Pages

Labels

Thursday, 22 March 2012

’مذهبن مُلڪ ۾ ماڻهو منجهايا‘ - سرمد


’مذهبن مُلڪ ۾ ماڻهو منجهايا‘
سرمد
---------------------------------------------------
”هو نه سمجهندا ۽ هو ڪجهه سمجهڻ جي مستحق به نه آهن.“  (دوستو وسڪي)
مذهبي زرهه پاتل مسلمان ميان مٺو جي روپ ۾ هجن يا بال ٺاڪري جي روپ ۾؛ خوف ۾ ورتل  اهي هندو اڳواڻ جيڪي لڏپلاڻ جون ڳالهيون ٿا ڪن، اهي ڇو نه ٿا بستر مرگ تي پهتل سوڀي گيانچنداڻي جي زندگيءَ جو مثال وٺن؟ سوڀو گيانچنداڻي جنهن کي اياز سنڌ جي مٽي، ڌُڌڙ ڌوڙ  ڀڀوت ۽ ويندي قلندر سان ڀيٽيو هو، اڄ زندگيءَ جي پوين لمحن سان وڙهي رهيو آهي.
هونئن پاڻ جنهن قبيلي جا آهيون اتي ماڻهو جو ديس ماڻهو جي دل ۾ هوندو آهي ۽ جاگرافيائي حدون ان جي آڏو حائل نه هونديون آهن. پر ديس ڪڏهن ويڻ به ٿيو وڃن ته ڪڏهن سيڻ به پير جهليو بيهن ته ڪڏهن ڪائي گهٽي ماڻهو جي پير جي پڻيءَ ۾ مٽيءَ جيان چهٽيو وڃي. ڪٿي بارشون سرحدن کان وڌيڪ طاقتور ترين احساس ۾ جڪڙيو ڇڏين ته ڪڏهن ڪي زخم روح کي ول جيان وڪوڙيو ڇڏين. نه ته سوڀو ايئن ته نه رهيو هو هتي ۽ سوڀي جيان اهڙا ڪيئي ماڻهو جن جو نالو ڪنهن کي ياد به ناهي.
اسان جي هڪ سنگي ساٿيءَ جي سرڳواسي ڀاءُ سنڌ مان لڏي وڃڻ واري سوال تي چيو هو ته جي سنڌ ۾ رهڻ لاءِ شرط مسلمان ٿيڻ آهي ته پوءِ هو مسلمان ٿيڻ لاءِ به تيار آهي پر سنڌ ڇڏڻ لاءِ تيار نه آهي. مذهب کي پنهنجي هر طرح جي مفاد لاءِ استعمال ڪرڻ وارن ڇا ڪڏهن ان ان ڳالهه تي سوچيو آهي؟ مذهب ماڻهو جيwill  آهي، مرضي آهي ۽ مذهب جبر جو نالو نه آهي. ڪاش مذهبي ڪانٽريڪٽر پوءِ اهي ڪهڙي به مذهب سان واسطو رکندڙ هجن اهو ڇو نه ٿا سمجهن ته زبردستي سان ته هٿن تي ميندي به نه لڳندي آهي.
اسان پنهنجي پاڻ کي انهي ڪاروبار کان ڪيترو نه بچائي رکيو هو. اڄ انهي ورثي کي اکوڙڻ پويان اسان پاڻ پئجي ويا آهيون. مذهب جي ڪسوٽي تي اسان ڪڏهن  پاڻ کي پرکيو هو. نياڻي نياڻي هوندي آهي پوءِ اها هندو هجي يا مسلمان. پر  اسان هڪ تنگ لڪير ڪڍڻ طرف وڌي رهيا آهيون. اسان جو وڙ اهو نه هو جيڪو اڄ اخبارن جي زينت بڻيل آهي. اسان هر قسم جي فتني کان ڀڄندڙ اڄ چند شرپسندن جي ور چڙهي ويل لڳون ٿا.
