڪلين ۾ ۽ مختلف طريقن سان ويري وار ڪندا رهيا آهن پر ماءُ جي ٿڃ جي طاقت کي اُهي ٽوڙي نه سگهيا آهن. بارود جي بوءِ سان ڀريل پر عقل کان خالي ذهنن وارن انهن ماڻهن کي خبر ڪانهي ته ماءُ جو اولاد سان رشتو ۽ ڀاءُ ڀيڻ سان ناتو ڪنهن به بم بندوق جي طاقت سان يا ڪنهن به مقدس نعري ۽ نظريي جي زور تي ٽوڙي نٿو سگهجي. ڪيترو به ڪنهن اولاد کي ان جي ماءُ کان دور ڪريو، انهن جي وچ ۾ ڪيتريون به ديوارون کڙيون ڪريو پر اهو ان ئي ماءُ جو اولاد رهندو. ڪنهن ڀاءُ کي قيد ڪرايو يا ڀيڻ کي اغوا توڙي قتل ڪرايو يا انهن جا نالا تبديل ڪري ڇڏيو پر اهي رهندا وري به ڀاءُ ڀيڻ، هن سڄي ڪائنات ۾ ڪا به اهڙي قوت ناهي جيڪا ان تعلق کي تبديل ڪري سگهي.
منهنجي پياري رنڪل! تنهنجي چوڌاري لوهي ديوارون کڙيون ڪيون ويون آهن جيئن توکي ڪير ڏسي نه سگهي ۽ تنهنجي چئوطرف هر وقت گولين جا گهوگهاٽ ڪيا پيا وڃن ته جيئن تنهنجي دانهن ڪنهن کي ٻڌڻ ۾ نه اچي پر مان تنهنجي روح جي رڙ ٻُڌي رهيو آهيان ۽ تنهنجي اندر جي آنڌ ماند محسوس ڪري رهيو آهيان (اهو ڀاءُ ڪيئن چئبو جو ڀيڻ جي اندر جي آهه تي ان جو جيءُ نه جهري) پر مان تنهنجو بدنصيب ڀاءُ هن وقت تنهنجي مدد نٿو ڪري سگهان جو مان پاڻ باندي بڻيل آهيان. مان غلاميءَ جي زنجيرن ۾ جڪڙيل آهيان. مهنجا هٿ پير انهن ذلت جي زنجيرن ۾ ٻڌل آهن. منهنجي چوڌاري به ’مقدس‘ جُبا پاتل بندوق باز پهرو ڏيئي رهيا آهن پر مون انهن جي بندوق جي دهشت ۽ ’مقدس‘ جُبن جي هيبت کان هار نه مڃي آهي، مون غلاميءَ کي قبول ناهي ڪيو، مون همٿ ناهي هاري. اهي غلاميءَ جا زنجير ٽوڙڻ لاءِ منهنجي جنگ جاري آهي. تون به همٿ نه هار جانءِ، تون به اُميد نه لاهجانءِ ڇاڪاڻ ته تنهنجو حوصلو انهن زنجيرن کي ٽوڙڻ ۾ منهنجي حوصلن کي وڌيڪ مضبوط ڪندو ۽ مون کي يقين آهي ته تون به پڪ سمجهه ته جڏهن مان غلاميءَ جي پنجوڙ مان آزاد ٿيس ته پوءِ ڪا به رنڪل اغوا ڪا نه ٿيندي ۽ سنڌ جي ڪنهن به نياڻيءَ جي، منهنجي ڀيڻ جي عزت بازارن ۾ نيلام نه ٿيندي.
آخر ۾ توکي هڪ ننڍڙي التجا ته جيئن تنهنجو نالو مٽائي دنيا کي ڌوڪو ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي آهي تيئن تون منهنجي نالي مان ڌوڪو کائي مون کي انهن حملي آورن جي ٽولي ۾ شمار نه ڪجانءِ. تنهنجي منهنجي ماءُ (سنڌ) ساڳي آهي. اهو رشتو ازل کان آهي ۽ ابد تائين رهندو. بعد ۾ ٿيل واقعا يا حادثا ۽ نالا، نعرا يا نظريا ان جي اهميت کي گهٽائي نه ٿا سگهن.
