رنڪل ڪماري، ڊاڪٽر لتا ۽ پوجا ديوي کي 26 مارچ تي سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم
اسلام آباد (م ڊ): سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس، جسٽس افتخار محمد چوڌري سنڌ ۾ هندو نياڻين جي اغوا بابت درخواست تي رنڪل ڪماري، ڊاڪٽر لتا ۽ پوجا ديوي کي 26 مارچ تي سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. سنڌ مان هندو نينگرين جي اغوا بابت سپريم ڪورٽ ۾ پاڪستان هندو ڪائونسل طرفان 2007ع کان درخواست جمع ڪرايل هئي، جنهن بابت ڊاڪٽر رميش لال پنهنجي وڪيل اڪرم شيخ سميت سپريم ڪورٽ ۾ پيش ٿي چيف جسٽس جو ڌيان پنهنجي درخواست ۽ سنڌ ۾ هندو نارين جي وڌي ويل اغوا واقعن طرف ڏياريو. ان موقعي تي موقف اختيار ڪيو ويو ته مختلف واقعن ڪري سندن جا هندو عدم تحفظ جو شڪار آهن.

No comments:
Post a Comment