مون کي معلوم نه آهي ته گهڻو تڻو پنهنجو سيڪيولر چهرو بچائيندڙ سنڌي ميڊيا کان هنن ئي ڏيهاڙن ۾ راج ڪمار وارو اشو ڇو لئه مٽ ٿي ويو آهي. اسان مان جيڪي رنڪل جي مرضي ۽ پسند جي ڳالهه ڪن ٿا انهن کي ٿورو ان طرف به ڌيان ڏيڻ گهرجي ته راج ڪمار هڪ مسلمان ڇوڪري سان محبت ۾ پنهنجو مذهب بدلايو پر سيد گهراڻي جي وارثن مسلمان ٿيڻ باوجود راج ڪمار کي قبول نه ڪيو ۽ ان کي لاڪپ حوالي ڪري ڇڏيو. مذهبي فاشزم ٻيو ڇا ٿيندو آهي؟
انڊيا ۾ ڪراس مئريجز تي ڦڏو فتنو نه ٿو ٿئي جو انهن جو آئين سيڪيولر آهي. اسان جو آئين ان تي خاموش آهي. پاڪستان کي سيڪيولر بنائڻ لاءِ ضروري آهي ته پهرين اسان پنهنجي آئين کي سيڪيولر ڪرڻ لاءِ ترميمون ڪيون. تاريخ جي ڀونڊي مشڪري اها آهي ته پاڻ وارو سڳورو آئين پاڪستان جي انتهائي لبرل، مغربي تعليم يافتا ۽ ڊيموڪريٽڪ سيڪيولر ليڊر ذوالفقار علي ڀٽو جو جوڙايل آهي ۽ هن ئي سڀ کان وڌيڪ ترميمون ڪري ان کي آهستي آهستي ٿيوڪريسيءَ ڏانهن ڌڪي ڇڏيو. 77ع ۾ احمدين کي غير مسلم اقليت قرار ڏيڻ ۽ داورن تي پابندي پڻ ان ۾ شامل آهي. ان لاءِ مولوين ڀٽو جو گهيرو تنگ ڪيو يا ڪي ٻيا سبب هئا پر ملن ۽ ملٽري کي ان ۾ گهڻي هٿي مليل آهي. اهو سيڪيولر آئين نه آهي.
ننڍو کنڊ به عجيب آهي. دارا ۽ اورنگزيب ڀائر هئا پر فڪري طرح ايترو پري جو اورنگزيب پنهنجي ئي ڀاءُ جو سر ذبح ڪرائي ٿو. اتي اڪبر دي گريٽ به پيدا ٿئي ٿو جيڪو بيحد لبرل ۽ سيڪيولر آهي. ڇا جناح صاحب جي سيڪيولر ۽ لبرل هجڻ باوجود ڪا شاهدي بچي ٿي جو پوءِ اهو ئي شخص هو جنهن مذهب جي بنياد تي مسلمانن لاءِ نئين رياست جي ڳالهه ڪئي؟ هو آخر تائين گڏيل هندستان لاءِ ضامن ۽ ڪوشان رهيو پر هو مسلمانن جي حقن جي ڳالهه ڪري پاڻ کي مسلمانن جو اڳواڻ مڃرائي چڪو هو. سر سيد جي ٻه قومي نظريي جي هن نفي نه ڪئي هئي. هو مولانا ابوالڪلام آزاد نه هو جيڪو ٻن طرفن جي انتهاپسنديءَ سان وڙهي رهيو هو. هڪ پنهنجي ئي هم مذهبن جي ۽ ٻيو هندو ڪٽرپڻي واري انتها سان. پر هن وٽ گڏيل هندستان وارو تصور چٽو هو ۽ مذهب جي بنياد تي رياست جي قيام کي هن غيرفطري ٿي سمجهيو. پر هن دورانديش اسڪالر ۽ سياسي ۽ مذهبي اسڪالر جي ڳالهه ڪنهن نه ٻڌي. تاريخ مولانا ابوالڪلام آزاد جي تاريخي اڳڪٿيءَ کي صحيح ثابت ڪري مهر ثبت ڪري چڪي آهي. ننڍي کنڊ جي انڌياري رات ۾ آزاد جهڙا ماڻهو جگنو وانگر زنده رهڻا آهن.