ٻيو حصو: وڏيرا ۽ پير
جيڪي وڏيرا ۽ پير انهن ڪڌن ڪرتوتن ۾ ملوث آهن اُنهن کي شايد اندازو ڪونهي ته اُهي ڪيڏي خطرناڪ راند کيڏي رهيا آهن. پنهنجي انتهائي خسيس مفادن خاطر سنڌ جي قومي تشخص ۽ بقا کي داءَ تي لڳائي رهيا آهن. اڄ کان اٽڪل مُني صدي اڳ ۾ به انهن ڪوتاهه نظريءَ جو مظاهرو ڪندي سنڌي قوم کي مذهب جي نالي تي تقسيم ڪيو ۽ پنهنجي ’ڪارنامن‘ ذريعي سنڌي قوم جي وڌيڪ ترقي يافته حصي کي ملڪ ڇڏڻ تي مجبور ڪيو. اڄ سنڌ جنهن خطرناڪ صورتحال کي منهن ڏيئي رهي آهي ۽ سنڌي قوم جيڪي ڀوڳنائون ڀوڳي رهي آهي اُهي انهيءَ انڪارِ وطن جي نظريي تي عمل ڪرڻ جو نتيجو آهن. انهن پيرن ۽ وڏيرن کي خبر ناهي ته قومي تشخص ۽ قومي ترقيءَ ۾ مڊل ڪلاس جو ڪهڙو ۽ ڪيترو رول هوندو آهي. پاڪستان ٺهڻ کان اڳ جي تاريخ تي ۽ سنڌ جي سماجي صورتحال تي رڳو سرسري نظر وجهن ته کين خبر پئجي ويندي ته سنڌ جي علم، ادب، سنڌي ٻولي ۽ سنڌ جي سياسي، سماجي ۽ اقتصادي اوثر ۾ سنڌي قوم جي مڊل ڪلاس سان واسطو رکندڙ انهن ماڻهن جو ڪردار ڪيترو اهم هئو جن کي تعصب جي تلوار سان ڪپي ڌار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي. هڪ طرف اُهي محبِ وطن ماڻهو هليا ويا ۽ ٻئي طرف انهن جي جاءِ تي جيڪي ’هم مذهب‘ آيا ۽ اڃا اچي رهيا آهن انهن سنڌ، سنڌي قوم ۽ سنڌي ماڻهن سان ڪهڙا ڪلور ڪيا آهن انهن جا داستان سنڌ جي سرزمين جي چپي چپي تي لکيا پيا آهن ۽ انهن جون ڪهاڻيون هر وڻ ۽ ٻوٽو ٻڌائي رهيو آهي. خود انهن پيرن وڏيرن سان انهن ڪهڙو ورتاءُ ڪيو آهي؟ جڏهن ’اسلامي مملڪت‘ جي ’مسلمان‘ وزيراعظم چيو ته سنڌين جي تهذيب اٺ ۽ گڏهه هڪلڻ واري آهي ته ڇا ان ۾ اهي ’اسلام جا داعي‘ سنڌي مسلمنان نه پيا اچي وڃن. اڄ به انهن جو اولاد کين وڏيرا ۽ جاگيردار چئي اسيمبلين اندر سندن منهن تي گاريون ٿا ڏين. اُتي ته اهي پاڻ کي معتبر سمجهندڙ سنڌي خاموش ٿا رهن پر واپس ڳوٺ وڃي پنهنجي پاڙي ۾ رهندڙ هم قوم ڀائرن تي پنهنجي بهادريءَ جو رعب ٿا ويهارين. مذهب تبديل ڪرائي جشن ملهائيندڙ پيرن ۽ مولوين کان مان اهو پڇان ٿو ته جيڪڏهن هندن يا عيسائين جي اڪثريت وارن ملڪن ۾ ائين ساڳي طرح مسلمانن کان مذهب تبديل ڪرايو وڃي ۽ مسلمانن جي ڇوڪرين جون هندن ۽ عيسائين سان شاديون ڪرايون وڃن ته ان تي توهان جو ڪهڙو ردعمل هوندو؟ ۽ جيڪڏهن توهان جي هتي ڪيل ’ڪارنامن‘ جي نتيجي ۾ دنيا جي ٻين ملڪن ۾ مسلمانن تي مصيبتون اچن ته ڇا ان کي توهان ’اسلام جي خدمت‘ چوندؤ؟ ميرن، پيرن، وڏيرن ۽ مُلن جي اهڙي ڪردار ڪري ئي سنڌ جي قومي رهنما سائين جي ايم سيد وري وري چيو ۽ لکيو ته انهن مان قوم جي ڀلائيءَ جي اُميد نه رکڻ گهرجي.
