رنڪل ڪماري: سنڌ جي جون آف آرڪ
ڊاڪٽر ارباب کهاوڙ
-------------------------------------------
پنج سؤ سال اڳ جي ڳالهه آهي، جنهن تي مشهور آئرش ڊراما نويس، برنارڊشا هڪ ڊرامو به لکيو آهي ته فرانس جي هڪ ويهن سالن جي ڇوڪري، جيڪا ڌراڙ هئي، فرانس جي سرحدي علائقي ۾ مال چاري رهي هئي ته هُن ڏٺو ته انگريزن جي فوج فرانس جي سرحد ٽپي ملڪ جي اندر داخل ٿي رهي آهي ۽ اندر ڌوڪيندي ٿي اچي. ڇوڪريءَ ڇا ڪيو جو مال کي اتي ڇڏي، پنهنجي پوري طاقت ان ڊوڙندي بادشاهه جي درٻار ۾ پهچي وئي. بادشاهه ان وقت پنهنجي درٻار ۾ هو. سندس درٻار ۾ وزير، امير امراءَ ۽ فوجي ڪمانڊر به ويٺل هئا. ڇوڪري سهڪندي، پراعتماد نموني، بهادري ۽ حوصلي سان تقرير ڪندي بادشاهه کي آگاهه ڪيو ته، ”مان پنهنجين اکين سان ڏسيو ٿي اچان ته انگريز فوجون فرانس جي سرحد ۾ داخل ٿيون آهن. اوهان جا هي درٻاري ۽ جنرل بيخبر ۽ بزدل آهن، اهي ملڪ جي حفاظت ڪري نه سگهندا. بادشاهه سلامت کي گذارش آهي ته فوج جي ڪمان منهنجي حوالي ڪري ته مان حملو ڪندڙ فوج سان مقابلو ڪري، ان کي شڪست ڏيان ۽ ملڪ جي آزاديءَ جي حفاظت ڪيان.“ بادشاهه ڇوڪريءَ جي بيباڪي ۽ بي ڊپائي سان گڏ پراعتماد شخصيت کان متاثر ٿي پنهنجي فوج جي ڪمان سندس حوالي ڪئي.
ان ڇوڪري جو نالو جون آف آرڪ (Joan of Arc) هو. لڙائي هلندي رهي. (جون آف آرڪ جي هيءَ لڙائي فرانس ۽ انگريزن جي وچ ۾ هڪ سؤ سالن تائين هلندڙ لڙاين جي سلسلي جي هڪ ڪڙي هئي) انگريز جنرل اڳهين جون کان خوفزده هئا ۽ ان کان نفرت به ڪندا هئا، پر جڏهن لڙائي آزادي پسندن (فرينچن) جي فائدي ۾ رخ ڪري رهي هئي ته فرينچ جنرل به ساڙ ۽ حسد کان جون Joan جي اندروني طرح خلاف ٿي ويا ۽ انگريزن سان ملي ويا، نه رڳو انگريزن سان ملي ويا، پر پنهنجي پادرين کان فتويٰ جاري ڪرائي ته جون آف آرڪ ڇوڪري ناهي پر ڏائڻ آهي. فرينچ جنرلن جيڪو آخري ڪارنامو ڪيو سو هيءَ هو ته جون کي گرفتار ڪري ان کي انگريزن جي حوالي ڪري ڇڏيو.
انگريز حملي آورن جون تي ڪيس هلايو، پادري گهرايا ويا، جج صاحب اچي ويا، فرينچ ۽ انگريز جنرل به ويٺا. سڀني ڌرين فيصلو ڪيو: فرينچ ۽ انگريز جنرل بيان ڪيو ته هيءَ جيڪا ڇوڪري لڙائي ٿي ڪري، اهو ڪم سندس ناهي. تنهن ڪري اها ضرور ڏائڻ هوندي. پادرين فتويٰ ڏني ته ”اهو سچ آهي ته ڇوڪريون لڙائي نه ڪنديون آهن، تنهن ڪري جون ضرور ڏائڻ هوندي ۽ ڪليسيا جي تعليم مطابق ڏائڻ جي سزا موت آهي.“ جج صاحب اهي رايا ٻڌي فيصلو ڏنو ته، ”جون کي قتل ڪري ان جي لاش کي ساڙيو وڃي.“
جون آف آرڪ پنج سؤ سالن تائين نه رڳو انگريزن لاءِ پر فرينچن لاءِ به ڏائڻ هئي. پهرين مهاڀاري لڙائيءَ کان ڪجهه سال اڳ فرانس پنهنجي عظيم نياڻي کي ٻيهر بحال ڪيو. پادرين ججن ۽ جنرلن جي فيصلي کي رد ڪندي چيو ته، ”جون آف آرڪ شهيد آهي. محب وطن ۽ آزاديءَ جي ويڙهاڪ آهي.“
برنارڊشا جون آف آرڪ جي زندگيءَ تي هڪ ڊرامو به لکيو آهي. جون جي حياتيءَ تي ڪيترائي ڪتاب لکيا ويا آهن ۽ ان تي شاعري به ڪئي وئي آهي. ڊرامي جي پڄاڻي ۾ برنارڊشا عالم برزخ (موت کان پوءِ وارو جهان) جو ذڪر به ڪري ٿو، چوي ٿو ته: ”عالم برزخ ۾ فرينچ ۽ انگريز جنرل ويٺا آهن، انهن سان گڏ اهي پادري ۽ قاضي به ويٺا آهن، جن جون کي ايڏي وڏي سزا ڏني هئي، انهن سان گڏ جون به ويٺي آهي. جون آف آرڪ کي جنرل چون ٿا ته، ”جون ڏس، توکي گرفتار ڪري، فتويٰ ڏئي، قتل ڪري تنهنجي لاش کي اسان ساڙي به ڇڏيو، ان ۾ اسان کي چند ڪلاڪ لڳا، پر تنهنجي بحاليءَ ۾ پنج صديون لڳي ويون آهن.“ ڪوڙ برابر ڪلاڪن ۾ ڀنڀٽ ڀڙڪائي سگهي ٿو، پر سچ کي سچ ثابت ڪرڻ ۾ صديون لڳي وڃن ٿيون. مڃون ٿا ته جون آف آرڪ جي بحالي ۾ پنج صديون لڳي ويون پر اڳتي الائي ڪيترين پنجن صدين تائين پنهنجن آدرشن ۽ قرباني سبب جون فرينچن ۽ سڄي دنيا جي انسانن کي اُتساهيندي رهندي.