سنڌ جي صوفياڻي ڪلچر ۾ مذهبي ڪٽرپڻي جي گنجائش گهٽ هئي. ’مذهبن ملڪ ۾ ماڻهو منجهايا،‘ اهو فڪر ڦرهي هو جيڪو سنڌين کي درازا جي سرمست ڏنو هو. سنڌ جون درگاهون صوفي ڪلچر جون سارابان يونيورسٽيون آهن ۽ اهي درگاهون جيڪي مذهبي ڀيد جون پِيرُو آهن اهي اٽي ۾ لوڻ برابر آهن ۽ انهن مان به تمام ٿورا آهن جن پنهنجي ڪاروبار کي مچائڻ لاءِ ان قسم جي ڌنڌي تي لهي آيون آهن. پر سنڌ جي مزاج کي ٺهڻ ۾ هزارين سالن جو تمدن شامل آهي. درياهه جو پاڻي ۽ مٽي سندن جڙن ۾ سمايل آهي. ان ڪلچر کي ختم ڪرڻ گهڻو گهڻو مشڪل آهي.
وچ تي جيڪي واقعا ٿيا آهن اهي ڌنڌوڙي ڪرائين پيا. انهن کي سمجهڻ ۽ پرکڻ جي ضرورت آهي. پورا 64 سال توهان ماڻهن کي نشر و اشاعت ذريعي، آمريتن ذريعي، تبليغ ذريعي ۽ ويندي سياست ذريعي زهر آڇيو آهي. ضياءَ جي سڄي دور ۾ هندو معنيٰ را جو ايجنٽ، هندستان اوهان جو وڏي ۾ وڏو دشمن، جهاد ۽ هٿياربند نرسريون شهر شهر چونڪ چونڪ تي پکيڙيون ويون،  ان جو نتيجو ڪو ته نڪرڻو هو.
سنڌ ۾ رڳو مذهبي فيڪٽر جي ڪري اهو نه پيو ٿئي ۽ نه اهڙين جبري يا مرضيءَ وارين شادين پويان مذهب واحد عنصر آهي. پر اهو هڪ ڪاروبار آهي جنهن  کي فروغ ڏنو پيو وڃي. سنڌ جي عام سوسائٽي ان جي ڪنهن به صورت ۾ حمايت ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي. ڪنهن به عام سنڌيءَ سان ملو هو اوهان کي ان لاڙي جي نفي ڪندي ملندو. هاڻي اسان جي سياسي جماعتن ۽ سول سوسائٽي جي حلقن کي اهو ڪرڻو آهي ته ان کي materialize ڪرڻو آهي، ان کي گڏيل شڪل ڏيڻي آهي.
ڪجهه ماڻهو ۽ ڪجهه گروهه هوندا آهن جيڪي باهه مچائيندا آهن ۽ باهه سان کيڏندا آهن ۽ گهڻائي جيڪا ان جي خلاف هوندي آهي پر ان باهه ۾ پوڻ نه چاهيندي آهي، اسان جي باشعور ڌرين کي ان صورتحال کي استعمال ڪرڻ بجاءِ وسائڻ لاءِ ڪوشش ڪرڻ گهرجي.
 اهو احساس ته رنڪل يا آشا هندو نه پر اسان سماج جي برابر جي شهري، ديس واسڻ آهي ۽ جي هنن جي روح کي ڪا رهڙ آئي ته اها گڏيل ساڃاهه کي رهڙ هوندي، اسان جي ورثي جو سڄو پوتاميل اهو ئي آهي.
لطيف جي ويجهو سڀني کان وڌيڪ وڳنڌ ۽ تمر هوندا هئا. لطيف، سچل، بيدل ۽ بيڪس سنڌ جو ورثو آهن. اسان جي مذهبي ۽ سماجي رواداري ۽ برابري جي علامت آهن. ڪير ان ورثي ۽علامت کي ڪرٽ ڪيئن ٿو وجهي سگهجي؟ اها ڳالهه شاعراڻي سهي پر انهن گروهن جي سمجهڻ لاءِ آهي جيڪي سنڌ ۾ باهه ٻارڻ واري ڌنڌي سان لڳل آهن. ڇا، دوستوسڪيءَ جي لفظن ۾، هو اهو سمجهڻ جي مستحق به آهن؟
sarmd2012@gmail.com

Ibrat Article


No comments:

Post a Comment