ٽيون حصو: سنڌ جا محب وطن ماڻهو
سنڌ جي قومي وحدت تي وار ڪندڙ ۽ قومي ڪردار کي داغدار ڪندڙ اها صورتحال سنڌ جي محبِ وطن ماڻهن لاءِ هڪ وڏو چئلينج پيش ڪري ٿي ۽ اهڙين فيصلي ڪن گهڙين ۾ ئي ماڻهن جي ڪردار جي پرک ٿيندي آهي. سائين جي ايم سيد مُني صدي اڳ ۾ ٿيندڙ مذهبي تفريق ۾ پنهنجي ادا ڪيل رول کي تسليم ڪيو ۽ سنڌ جي قومي تشخص ۽ ترقيءَ تي ان تفريق جي پوندڙ منفي اثرن جي اهميت کي نه رڳو پاڻ ئي اُجاگر ڪيو پر ان عمل جي نتيجن مان سبق حاصل ڪندي پنهنجي باقي سڄي عمر ان غلطيءَ جي ازالي ڪرڻ ۾ گذاري. سنڌ ۾ سيڪيولرازم لاءِ بي مثال، بي انت ۽ جان جوکم ۾ وجهندڙ جدوجهد ڪندي ۽ سنڌ کي غلاميءَ مان نجات ڏياري خودمختيار ۽ خوشحال قوم جي حيثيت ڏيارڻ لاءِ جاکوڙيندي هو چوندو هئو ته ”مان تجربا ڪري، هٿ ساڙائي ان نتيجي تي پهتو آهيان.“ ڇا اسان سنڌين، خاص ڪري قومپرستن ۽ وڌيڪ خاص ڪري سيد سان وابستگي رکندڙ قومپرستن ان ماضيءَ جي تلخ تجربي مان ڪو سبق سکيو آهي؟ جي ها، سکيو آهي ته ان جي عملي اظهار لاءِ قومي تاريخ جي هيءَ هڪ اهم گهڙي آهي. اسان کي پنهنجو ۽ پنهنجي عملي ڪردار جو جائزو وٺڻ کپي. ڪٿي ائين ته ناهي ته اسان سنڌ جي قومي بقا ۽ نجات جي ڳالهه ڪندي ڪندي شعوري طرح يا لاشعوري طور قومي وحدت کي پرزا پرزا ڪندڙ انهن پيرن ۽ وڏيرن جا ساٿي ٿا بڻجون؟ ائين ناهي ته اسان وقتي مفادن خاطر يا بي خبريءَ ۾ انهن پيرن ۽ وڏيرن جي اوطاقن تي ٿيندڙ انهن جرڳن جو حصو ٿا بڻجون جتي سنڌ جي نياڻين جون عزتون نيلام ڪيون وڃن ٿيون ۽ انهن جي زندگين جا سودا ڪيا وڃن ٿا؟  موجوده صورتحال اسان کان تقاضا ڪري ٿي ته اسان گهٽ ۾ گهٽ پنهنجي انهن روين ۽ لاڙن تي نظرثاني ڪريون. جڏهن اسان چوندا آهيون ته ”قومي ڀلائي ان ۾ آهي ته سڀ سنڌي گڏ ٿي وڃون“ يا ”تنقيد ڪندڙ ۽ اختلافِ راءِ رکندڙ قوم دشمن آهن“ يا طبقاتي مفادن جي ڳالهه ڪرڻ قومي ٻڌيءَ جي نقصان پهچائڻ آهي.“ اسان ڏسون ته قومي نجات جي جنگ ۾ ڪهڙن ماڻهن، ڪهڙن گروهن ۽ ڪهڙن طبقن جو ڪهڙو ڪردار آهي. صحيح ۽ غلط، سچ ۽ ڪوڙ ۾ فرق ڪرڻ گهرجي ۽ ان جو اظهار پنهنجي عمل سان ڪرڻ گهرجي.
آخري لفظ حڪمران پيپلزپارٽي لاءِ: ان جا اسيمبلي ميمبر زبردستي مذهب تبديليءَ خلاف قدم کڻڻ بجاءِ مطالبا ٿا ڪن جڏهن ته ٻئي طرف اهي ’ڪارناما‘ سرانجام ڏيندڙ به سندن ئي پارٽيءَ جا ’معزز‘ ميمبر آهن
khaliquej@hotmail.ccom

No comments:

Post a Comment