رنڪل ڪماري سنڌ جي جون آف آرڪ آهي. اها سنڌ جي مذهبي سهپ ۽ رواداري لاءِ ويڙهه وڙهي رهي آهي. برنارڊشا اهو به چيو هو ته ”غلام قوم جي هر مسئلي جي پٺيان سياست ضرور هوندي آهي. سنڌ هن وقت پنهنجي جياپي ۽ آجپي لاءِ جنگ جوٽيو بيٺي آهي. اها جنگ گهڻ طرفي آهي. اسان وٽ ڪي مدرسا ۽ درگاهون شدت پسندي، جنون ۽ نفرت جي نه رڳو پرچار ڪن ٿا، پر پنهنجن عملن سان انتهائي قدم کڻڻ لاءِ تيار آهن، پر سنڌ جو تاريخي ڪردار سرچاءُ ۽ رواداري وارو آهي. مخدوم بلاول کان لطيف سائين تائين، دودي کان سورهيه بادشاهه تائين سنڌ جو پيغام ۽ عمل انسانيت، سهپ ۽ رواداري وارو آهي. هن وقت سنڌ جي قومي تحريڪ جنهن مرحلي تي بيٺل آهي، ان ۾ سڄي دنيا سنڌ جي ان ڪردار کي واکائي رهي آهي ته سنڌ مذهبي جنون ۽ دهشتگردي جي سمنڊ ۾ امن ۽ ڀائيچاري، سهپ ۽ رواداري جو سرسبز ٻيٽ آهي.
سنڌ جي عالمن ۽ دانشورن، نوجوانن ۽ سياسي ڪارڪنن کي اهو به سوچڻو پوندو ته ”واڳ ڌڻين(Establishment) ۽ انهن جون ايجنسيون اهو برداشت ڪنديون ته دنيا ۾ سنڌ ۽ سنڌين جي سڃاڻپ جمهوري روادار ۽ امن پسند قوم واري هجي؟ هڪ رنڪل ناهي، هيءُ ڪو اوچتو، اڪيلو ۽ الڳ ٿلڳ واقعو ناهي. اخبار رپورٽن مطابق ٽن مهينن ۾ اسان جون 27 نياڻيون اغوا ڪيون ويون آهن. هندو ۽ مسلمان جو سوال به ناهي، بيوس سنڌين کي کنڀيو وڃي ٿو. نياڻين ۽ ڀينرن جي زوري شادي ڪرائي وڃي ٿي، مردن کان ڀنگ ۽ تاوان ورتو وڃي ٿو، انهن کي قتل ڪيو وڃي ٿو، سندن ملڪيتن تي قبضا ڪيا وڃن ٿا. رپورٽون اهي به آيون آهن ته رات جو 2 وڳي کانپوءِ رنڪل کي گهران کنڀيو ويو آهي. ڪورٽ ۾ پيشي وقت هٿياربندن جا اخبارن ۾ ڦوٽو ڇپيا آهن. بي حيائي جي حد اها آهي جو رنڪل جي بدلي چار نياڻيون ٻيون اغوا ڪرڻ جي عالم سڳورا ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن.
هيءَ هڪ منظم ۽ سوچيل سمجهيل سازش آهي. هيءَ هڪ جنگ آهي، جيڪا مذهبي جنونين پنهنجن آقائن جي اشاري تي رواداري سنڌ تي مڙهي آهي. جيئن حڪمران سڄي دنيا ۾ پڙهو ڏيندا وتن ته سنڌي به جنوني آهن، نه رڳو جنوني آهن پر نياڻين کي کنڀڻ جهڙا نيچ ڪم به ڪن ٿا.
هن وقت سڄي دنيا ۾ سنڌي رهن ٿا. سازشي ڌريون سڄي دنيا ۾ رهندڙ سنڌين ۽ انهن جي خير خواهن کي اهو ڏيکارڻ ٿا گهرن ته سنڌين جو اصل چهرو اهو اٿوَ. اهڙن عنصرن سنڌ جي قومي تحريڪ جي پٺ ۾ خنجر هڻي ڪڍيو آهي.
هيءَ هڪ نياڻي جي اغوا جو مسئلو ناهي. 27 نياڻين جو مسئلو آهي. ٻن سوچن ۽ فڪرن جي ٽڪراءَ جو مسئلو آهي. هڪ طرف آهي انتهاپسندي ۽ ٻئي طرف آهي انسانيت ۽ سهپ. انتهاپسند مڪمل طور تي تنهائي ۽ اڪيلائي Isolation جو شڪار آهن. عام مريدن کي سوچڻو پوندو ته انهن کان پيري مريدي جي آڙ ۾ ڪهڙا ڪم ڪرايا وڃن ٿا. نياڻين جي اغوا ۾ شريڪ ٿيڻ سنڌي غيرت سان مطابقت نه ٿي رکي.
cortecy -
http://www.dailyibrat.com/
No comments:
Post a Comment